ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي شمع جوڻيجو واري معاملي تي بحث جاري آهي، سينئر صحافي عمر چيما ٽوئيٽ ڪيو ته شمع جوڻيجو کي جيڪڏهن ٽوئيٽر تي ڏيکاءَ ڪرڻ جو شوق نه هجي ها ته شايد هوءَ بحث جو موضوع نه بڻجي ها. غزا کان اڳ وارا ٽوئٽس بهانو بڻائي سندس نالو اسرائيل سان ٺاهي ويل خيالي لاڳاپن ۾ اُلجهايو پيو وڃي. حقيقت اها آهي ته ان وقت ڪيترن ئي عرب ملڪن اسرائيل کي رسمي طور تسليم ڪيو هو. جيڪڏهن ڪنهن لاءِ اهو عمل ايترو ناقابلِ برداشت آهي، ته پوءِ انهن ملڪن جو به بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.صحافي اجمل جامي چيو ته اقوام متحده جي عملدارن واضح طور چيو آهي ته وفد ۾ شامل ماڻهن کي ڪارڊ (بيج) مستقل پاڪستاني مشن يعني پرڏيهي وزارت جي ڏنل فهرست موجب جاري ڪيا ويا هئا. اجلاس دوران ڪير ڪٿي ويهندو، اهو به پاڪستاني مشن ۽ لاڳاپيل عملدار طئي ڪندا آهن.هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو اُڏامندڙ تير کڻڻ جو مشورو ڪنهن ڏنو؟پرڏيهي وزارت لاتعلقي ڇو ظاهر ڪئي؟وزير دفاع لاعلمي جو تاثر ڇو ڏنو؟آخرڪار، ڪير ڪنهن سان ۽ ڇو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي؟آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن خاموش رهڻ ئي بهتر هوندو آهي، نه ته ڊرامو هلندو رهندو آهي،سينئر تجزئي نگار نجم سيٺي چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شمع جوڻيجو آمريڪي دوري دوران سوشل ميڊيا، خاص طور تي ايڪس (Twitter)، کان پاسو ڪري ها ته شايد رياست کي اڄ اهڙي شرمندگيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي ها۔ن ليگ دور ۾ هن کي تمغا ۽ ايوارڊ به ڏنا ويا،صحافي احمد وقاص گورايا لکيو ته شمع جوڻيجو ڪنهن زماني ۾ پي ٽي آءِ حامي هئي، پر جڏهن پي ٽي آءِ کيس اهميت نه ڏني ته هن ٽانگو بدلائي ڇڏيو، سندس ٻار اڃا تائين پي ٽي آءِ جا حامي آهن۔ کيس جهاز مان لهرائڻ بالڪل اهو منظر ياد ڏياري ٿو، جيڪو ايم بي ايس عمران خان سان ڪيو هو،محمد عمير لکيو ته شمع جي، مان اوهان جو وڏو مداح آهيان۔ اوهان جي سوچ ۽ فڪر واقعي اهلِ علم جهڙي آهي، پر اوهان سان جيڪو سلوڪ روا رکيو ويو، اهو منهنجي لاءِ ڏاڍي تڪليف جو باعث آهي۔اوهان کي گهرجي ته انهن ماڻهن جا نالا سامهون آڻيو جن اوهان جي نالي جي منظوري ڏني، ته جيئن اسان جهڙا اوهان جا چاهيندڙ ڄاڻي سگهون ته اهي ڪهڙا "هيرا شناس” هئا، جن اوهان کي چونڊيو؟فيصل رانجها لکيو ته هڪ عورت اوهان کي سالن کان سپورٽ ڪري رهي آهي، ڏينهن رات سوشل ميڊيا تي ويٺل آهي، سندس هزارين پوسٽن کي نظرانداز ڪري صرف ٻن ـ ٽن پوسٽن جي بنياد تي کيس ذليل ڪيو پيو وڃي۔باقي نيتن جو حال الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو، پر مون کي ته اهو اندروني سوشل ميڊيا جو تڪرار لڳي ٿو، جنهن کي هاڻي مخالف قوتون پنهنجي استعمال ۾ آڻي رهيون آهن۔،صحافي ثاقب بشير لکيو ته وزيراعظم جي تقرير لکڻ ۽ ايوارڊ وٺڻ جو معيار آخر ڪهڙو آهي؟ جڏهن هڪ جماعت جي اڳواڻ ۽ سندس زال صبح کان شام تائين ٽرولنگ جو شڪار هجن،
وزيراعظم پاڻ تقرير لکڻ جو چيو ۽ وفد جو حصو بڻايو: شمع جوڻيجو
نيو يارڪ/اسلام آباد (م ڊ) پاڪستاني وفد سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شمع جوڻيجو وفد ۾ پنهنجي شموليت کي وزيراعظم جو فيصلو قرارڏئي ڇڏيو. هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي وضاحت جاري ڪئي. هن لکيو ته مان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پاڪستان ۽ وزيراعظم لاءِ ڪم ڪري رهي هيس، پاڪ، ڀارت جنگ دوران منهنجا پاليسي بريفس، ايڊوائيس، ۽ پوائنٽس، سڀ ڪجهه رڪارڊ جو حصو آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته مان وزيراعظم جي ٽيم سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪيو، مان ساڻس سفر ڪيو، وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم سان هڪ ئي هوٽل ۾ ترسيل هيس، سندس بل گيٽس جهڙي اهم سائيڊ لائن گڏجاڻين جو حصو بڻيس .
