سرڪاري ملازمن جي تحريڪ ۽ حڪمرانن جي لاتعلقي

سڄي سنڌ جا سرڪاري ملازم خاص طرح استاد گذريل ڪافي عرصي کان احتجاج ڪري رهيا آهن ته  حڪومت طرفان پينشن پاليسي نامنظور آهي  پگهار مهانگائي جي حساب سان وڌائي وڃي،  ڊسپيرٽي الائونس ڏنو وڃي  پر افسوس ته حڪومت سنڌ  هن سلسلي ۾ ڪجهه به ٻڌڻ نٿي چاهي. گذريل هفتو تعليمي ادارن ۾ تالابندي رهي،جنهن جي تاريخ وڌائي وئي آهي، ۽  6 آڪٽوبر تي بلاول ھاؤس ڪراچي جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي

ياد رهي ته  پنجاب ۾ پينشن پاليسي ختم ڪئي وئي آهي، جيڪا حقيقت ۾ عالمي مالياتي ادارن  خاص طرح آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٺاهي  وئي آهي  حڪومت چوي ٿي ته خرچ گهٽ ڪرڻا آهن  پر انهيءَ بهاني سان سرڪاري ملازمن تي تمام گهڻا ٽيڪس مڙهيا ويا آهن  عوام تي به هر ڏينهن ٽيڪسن جي ڀرمار آهي  آخر عام ماڻهو ڇا ڪري . پاڪستان اھو واحد ملڪ آهي جتي سرڪاري ملازم تمام گهڻو ٽيڪس ادا ڪن ٿا حڪمران طبقو انهن مان عياشيون ڪندو رهي ٿو، هتي هاڻ جيڪا ٿوري گهڻي معيشت هلي رهي آهي، اها سرڪاري ملازمن جي پگهارن تي ٽيڪسن تي هلي رهي آهي انڪري جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي ڪل پونجي پينشن پاليسي مطابق ختم ڪئي وئي ان کي بتدريج ختم ڪيو ويو ته  ملازم رٽائرمينٽ کان پوءِ ڇا ڪندو .  ان لاءِ فوري طور سرڪاري ملازمن جي احتجاج کي مان ڏيندي  انهن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن پنجاب حڪومت جيان ۽ ملڪ ۾ ٻه قانون ختم ڪيا وڃن. پينشن سرڪاري ملازم جو سهارو آهي حڪمران پنهنجي عياشي ختم ڪرڻ بدران انهن بزرگن جي پيٽ تي لت رکڻ چاهين ٿا  هنن کي ياد رکڻ گهرجي ته جنهن تحريڪ جي اڳواڻي استاد ڪري رهيا هجن اها ضرور ڪامياب ٿيندي.

نثار لغاري  /حيدرآباد

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.