وزيراعظم جي ٽرمپ سان ملاقات، اعتماد ۽ قومي مفاد جي نئين ڪهاڻي

تحرير: خدا بخش بروھي

صدر ٽرمپ ۽ پاڪستاني اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته شهباز شريف آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، معدنيات ۽ توانائيءَ سان لاڳاپيل شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني۔ وزيراعظم هائوس موجب، ان ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ دهشتگرديءَ خلاف تعاون تي به ڳالهھ ٻولھه ٿي۔ صدر ٽرمپ هن سال مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جو ڪريڊٽ پاڻ کي ڏيندو رهيو آهي ۽ وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران پاڪستاني اڳواڻن به پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ جنگ روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي ڪوششن کي تسليم ڪندي کيس ’مين آف پيس‘ سڏيو۔

هن بيان مان واضح نٿو ٿئي ته صدر ٽرمپ ۽ پاڪستاني اڳواڻن جي ملاقات ۾ اصل ۾ ڪهڙين ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو۔ تجزيي نگارن ۽ جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ضرورتن جو اندازو آهي ۽ هر ملڪ پنهنجن مقصدن تي ڌيان مرڪوز رکيو ويٺو آهي۔ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صدر ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ جاري ٿيل بيان مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙي معاملي تي وڌيڪ تفصيل سان ڳالھه ٿي، پر ماضي ۾ آمريڪا ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير رھندڙ مليحه لوڌي جو بيان ميڊيا تي آهي ته ’هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سڌاري جو سبب بڻجندي ۽ اهي لاڳاپا هاڻي بظاهر هڪ نئين ۽ مثبت مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ھونئن ته ڪيتريون ئي ڳالھيون ميديا تي ھلن ٿيو پر  اهو اڃا تائين واضح ناهي ته آمريڪا پاڪستان کان ڇا ٿو گھرڻ چاھي، ڇو ته وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ پاڪستان جي طرفان جاري ٿيل بيان ۾ ڪابه اھڙي امريڪي خواھشن متعلق نه ٻڌايو  ويو آهي. اصل ۾ امريڪا پاڪستان مان ڪھڙي اميد رکي ٿو پر اھو ظاھر آھي پاڪستان مئي ۾ هٿياربند تڪرار کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڀارت کي ڳالهين جي پيشڪش ڪري چڪو آهي ۽ آمريڪا کان ثالثيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست به ڪئي هئي ڪجهه  تجزيي نگارن جو خيال آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري جو اثر رڳو ڏکڻ ايشيا تي نه پر وچ اوڀر تي به پوندو۔اڳوڻو آمريڪي سفارتڪار ايلزبيٿ ٿريلڪڊ جو ميڊيا، بيان آھي ته نئين دهليءَ ۾ سياسي حساسيت، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي آمريڪي ڪردار کي رد ڪرڻ جو سبب بڻبي پر سندس خيال آھي ته آمريڪا اهو ڪري سگهي ٿو ته هو ٻنهي ڌرين (ڀارت ۽ پاڪستان) جي وچ ۾ خانگي چينلن ذريعي ڳالھه ٻولھه  شروع ڪرائي. شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ٿيل ڳالهيون گهڻ رخيون ۽ گهري خيالن تي مرڪوز ھيون، گڏيل لاڳاپا، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي سلامتي، افغانستان جو مستقبل، دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششون، توانائيءَ وارا منصوبه، موسمي تبديليءَ جا اثر ۽ خطي جي اقتصادي ترقيءَ جا سوال، اها ملاقات جيڪا هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ جاري رهي خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وزيرِ داخلا محسن نقوي به ڳالهين جو حصو بڻيا.

صدر ٽرمپ جي صحافين سان مختصر اظهار ۾ شهباز شريف جي نمائندگي ۽ فيلڊ مارشَل جي شخصيت جي تعريف هن سفر کي عوامي ايوان ۾ آڻيندڙ هڪ منظرنامي ۾ پيش ڪيو. وزيرِاعظم پاڻ به صحافين کي ٻڌايو ته ڳالهين ۾ هن پاڪستان جي نوجوان آبادي ۽ اُڀرندڙ معيشت کي نمايان ڪيو، آمريڪي سيڙپڪارن کي توانائي آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ ٻن ملڪن جي وچ ۾ سرمائيداري جا دروازا وڌيڪ کليل رکڻ تي زور ڏنو. ٽرمپ به پاڪستاني معيشت جي امڪانن جي ساراهه ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسن جي قربانين کي مڃيندي دنياجي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو.

