مورو/ راڌڻ (نمائندن وٽان) مورو قومي شاهراهه تي سُدُوجا ويجهو خوفناڪ حادثو، تيز رفتار ڊوم گاڏي جو سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگر، نوجوان ۽ هڪ عورت اجل جو شڪار ٿي ويا، هڪ عورت زخمي ٿي پئي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ نوجوان عجيب علي چانڊيو پٽ علي محمد، مسمات گلان زال علي محمد ۽ پنج سالن جي فراز پٽ اياز چانڊيو جي نالي سان ٿي، جڏهن ته زخمي عورت جي سڃاڻپ غلام ڪبريٰ زال اياز چانڊيو طور ٿي، حادثي جو شڪار ٿيل ڪچي جي ڳوٺ عبدالغني چانڊيو تعلقو ڪنڊيارو ضلعي نوشھروفيروز جا هيا، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي مورو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي قانوني ڪارروائي گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمي عورت جي ملم پٽي ڪئي وئي، مورو جي سياسي سماجي قومپرست ڌرين شهرين موجب قومي شاهراهه تي جاري روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ ٺيڪيدار جي حد کان وڌيڪ لاپرواهي ۽ ڪم جي سست رفتاري سبب روزانو قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، نيشمل هاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽر وي پوليس به مڪمل طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام آهن، ٽريفڪ ضابطن تي ڪو عمل ناهي، نتيجي ۾ شاهراهه موت جو کڏ بڻجي وئي آهي ٺيڪيدار جي بي حس رويي، غير معياري ڪم ۽ روڊ تي لڳل اڻپورو انتظام انساني زندگين لاءِ خطرو بڻيل آهي، پر اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارا اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن گڏيل مطالبو ڪيو ته قومي شاهراهه تي جاري ڪم کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي.