اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 15 نوان ڄاول ٻار فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب نرسري ۾ ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ نرسري ۾ موجود 15 نوان ڄاول ٻار فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه صبح 6 لڳي 45 منٽن تي لڳي.
پمز اسپتال جي اختيارين موجب باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 16 ٻار موجود هئا، جن مان 15 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻار کي بچايو ويو.
ٻارڙن جي ماءُ پيءُ الزام هنيو آهي ته جنهن وقت باهه لڳي، ان وقت ٻارن جي انڪيوبِيشن سينٽر ۾ اسپتال جو عملو موجود نه هو. نرسري ۾ نه گائني ڊاڪٽر موجود هئي ۽ نه ئي ٻيو ڪو عملو موجود هو. اين آءِ سي يو جو دروازو پڻ بند هو. والدين موجب واقعي جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ريسڪيو ۽ چئن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس پهتي.
ڏک ۾ ورتل ماءُ پيءُ ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
واقعي کانپوءِ پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ وارڊ کي سيل ڪيو ويو.
پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ ۽ نون ڄاول ٻارن جي فوتگين جو وزيراعظم نوٽيس
ريسڪيو اختيارين موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ ٿڌو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. امدادي ڪارروائين ۾ فائر برگيڊ جون 6 گاڏيون ۽ 4 ايمبولينسون شامل هيون. باهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ وارڊ جي ٽئين ماڙ تي لڳي.
ضلعي انتظاميا موجب حادثي ۾ 14 ٻار مڪمل طور سڙي فوت ٿي ويا. واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪندي.
ايئر ڪنڊيشنر ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي، جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي وئي
صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 14 ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڊي جي هيلٿ ۽ اسپتال جو سيڪريٽري اسپتال ۾ موجود آهن، جڏهن ته مان ڪراچي ۾ آهيان ۽ اسلام آباد وڃي رهيو آهيان. لاڳاپيل اختيارين والدين سان رابطي ۾ آهن.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي، جيڪا تمام تيزيءَ سان پکڙجي وئي. ڌماڪي سان گڏ ئي اسپتال جي بجلي پڻ بند ٿي وئي هئي.
هن چيو ته آءِ سي يو ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود هو. اتي موجود عملو ريسڪيو کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ويو، پر باهه تمام تيزيءَ سان پکڙجي وئي. اسپتال ۾ باهه وسائڻ وارا اوزار ڪم ڪري رهيا هئا، جڏهن ته پمز اسپتال پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي.