ايندڙ نئون چيف جسٽس ۽ پراڻا چيلنج

تحرير: حامد مير

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وطن واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڳ هو سيپٽمبر 2023ع ۾ واپس اچي رھيو ھو، پر هاڻ 21 آڪٽوبر تي سندس وطن واپسي جي تاريخ مقرر ٿي آهي.

عام راءِ آهي ته نواز شريف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ھن سان ائين نھ ٿئي جيئن 2018ع ۾ ساڻس ٿيو هو.2018ع جي اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ نواز شريف لنڊن مان واپس آيو ته کيس گرفتار ڪري جيل پھچايو ويو ھو.

مسلم ليگ ن جي قانوني ماهرن جو خيال آهي ته نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان نواز شريف کي جيل موڪلڻ تي اصرار نه ڪيو ويندو. قاضي فيض عيسيٰ مان هر ڪنهن کي پنهنجون پنھنجون اميدون لڳائي رکيون آهن. مسلم ليگ ن جو خيال آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت، قاضي فيض عيسيٰ خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪيو هو. سندن خيال ۾ قاضي فيض عيسيٰ چيف جسٽس ٿي ڪري،تحريڪ انصاف کان بدلو وٺندو ۽ مسلم ليگ ن کي وڏو فائدو پهچندو.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف وارن کي اوچتو، قاضي فيض عيسيٰ جي شخصيت ۾ هڪ با اصول جج نظر اچڻ لڳو آهي ۽ سندن خيال ۾ قاضي صاحب، چيف جسٽس بڻجي ڪري پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪندو. اڳ به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان هر حڪومت ناراض ٿي ويندي آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان ھن  سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ميموگيٽ انڪوائري رپورٽ لکي، تھ 2012ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھن سان ناراض ٿي وئي.

2016 ع  ۾ ڪوئيٽا ۾ ھڪ بم ڌماڪي ۾ 75 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ان ڌماڪي جي انڪوائري رپورٽ تي مسلم ليگ ن جي حڪومت ناراض ٿي وئي ۽ ان وقت جي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پريس ڪانفرنس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف انتهائي اعتراض جوڳي زبان  استعمال ڪئي.

2019ع ۾  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو لکيو، تھ  تحريڪ انصاف جي حڪومت ناراض ٿي وئي هئي ۽ پوءِ صدر عارف علوي جي ذريعي قاضي فيض عيسيٰ خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪيو ويو . هاڻي اهو ئي صدر عارف علوي دل تي پٿر رکي قاضي فيض عيسيٰ کان نئين چيف جسٽس طور حلف کڻائيندو.

ٿي سگھي ٿو تھ  سندس دل نھ مڃي ھو  بيمار ٿي پوي ۽ان بدران چيئرمين سينيٽ کي قاضي فيض عيسيٰ کان حلف کڻائڻو پوي. بهرحال چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ قاضي فائز عيسيٰ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ هوندو. عمران خان جي حڪومت قاضي فيض عيسيٰ سان جيڪو ڪيو ان عمل جي مذمت تھ اسان ان وقت ڪئي جڏھن عمران خان وزيراعظم هو.

اڃان قاضي فيض عيسيٰ جي خلاف ريفرنس داخل نه ٿيو هو ۽ مون ھن ڪالم ۾ لکيو هو ته قاضي فيض عيسيٰ خلاف سازش شروع ٿي وئي آهي،عمران خان مونکي وزيراعظم ھائوس ۾ گھرايو ۽ يقين ڏياريو تھ، اھي قاضي فيض عيسيٰ خلاف ڪجھھ نھ ڪندا. پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويو. ان ريفرنس جو اصل مقصد فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ٿئي ھا تھ اھو نھ ٿئي ھا،جيڪو اڄ تائين پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي.اڄ آءِ جي ۽ ڊي سي صاحبن عدالتي فيصلن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آھي.

 

عمران خان ڪجھھ ڳجھن ادارن جي ھٿ ۾ کيڏندي قاضي فائز عيسيٰ کي نااھل ڪرڻ جو ريفرنس ۾ نھ الجھي ھا تھ  اڄ اٽڪ جيل ۾ نه هجي ها.نئن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي، فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ٿي سگهي.

فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  ھڪ مذھبي گروھ طرفان راولپنڊي جي فيض آباد چوڪ تي غيرقانوني ڌرڻي،ھنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ ڪجهه سياستدانن ۽ رياستي ادارن جي غير ذميواراڻي رويي جي نشاندهي ڪندي قانون  جي بالادستي قائم ڪرڻ تي زور ڏنوھو.

 

ان عدالتي فيصلي ۾ شيخ رشيد احمد ۽ اعجاز الحق کان سواءِ تحريڪ انصاف طرفان فساد ڪندڙن جي حمايت کي غير ذميواراڻو عمل قرار ڏنو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اصغر خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته آءِ ايس آءِ کي سياست ۾ مداخلت بند ڪرڻ گھرجي،ڊي جي، آءِ ايس پي آر کي سياسي بيانن کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ سياست ۾ مداخلت سان ھٿياربند فردن جو  وقار مجروح ٿئي ٿو.

 

ساڳئي عدالتي فيصلي ۾ واضح لفظن ۾ چيو ويو ته ڳجهي يا اعلانيل سينسرشپ غير آئيني آهي، ڪا به سرڪاري ايجنسي يا انٽيليجنس ايجنسي اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائي نٿي سگهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته ،پيمرا جيو ۽ ڊان ٽي وي کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، انهن چينلز کي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪنٽونمينٽ وارن علائقن ۾ زبردستي بند ڪيو ويو.

عدالتي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اهو به ياد ڏياريو ويو ته ان جن سياسي جماعتن کي رجسٽرڊ ڪيو آهي انهن کان انھن جي آمدني جا ذريعا پڇڻ پڻ انھن جي ذميداري آھي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ فسادي گروپ ۽ حڪومت وچ ۾ لکت ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو ۽ان معاھدي جو ضامن  ميجر جنرل فيض حميد هو، جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو هو ته حڪومت اهڙن فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري.جن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي، حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي.

ان فيصلي جي خلاف تحريڪ انصاف نظرثاني اپيل داخل ڪئي ھئي ۽ بعد ۾ جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻايو ويو ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي، جنرل فيض حميد نه رڳو اصغر خان ڪيس بلڪھ  فيض آباد واري ڌرڻي ڪيس پڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کليل ڀڄڪڙي ڪندو رهيو. ھو ھڪ سياسي رانديگر بڻجي سياسي جوڙ توڙ ڪندو رھيو ۽ اعليٰ عدليھ  پسند جي ججن جي  مقرري ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين.

هن هڪ صحافي کي واضح لفظن ۾ چيو ته هو گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سال اقتدار ۾ رهندو. جنرل فيض جنرل باجوا جي سرپرستي ۾ جيڪو ڪجھ ڪيو، سو تھ ڪيو پر  سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اڄ سياست ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت بند ٿي وئي آهي؟ ڇا اڄ پاڪستان ۾ اعلانيل ۽ غير اعلانيل سينسرشپ لاڳو آهي يا نه آھي ؟اڄ جو  پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟

فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي ۾ ڪجهه سياستدانن کي غير ذميوار  قرار ڏنو ويو پر ڪنهن به سياستدان خلاف ڪارروائي جو حڪم نه ڏنو ويو ھو. فيصلي ۾ چيو ويوھو ته سياست ۾ مداخلت ڪندڙ فوجي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. انهن آفيسرن خلاف ايڪشن وٺڻ بدران فيصلو لکڻ وارن ججن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي ھئي، ڇا جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي فيصلي جي روشنيءَ ۾ رٽائرڊ ٿيل آفيسرن خلاف ڪارروائي تي ڌيان ڏيندو جيڪي رٽارڊ ٿي چڪا آھن ؟ نئين چيف جسٽس قاضي فيض عيسيٰ کي ڪنھن ھڪ سياستدان يا سياسي گروهه جو نھ بلڪھ صرف ۽ صرف  پاڪستان جي آئين جو ساٿ ڏئيڻو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.