سنڌ ۾ جزا ۽ سزا جو تصور ئي ناهي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قتل جي ڪيسن جي داخل ٿيڻ ۾ دير تي آءِ جي سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي به پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس هاشم ڪاڪڙچيو ته سنڌ ۾ جزا ۽ سزا جو تصور ئي ناهي، سنڌ پوليس پاڻ ماڻهن کي بري ڪرائي رهي آهي. هن ڪيس ۾ قتل جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي.هن وڌيڪ سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي طرح ته جانورن کي به نٿو ماريو وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهوَر چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صورتحال ته تمام خراب آهي.جسٽس هاشم ڪاڪر ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڪيس ۾ قتل کان ٻن ڏينهن پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ئي ڪيٻائي ٿي، اهڙي طرح ته جانورن کي به نٿو ماريو وڃي.عدالت وڪيلن کي وڌيڪ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like