پاڪستان سعودي دفاعي معاهدو: نئين عالمي نظام جي تناظر ۾

تحرير: نديم اختر

تاريخ جڏهن پنهنجي ارتقائي عمل ۾ ڪنهن خاص موڙ تي پهچندي آهي، تڏهن اڪثر اهڙا حيرت انگيز معجزا جنم وٺندا آهن، جيڪي انساني ذهن کي حيران ڪري ڇڏيندا آهن. ڪنهن سوچيو هو ته رومي سلطنت جي زوال کان پوءِ يورپ صديون تاريڪيءَ ۾ ڀٽڪندو رهندو. ڪنهن جي به وهم ۽ گمان ۾ نه هوندو ته پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ ڇاپي واري مشين جي ايجاد سان پيدا ٿيندڙ علمي، فڪري ۽ سائنسي انقلاب يورپ کي اُن تاريڪيءَ مان روشنيءَ ڏانهن کڻي ويندو. ڪير خيال ڪري سگهيو ته صنعتي انقلاب يورپ کي اهڙي بلنديءَ تي کڻي ويندو، جتي سڄي دنيا ان جي فرمانبردار ٿي ويندي. ڪنهن کي خبر هئي ته چند صدين بعد ئي ٻه عالمي جنگون يورپ جي ٻيهر زوال جو سبب بڻبيون، سندس تسلط ختم ٿيندو ۽ دنيا تي آمريڪا جي ڊگهي حڪمراني شروع ٿيندي. اهي سڀ حقيقتون جيڪڏهن معجزا نه آهن ته ٻيو انهن لاءِ ڪهڙو عنوان ڏجي؟

هاڻي ايڪويهين صديءَ ۾ به تاريخ جي ارتقائي عمل جو هڪ نئون معجزو جنم وٺي چڪو آهي. جديد ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب دنيا کي هڪ اهڙي دور ۾ آندو آهي، جيڪو ماضي کان مڪمل طور مختلف ۽ بي مثال آهي. اهو ترقي پذير ملڪن جي معاشي عروج ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي معاشي زوال جو دور آهي، جنهن جون پنهنجون پيچيدگيون ۽ تضاد آهن. ماضيءَ جي صنعتي دور ۾ وڏن وڏن ڪارخانن ۾ هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. طلب ۽ رسد ۾ اهڙو تفاوت هو، جو مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ملندي هئي ۽ ٿوري واڌ لاءِ به کين ڊگهي جدوجهد ۽ قربان ڏيڻي پوندي هئي.

گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب انهيءَ سڄي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. مزدورن جي جاءِ هاڻي روبوٽ ۽ مصنوعي ذهانت وٺي رهي آهي. ٿوري جاءِ تي وڏي پيماني تي شين جي پيداوار ٿي رهي آهي. هاڻي صارف غلام نه رهيو آهي پر حڪمران بڻجي ويو آهي. وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون هر هنڌ ان جي خوشامد ڪندي نظر اچن ٿيون. ترقي پذير ملڪن ۾ پيداوار جي لاڳت گهٽ هجڻ ڪري هن انقلاب جو سڀ کان وڏو فائدو به انهن ملڪن کي ملي رهيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جون صنعتون بند ٿي رهيون آهن، مزدور بيروزگار ٿي رهيا آهن، واپار ۽ بجيٽ جا خسارا قابو کان ٻاهر آهن ۽ قرضن جو بار ناقابل برداشت بڻجي رهيو آهي. انهن سڀني سببن جي ڪري ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ٺاهيل مالي، سياسي ۽ سلامتيءَ واري نظام ۾ ڏار پئجي رهيا آهن. آمريڪا کي سڀ کان وڌيڪ خبر آهي ته هاڻي هڪ اهڙي عالمي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو ترقي يافته ملڪن ۽ اڀرندڙ معيشيتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪري سگهي. ان ئي پسمنظر ۾ آمريڪي مخالفت باوجود نيون مالي ۽ تجارتي تنظيمون سامهون آيون آهن.