وزيراعظم جي جهاز ۾ شمع جوڻيجو کي ڪنهن ويهاريو؟گڏيل قومن ۾ نمائندگي جي منظوري ڪنهن ڏني؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي عمر دراز گوندل لکيو آهي ته اطلاعن موجب، اقوام متحده ويندڙ وفد ۾ هڪ مخصوص خاتون جي شرڪت تي ردعمل کان پوءِ، ان عورت کي آمريڪا کان لنڊن واپسيءَ تي وزيراعظم جي استعمال هيٺ ايئر فورس ون جهاز ۾ ويهڻ کان روڪيو ويو، اعليٰ سطحي تحقيقات جي به دعويٰ ڪئي پئي وڃي، پر بنيادي سوالن جا جواب اڃا تائين وزيراعظم آفيس، پرڏيهي وزارت يا اقوام متحده ۾ پاڪستان جو مستقل مشن نٿا ڏئي سگهن،وزيراعظم جي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ ڪلئيرنس آخر ڪنهن ڏني؟برطانوي شهري کي سرڪاري خفيه فائلن تائين رسائي ڪيئن ملي؟اقوام متحده جهڙي وڏي فورم تي نمائندگي ۽ وفد جو بئج ڏيڻ جي منظوري ڪير ڏني، جنهن سان کيس هال تائين رسائي ملي؟وضاحتن سان معاملو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ اُلجهي ۽ بگڙي ويو آهي۔
اسحاق ڊار تي آڱريون کڄڻ لڳيون،نائب وزيراعظم جو عهدو خطري ۾:صحافي
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي سعيد بلوچ ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته هيل تائين دستياب ڄاڻ موجب شمع جوڻيجو واري اسڪينڊل جا اشارا سڌو سنئون اسحاق ڊار ڏانهن وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن واقعي هن معاملي جو مرڪزي ڪردار اسحاق ڊار نڪتو ته لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ٻيهر ڊپٽي پرائم منسٽر واري ڪرسي تي نظرون ڄمائي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) لاءِ خطرو وڌي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن شمع جوڻيجو واري معاملي کي صحيح طريقي سان هينڊل نه ڪيو ويو ته اسحاق ڊار جي پوزيشن خطري ۾ اچي سگهي ٿي. ياد رهي ته اسحاق ڊار هن وقت نه رڳو پرڏيهي وزير آهن پر ڊپٽي پرائم منسٽر به آهن.گذريل سال به اسٽيبلشمينٽ محسن نقوي کي نائب وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سرگرم هئي، پر نواز شريف اها رٿ سمجهي وئي. ان وقت نواز شريف آذربائيجان جي دوري تي موجود پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي چوندي، اسحاق ڊار جو بطور نائب وزيراعظم نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي ڇڏيو. اهو هڪ حڪمت عملي هئي ته جيئن محسن نقوي کي ان عهدي تائين پهچڻ کان روڪي سگهجي.
شمع جوڻيجو معاملي تي وزيراعظم آفيس وضاحت ڪري:مملڪتي وزير
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)مملڪتي وزير بيرسٽر عقيـل ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم آفيس کان وضاحت اچڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن توهان ڪنهن وفد جو حصو هوندا آهيو ته باقاعده لسٽون تيار ٿين ٿيون ته ڪير گڏ ويندو، ڪير ڪهڙي ذميواري سنڀاليندو ۽ ڪير ڪهڙو ٽاسڪ انجام ڏيندو. اهي سڀ شيون واضح طور تي عوام آڏو اچڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته هو پاڻ نٿو ڄاڻي ته ڇا واقعي شمع جوڻيجو وزيراعظم جي تقرير لکندڙ ٽيم جو حصو آهي يا نه. اها ڳالهه صرف وزيراعظم جو آفيس ئي صاف ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته شمع جوڻيجو ماضي ۾ اسرائيل جي باري ۾ بيان موجود آهن،وزيراعظم آفيس کان وضاحت اچڻ گهرجي