ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي شاندار ڪارڪردگيءَ جو سلسلو جاري آهي، جنهن تي ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ سندس فرنچائز کيس ”گيم چينجر“ قرار ڏئي ڇڏيو.
ابوظهبي ٽي ٽين ليگ جي فرنچائز ناردرن واريئرز طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جو شاندر آخري اوور کيس ”گيم چينجر آف دي سيزن“ جو ايوارڊ ڏياريو، ناردرن واريئرز لاءِ هو واقعي هڪ گيم چينجر ثابت ٿيو.
واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ جي چئن ميچن ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.