صدر ٽرمپ جي ترجيح آهي ته تجارتي گهوٽالو گهٽجي ۽ آمريڪا ۾ سيڙپڪاري وڌي. هو هاڻي يورپ ۽ خليج سميت ٻين ملڪن کي مفت ۾ دفاعي ڇت فراهم ڪرڻ نٿو چاهي. هو ناتو ۾ شامل ملڪن کي به چئي چڪو آهي ته پنهنجن سلامتيءَ جي خرچن جو بار پاڻ کڻن. فرانس جيڪو ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي، يورپي يونين کي دفاعي تحفظ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. انڊو پيئسفڪ خطي ۾ چين جي اثر کي روڪڻ لاءِ آمريڪا، جاپان، آسٽريليا ۽ ڀارت سان گڏجي ڪواڊ (QUAD) ٺاهي هئي، پر هاڻي ان ۾ به سندس دلچسپي گهٽجي رهي آهي. قطر تي اسرائيلي حملي جو پيغام به اهو ئي هو ته عرب ملڪ ”ابراهم اڪارڊ“ کي تسليم ڪن، يا پنهنجو تحفظ پاڻ ڪن. نتيجي طور هڪ قطبي نظام بدران هاڻي دفاعي اتحاد وجود ۾ اچي رهيا آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدو به اهڙي ئي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. هي معاهدو ڪنهن ملڪ جي خلاف ناهي. سعودي عرب جا آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن. جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي جنگ نه ٿئي ها ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جا لاڳاپا اڳتي وڌي چڪا هجن ها. پر سعودي عرب لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اسرائيل نه پر يمن آهي. يمن جا حوثي اڳ ئي رياض ۽ تيل جي تنصيبات تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪري چڪا آهن. هو بحيره احمر مان گذرندڙ اسرائيل ويندڙ ۽ ايندڙ جهازن کي نشانو بڻائين ٿا، جنهن سان جهازن جي آمدرفت ۾ ويهه سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. حوثي ابوظبي ۾ آمريڪي اڏي تي به ميزائل حملو ڪري چڪا آهن. حماس، حزب الله ۽ حوثي ايران جي مدد سان سرگرم آهن، ۽ ايران سعودي وچ ۾ برتريءَ ۽ مسلڪي اختلاف سبب ڊگهي عرصي کان ڇڪتاڻ رهي آهي.

 اسلامي انقلاب کان پوءِ ايران سعودي کي آمريڪا جو ايجنٽ سڏيو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو ٻنهي جا سفارتي لاڳاپا ٽٽڻ بعد 2023 ۾ چين جي مداخلت سان ٻيهر بحال ٿيا. عراق ۽ قطر سان به سعودي جا لاڳاپا خراب رهيا آهن. جيڪڏهن آمريڪا پنهنجن مالي مسئلن سبب خليج کان هٿ نه ڪڍي ها ته سعودي عرب کي پاڪستان سان دفاعي معاهدي جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها. سعودي ولي عهد پنهنجي ملڪ کي تيل جي انحصار مان ڪڍي هڪ جديد صنعتي، تجارتي ۽ سياحتي رياست بڻائڻ چاهي ٿو. هو آمريڪا ۽ ڀارت سميت هر ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا ڳولي رهيو آهي. آمريڪا سان سعودي جو واپاري حجم 39.5 ارب ڊالر ۽ ڀارت سان 40 ارب ڊالر آهي. هو ٻنهي ملڪن ۾ سوين ارب ڊالر سيڙپ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هاڻوڪو سعودي عرب ڪاروبار جي معاملي ۾ مذهب يا مسلڪ نه پر منافعي کي ترجيح ڏئي ٿو.

پاڪستان سان ٿيندڙ دفاعي معاهدو سعودي عرب کي انهن ملڪن کان تحفظ ڏئي ٿو، جيڪي ان لاءِ تاريخي دشمني رکن ٿا. هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين گرمي پيدا ڪري ٿو، جنهن کي پاڪستان معاشي تعاون ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. پر ياد رهي ته چين به سي پيڪ ذريعي اسان کي ترقيءَ جو وڏو موقعو ڏنو هو، جنهن مان اسان پورو فائدو نه کڻي سگهيا ۽ چين کي مايوس ڪيو. هاڻي سعودي عرب سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار آهي، ان مان فائدو وٺڻ لاءِ سياسي بصيرت، استحڪام، صوبن ۾ اتفاق ۽ پارليامينٽ جي دانش کان رهنمائي ضروري آهي. سي پيڪ ۾ اهي عنصر گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ کان پوءِ هاڻي اميد ڪئي وڃي ٿي ته مستقبل ۾ اهڙي غلطي نه ورجائبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.