ڏٺو وڃي ته ھن دوري جي شروعات ئي هڪ خاص پروٽوڪول سان ٿي اينڊريوِز ايئربيس تي ريڊ ڪارپيٽ استقبال، سيڪيورٽي جي سخت انتظامن هيٺ موٽر ڪيڊ ۽ رات جو اوول آفيس ۾ ملاقات جي شروعات وقت  سڀ ملڪيت ۽ سرڪاري اپاءُ جي انفراديت جو اظهار ڪن ٿا. پر ان کان به اهم ڳالهھ  اها آهي ته هن استقبال ۽ اعزاز کي ڪيئن پڙهيو وڃي، ڇا اهو صرف رواجي سرڪاري آداب جو مظاهرو هو يا عالمي سياست ۾ پاڪستان جي اهميت جو هڪ اشارو؟

پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ حيثيت، نئين خارجاڻي پوزيشن ۽ اندروني استحڪام جو هڪ اشارو عالمي طاقتورن کي محسوس ٿيو آهي. فيلڊ مارشَل جي گڏجڻ  اعتماد ڀريو رويو ۽ سول ۽ ملٽري قيادت جي گڏيل پيشڪش عالمي سرمائيڪار ۽ ادارن کي اهو يقين ڏيارڻ چاهي ٿي ته هتي پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ استحڪام موجود آهي  هڪ اهڙي تصوير جيڪا سيڙپ ۽ تعاون لاءِ هڪ اهم شرط سمجهي وڃي ٿي. پر تاريخ جا ورق اسان کي ياد ڏياري ڇڏين ٿا ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا  هميشه هموار نه رهيا آهن. قيام کان پوءِ پاڪستان جي خارجي پاليسين ۽ رخن ۾ تيزيءَ سان تبديليون آيون آھن ڪڏهن ڪو گڏيل مفاد ٻنهي کي ويجهو آڻيندو آھي  ته ڪڏهن غير اعتمادي الزام تراشيون ٻنھي ملڪن جي وچ ۾  زور شور سان جاري رھيا آھن پاڪستاني قربانين ۽ آمريڪي شڪ جي بنياد الزامن ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن ۾  ويڇا رهيا.  تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڪنهن ملڪ جو مفاد ختم ٿيو، ته لاڳاپن  به تيزيءَ سان بدلجي سگهن ٿا. سوويت خلاف افغان مزاحمت دوران جنرل ضياءُ الحق جو ڪردار ۽ ان کان پوءِ رونما ٿيندڙ نتيجا يا 9/11 کان پوءِ جي واقعن جا اثر سڀ اهو ٻڌائن ٿا ته قومي فيصلا، خاص طور تي جيڪي ٻاهرين دٻاءَ هيٺ ڪيا وڃن، اھي گهرو نقصان ۽ قربانين جي صورت ۾ واپس اچن ٿا.

انهيءَ سبب اسان کي هاڻ به توازن، دور انديشي ۽ قومي مفاد کي ترجيح ڏيڻي پوندي.آمريڪا سان ويجهڙائي جا مثبت پاسا يقيناً آھن پر اسان چائنا کي ناراض ناھي ڪرڻو  سرمائيداري، تعاون ۽ عالمي سياسي ميدان ۾ شراڪتداري پر هر قدم احتياط سان کڻڻ گهرجي ته جيئن  مسلم  دنيا جي وقار، پاڪستان جي وقفي مفادن ۽ قومي خودمختياري کي ڪو نقصان نه پهچي. صدر ٽرمپ جون تعريفون هڪ سفارتي ماحول ٺاهڻ ۾ مددگار ضرور آهن، پر قومي فيصلا سدائين قومي مفاد، تاريخي تجربي ۽ پوري قوم جي خوشحاليءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن ته بھتر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.