ترڪيءَ، جي 20 ملڪن ۾ ٿيل معاھدن تي اعتراض واري ڇڏيو

ھندستان(ھاڻوڪي ڀارت) ۾ دنيا جي 20 وڏين معيشتن جي تنظيم G-20 جو چوٽي جو اجلاس ٿيو ھو.جنھن ۾ ڀارت، آمريڪا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، يورپي يونين، اٽلي، فرانس ۽ جرمني وچ ۾”مڊل ايسٽ يورپ ڪوريڊور “ بابت اتفاق ٿيو ڪيو ويو ۽ ان جي  (ايم او يو) تي صحيون ڪيونن ويون،اھو  ڪھڙو معاهدو آھي ؟

هندستان کي يورپ سان ڳنڍيندڙ ھن رستي ۾ ترڪي بھ اچي ٿو.پر اھو ملڪ ان ۾ شامل ناهي.معاهدي جي ٻن ڏينهن بعد ترڪ صدر رجب طيب اردگان پنهنجي ملڪ کي ان رٿا ۾ شامل نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها“ ڪوريڊور“  ھن کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي.

دنيا جي نقشي تي ترڪي هڪ ڪڙي آهي جيڪا اولهه کي اوڀر سان ڳنڍي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو يورپ ۾ ۽ ايشيا جي وچ ۾آهي. ترڪي نه رڳو تجارتي لحاظ کان مضبوط پوزيشن ۾ آهي پر وچ اوڀر ۾ به ان جو سٺو اثر آهي، اهو نيٽو جو ميمبر به آهي، پر پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو ان کي هن اقتصادي راهداري کان پري رکيو ويو آھي؟

ھتي اھو سوال به اٿي رھيو آھي تھ  ان رٿا ۾ آمريڪا جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ ڇا اهو منصوبو چين جي” روڊ اينڊ بيلٽ انيشيٽو “ جي مقابلي لاءِ سامھون آيو آھي ؟

ڀارتي حڪومت موجب ان منصوبي ۾ ٻه ڪوريڊور هوندا. هڪ مشرقي ڪوريڊور، جيڪو هندستان کي نار جي ملڪن سان ڳنڍيندو ۽ ٻئي طرف، هڪ ناردرن ڪوريڊور، جيڪو نار ملڪن کي يورپ سان ڳنڍيندو ۽ ان منصوبي تحت زميني، سامونڊي ۽ ريل جا رستا وڇايا ويندا.

معاشي ۽ مالي نقصان کان سواءَ ترڪي کي ڪجهه ٻيا خدشا پڻ آهن.انڊين ڪائونسل آف ورلڊ افيئرز جي سينيئر ريسرچ فيلو ڊاڪٽر فضل الرحمان صديقي جو چوڻ آهي ته ان اقتصادي راهداري ۾ اسرائيل به شامل آهي، جنهن سبب ان کي آمريڪا جي سازش جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. ان کي چين جي ’بيلٽ اينڊ روڊ پروجيڪٽ‘ جو متبادل بڻائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

هن جي مطابق، ’اها ڳالهه انهن ملڪن لاءِ وڌيڪ پريشان ڪندڙ آهي جن جا چين سان سٺا لاڳاپا آهن، جن ۾ ايران، ترڪي ۽ مصر جهڙا ملڪ شامل آهن.ترڪي ميڊيٽرينين سمنڊ تي غالب آهي، هو نٿو چاهي ته هن خطي ۾ ڪو ٻيو واپاري محاذ ان کي چئلينج ڪري ۽ دنيا ۾ ان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن ڪمزور ٿئي . هن کي خدشو آهي ته اهو هاڻي صرف اقتصادي راهداري نه رهندو پر جيو پوليٽيڪل ڪوريڊور ۾ تبديل ٿي ويندو.يعني آمريڪا وچ اوڀر مان پوئتي نه هٽي رهيو آهي ۽ خطي ۾ رهڻ چاهي ٿو.

ترڪي جي هن اهم منصوبي کان ٻاهر رهڻ سان سعودي عرب کي هن خطي ۾ اسٽريٽجڪ فائدو به ملندو ۽ ترڪي جي ’ٽرانس شپنگ زون‘ ۾ به گهٽتائي ايندي.ترڪي جا لاڳاپا نه رڳو قبرص سان پر يونان سان پڻ خراب آهن. يونان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا جنگي حالتون به پيدا ٿي چڪيون آهن.

ماهرن جو خيال آهي ته ترڪي کي پاڙيسري ملڪن سان وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب منصوبي کان ٻاهر رکيو ويو آهي.هن نئن ڪوريڊور مان يقيني طور تي ’گلوبل سائوٿ‘ ۾ هندستان جي بالادستي کي وڌندي ۽ اهو چين کي بهتر انداز ۾ چئلينج ڪري سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.