ڪراچي ۾ ثقافت جي ريلي تي پوليس جي ڪاهه ڇو؟

تحرير: علي حيدر شاھ

سنڌ اسان جو وطن آهي جنهن ۾ اسان رهون ٿا ۽ سنڌي قوم ان جي حقيقي وارث مالڪ آهي۔ سچ اهو به آهي ته اسان پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا مالڪ آهيون۔وري ڏٺو وڃي ته سنڌ کي ڌارين هميشه پئي لٽيو ۽ ڦريو آهي پر سنڌي قوم ڌارين کي پناه ڏيندي آئي آهي ۽ هن قوم ڪنهن سان به نفرت نه ڪئي آهي۔جي ايم سيد جنهن محب وطن جي ناتي سنڌ جي قرارداد پيش ڪئي افسوس ان کي ملڪ جو غدار ڪوٺيو وڃي ٿو۔سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته پنهنجي ڌرتي وطن پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو يا ماريو وڃي ٿو۔

هتي ڳالهه ڪيون ٿا ثقافت جي ڏينهن تي ڪراچي ۾ شاهراه فيصل تي پوليس پاران ايڪتا ريلي جي نوجوانن جي رستا روڪ ڪري مٿن ڪڙڪي پئي۔ان عمل تي نوجوانن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون ۽ پوليس نوجوانن تي لٺيون وسايون جڏهن ته سوين نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو۔ڏک جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هڪ سول ڪپڙن ۾ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي دشمن، پوليس موبائل ۾ ويٺل سنڌي نوجوان کان موبائل وٺڻ دوران وڏي ديده دليري سان ان سنڌي نوجوان کي ڀيڻ ماءَ تي ڪچيون گاريون ڏيندي سوشل ميڊيا تي ڏيکاريو ويو آهي وليس جي اهڙي عمل  کان  پوءِ سڄي سنڌ مان سخت ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو۔

سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي۔نوجوان سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻ سخت غم وغصي جو اظهار ڪري رهيا آهن۔ايڊوڪيٽ شاڪر نواز چيو ته اسان جي سنڌي نسل کي گاريون ڏيڻ برداشت نه ڪيون وينديون هن وقت پ۔پ۔پ جي حڪومت آهي۔تدارڪ نه ٿيو ته  پوءِ اسان تي ميار نه ڪئي وڃي۔قانون ۽ آئين ڪنهن جي تذليل ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏي۔ مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصرت سحر عباسي پاران واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وزير اعليٰ اڳيان سخت احتجاج ڪيو آهي۔مهاجر جماعت جي اڳواڻ آفاق احمد جي هڪ ڪارڪن نفرت آميز بيان ڏيندي چيو آهي ته سنڌو ديش جي دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي۔مهاجر قوم ثابت ڪندي ته هو پنهنجي ادارن ۽ ملڪ سان گڏ آهي۔ڇڪ ڇڪان واري ان ماحول ۾ وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ ڪراچي جي ٿاڻي تي وڃي سڀئي ڪارڪن آزاد ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته مضمون موڪلڻ تائين اڃان به ڪيترائي سنڌي نوجوان ڪراچي جي جيلن ۾ بند آهن ۔جڏهن ته 300 نوجوانن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۔ ٻئي طرف  اي آر وائي پنهنجي خبر ۾ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائيندڙ نوجوانن کي شرپسند ڪوٺيو آهي ۔ اردو ٽي وي چئنلن باربار شرپسند جو لفظ استعمال ڪندي ٻڌايو ته وزير داخلا سنڌ ضياءَ لنجار اي آءِ جي کي شرپسندن خلاف ڪارروائي ۽ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ ان حوالي سان حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته موجوده صورتحال مان لڳي ٿو ته قومپرست، ثقافت جو ڏهاڙو ملهائين يا پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪن اردو ميڊيا۔مهاجرن ۽ رياست جي نظر ۾ اهي شرپسند ۽ دهشتگردن کانسواءِ  ڪجهه به نه آهن!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.