شوبز ڇڏي بزنس ڪندڙ ريا چڪرورتي جي زندگي تبديل ٿي وئي، ججهو ناڻو ڪمائڻ ۾ ڪامياب

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي اداڪاري ڇڏي بزنس شروع ڪيو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي وئي.
33 ورهين جي ريا چڪرورتي ساٿي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت کانپوءِ پيدا ٿيل ميڊيا تڪرار ۽ عوامي ردعمل تي اداڪاري ڇڏي ڏني هئي.
هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر نئين سر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ريا چڪرورتي 2024 ۾ پوڊ ڪاسٽ ۽ ڪپڙن جو آن لائن برانڊ لانچ ڪيو، کيس هڪ ڪروڙ جي سيڙپڪاري ملي، محنت کانپوءِ هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ برانڊ جي ويليو 40 ڪروڙن تائين پهچي وئي.
اداڪارا ڪاميابي کانپوءِ پنهنجي برانڊ جو پهريون اسٽور ممبئي جي علائقي باندرا ۾ کولي ڇڏيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ريا چڪرورتي ٻڌايو ته جڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته منهنجي شرٽ تي جيڪو لکيل هو، ان منهنجي زبان جو ڪم ڪيو، ان لمحي مون کي احساس ٿي ويو ته لباس اظهار جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ منهنجي پيشيوراڻي زندگي ۾ واپسي جو رستو ٺهي ويو.
هن چيو ته گرفتاري کانپوءِ منهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويو، مون کي آڇون اچڻ بند ٿي ويون، پوءِ مان ماڻهن جو آواز بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.