انتهائي معاشي طور پاڻ ڀرو ۽ خوشحال ملڪن ۾ ڪجهه ماڻهو ۽ ادارا ايترا ته مضبوط آهن جو ڪمزور ۽ غريب ملڪ گڏجي به ان جي مالي حيثيت جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جو شمار به انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان جي اندروني ڪهاڻي تي پاڻ ٿوري نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته معاشي طور ناانصافي ايتري ته پکڙجي ويئي آهي جو ڪنهن به بهتر ٿيڻ بابت سوچڻ جي به همٿ ئي نٿي ٿئي. پاڪستان جي ڪجهه اشرافيا ۽ سياسي گهراڻن ملڪي دولت کي پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ لاءِ هر فيصلو انهن ئي گهراڻن جو محتاج ٿي ويو آهي. عوام جي راءِ جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. عوام کي اليڪشن وقت استعمال ڪري ٽشو پيپر جيان گند واري ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري اڇلايو وڃي ٿو. ملڪي سياست ۾ به چند گهراڻا آهن. ڪاروبار جو به اهڙو ئي حال آهي جيڪي ملڪ جا سڀ معاملا هلائين ٿا. وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان ملڪ ۾ جيڪو ڏنڍو ڦيرايو آهي ان ڏنڊي پنهنجي ڪرامت ڏيکارڻ شروع ڪري ڏني آهي. ڊالر لڪائيندڙن جي شامت اچي ويئي آهي ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ ڪروڙ ڊالر هٿ ڪيا ويا آهن ان کان علاوه سموري ملڪ ۾ کنڊ، ڀاڻ، ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين تي ڇاپا هنيا ويا پيا وڃن. ذخيرو ڪندڙن جو جيئن جنجال ٿي ويو آهي.
هن وقت پاڪستان ۾ هڪ ئي مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي ته قومي معيشت جي سڌاري ۽ مضبوطي لاءِ ملڪ ۾ موجود مالدار ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪن. مالدار ماڻهن ۽ وڏن ٽائڪون ڪاروباري شخصيتن مٿان ٽيڪس لڳايا وڃن ۽ تازو آپريشن سبب ملڪ معاشي طور اڀرڻ طرف پير پاتو آهي. افغان تورخم بارڊر بند ڪيو ويو آهي. هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. ذخيرا اندوزن پاران ذخيرو ڪيل کنڊ، ڀاڻ، اٽو ۽ ڪڻڪ جي گودامن تي مختلف تحقيقاتي ايجنسيون ڇاپا هڻي گودامن کي بند ڪيو پيو وڃي. ڊالرن جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ تيز ڪئي وئي آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن وقت صورتحال اهيا آهي جو ڊالر وٺڻ لاءِ ڪو ماڻهو ئي ناهي. ڊالر هيٺ ڪري رهيو آهي.
نگران حڪومت جي پويان مدد لاءِ اسٽيبلشمينٽ بيٺل آهي. معاشي حالتن جي بهتري جا آثار سامهون نظر اچي رهيا آهن. تازو جي 20 جي اجلاس ۾ ڀارت معاشي طور اڳڀرو ٿي اڀري رهيو آهي. پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سياستدانن ۽ رٽائرڊ اسٽيبلشمينٽ جو چيو پيو وڃي. هر اداري جو اڳواڻ ملڪ مان پيسو ٻاهر ڪڍي رٽائر ٿي آرام واري زندگي گذاريندو رهي ٿو. غريب عوام جي معاشي حالت ڏاڍي خراب ٿيندي پئي وڃي. ملڪ جي معاشي حالتن کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ آرمي چيف نگران حڪومت سان گڏ جنهن رفتار سان هلي رهيو آهي ان ۾ عوام کي هڪ اميد جو سج اڀرندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ملڪ جا سياستدان مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن.
شهباز شريف، آصف زرداري ۽ فضل رحمان ملڪ جو معاشي ٻيڙو ٻوڙي کربن روپن جي ڪرپشن ڪري ملڪ کي لٽيو ويو. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو شامل ٿي ويا جيڪي کنڊ مافيا ۽ اٽو مافيا طور عوام آڏو ايندي خوار ۽ ذليل ٿيا. هڪڙي عمران خان جي وفادار يا سچي ٿيڻ سان ڪجهه به تبديل نه ٿيو. عمران خان کي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ ۾ سندس ئي دوستن جو وڏو ڪردار آهي جيڪي اڄ سندس کي بي يارو مددگار ڇڏي هليا ويا آهن. انهن اربن روپين جي ڪرپشن ڪئي. بجلي چوري يا گئس چوري ۾ عوام سڌو سنئون ملوث ناهي. انهن ۾ ادارن جا ماڻهون به ملوث آهن. انهن جون لسٽون تيار ٿي ويون آهن. آڪٽوبر ۾ پوري ملڪ ۾ هر اداري مان وڏيون گرفتاريون ٿينديون جن ۾ سياستدان، بيورو ڪريٽ، آفيسر، ملازم ۽ ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ بلڊر شامل آهن. ڪوڙا ۽ ٺڳ سياستدان جيڪي ڪرپشن جا ٽائيڪون آهن اهي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن. انهن کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي ڀروسو ناهي ڪهڙي منهن سان عوام وٽ ووٽ لاءِ ويندا؟ هڪ عمران خان کان خوف زده آهن. سنڌ ۾ 38 شگرملون زرداري جي ملڪيت آهن جيڪڏهن چاهي ها ته سنڌ جي عوام کي سستي اگهه تي کنڊ ڏيئي پيو سگهي. سنڌ جي اڪثر گدامن ۾ هزارين ٽن ڪڻڪ خراب پئي ٿئي سنڌ حڪومت چاهي ها ته سنڌ جي غريب عوام کي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ ڏيئي پئي سگهي.
هن وقت ملڪ ۾ عوام انتهائي عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهن. ماڻهن جي روز بروز معاشي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي. ماڻهن جي زندگي گذارڻ جو معيار ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي. روزانو ماڻهو زنده هوندي به مري رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه عذاب PDM حڪومت جي ڪري اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي. سياستدان هميشه ڪوڙ ڳالهائي عوام کان ووٽ وٺندا آهن. 2019 ۾ هنگري سان تعلق رکندڙ هڪ آمريڪي ارب پتي جارج سورزو جيڪو مالدار ماڻهن جي هڪ گروپ جي اڳواڻي به ڪري رهيو هيو. هڪ خط آمريڪي حڪومت کي لکيو جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ نئين ويلٿ ٽيڪس متعارف ڪرائي وڃي. جنهن جو بنيادي مقصد اميرن کان دولت واپس ڪرائي غريبن کي ڏني وڃي ۽ غربت کي ختم ڪيو وڃي. پر اسان وٽ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي. هتي ڪرپٽ ۽ نااهل پارٽين جا سياستدان عوام کان ووٽ به وٺن ٿا. اقتدار جا مزا به ماڻين ٿا ۽ عوام کا ٽيڪسن جي مد ۾ پئسو ڪڍي پنهنجون عياشيون ڪن ٿا ۽ ملڪيتون ٺاهن ٿا. ان جو اصل مقصد اهو آهي ته انهن جو سخت احتساب ڪونه ٿيندو آهي. ملڪ ۾ جيڪڏهن سخت احستاب هجي ته اڄ پاڪستان کي معاشي طور دنيا آڏو شرمندو ٿيڻو نه پوي ها. سعودي عرب پاڪستان مان بيزار آهي اهوئي سبب آهي جو سعودي عرب ڀارت سان 100 ارب ڊالرن جو معاشي معاهدو ڪيو آهي ان کان علاوه سعودي عرب لکين ڀارتي نوجوانن کي روزگار به ڏيندو. جي 20 جي اجلاس وقت سعودي بادشاهه ۽ ڀارتي وزيراعظم ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ هئا ۽ سندن خوشگوار موڊ پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اشرافيا لاءِ وڏو پيغام ظاهر ڪري رهيا هئا. پاڪستان ڀارت کان 50 سال پوئتي رهجي ويو آهي.
پاڪستان کي نه آمريڪا تباهه ڪيو آهي نه وري روس پر پاڪستان کي پنهنجن حڪمرانن ئي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. ملڪ جي اشرافيا ۽ سياستدانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن پاڪستان معاشي طور تباهي ٿي ويو آهي تڏهن اک پٽي ويئي آهي. سڌريل ملڪن ۾ مالدار ماڻهو ٽيڪس ڏيندي ملڪ کي خوشحال بڻائن ٿا. ۽ غريب عوام کي پاڻ ڀرو ڪن ٿا. پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي پاڪستان جا حڪمران ۽ سياستدان عوام کان ٽيڪس اوڳاڙي پنهنجا گهر ڀرين ٿا ۽ جائدادون ٻاهر ملڪن ۾ وٺن ٿا پوءِ نتيجو اهيو ٿو نڪري ته عوام کي هڪ ويلي جو ڳڀو به ڪونه ٿو ملي. هن وقت ملڪ ۾ جيڪو احتساب ۽ آپريشن هلي رهيو آهي ان جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ملندو. هي احتساب ۽ آپريشن سخت ترين احتساب هوندو. جيڪڏهن هن احتساب کان پوءِ به پاڪستان جي معاشي حالتون ۽ ادارا نه سڌاريا ويا ته پوءِ يقينًا ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي. هن وقت ملڪ جي ماڻهن کي خيرات جي ضرورت ناهي. ماڻهن کي سخاوت جي ضرورت آهي.