قوم جو ’دارُون ۽ ڪارُون‘ ۽ شيخ عزيز

تحرير: ياسر قاضي

اڄ سنڌ جي سرموڙ ۽ روايت ساز صحافي شيخ عزيز صاحب جو 87 هون جنم ڏينهن آهي. مون ڪافي ڏينھن کان سندن آتم ڪٿا پئي پڙهِي. رات 12:00 لڳي تاريخ مَٽجندي ئي مون کين ياد ڪندي، پنھنجي بيڊ جِي سائيڊ ٽيبل تي رکيل ٽيبل لئمپ جي جِهيڻي روشنيءَ ۾ سندن ان ڪتاب ”دارُون ۽ ڪارُون“ جا اختتامي پنا پڙھندي، ڪا دير کليل ڪتاب کي پنھنجي سيني تي رکي، گڏيل هندوستان واريءَ سنڌ، ورهاڱي واريءَ شورش واري سنڌ ديسَ ۽ بعد وارين حالتن تي پئي سوچيو ته ڄڻ چُرندڙ عڪسن جو هڪ سلسلو اکين  رقص ڪرڻ لڳو. سوچيم ته اڄ شيخ صاحب جي جنم ڏينھن تي هن ڪتاب جا ڪجهه عڪسَ اوهان سان به اوريان.

شيخ صاحب (1938ع ــ 2018ع) نه رڳو انگريزي، بلڪه سنڌي ۽ اردو صحافت جو به هڪ يگانو صحافي هو، جنھن صحافت کي ڪنهن ’هنرَ‘ (ڪرافٽ) وانگر نه، پر هڪ ’فن‘ (آرٽ) جيان انجام ڏنو ۽ ان جا نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. ٽن ٻولين ۾ لکيل سندس پنجويهارو کن منفرد ڪتابن مان هي ڪتاب (سندس خود نوشت) رڳو هڪ آرٽسٽ جي پنھنجي ذاتي ارتقا جي ڪھاڻي ڪانھي، بلڪه جنھن سماج ۾ سندس پرورش ٿي، هي ان سماج جي به ارتقا ۽ پرورش جي ڪٿا پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوبه آرٽسٽ، هڪ حساس تخليقڪار هوندو آهي، تنھنڪري هن جي پوري معاشري جي هر هڪ شئي تي نھايت گھري نگاھه هوندي آهي. شيخ صاحب جو جنم ورهاڱي کان 9 سال اڳ ٿيو ۽ هن ورهاڱي کانپوءِ ٿيندڙ اٿل پُٿل کي پنھنجي شعورَ واريءَ اک سان ڏٺو. هن ڪتاب ۾ شيخ صاحب ورهاڱي کان اڳ وارن عڪسن، ورهاڱي وارن سالن ۾ ٿيندڙ هلچل ۽ 1947ع کانپوءِ وارين تبديلين کي هڪ ماهر چترڪار وانگر پينٽ ڪيو آهي. حيدرآباد ته سندس جنم ڀومي آهي ۽ سندس رُوح ۾ وسي ٿي، پر هن پنھنجي ننڍپڻ واري ڪراچيءَ جا به جيڪي رنگ ڏٺا آهن، ان جي پڻ سھڻي نموني عڪاسي ڪئي آهي. اهي عڪسَ هن دؤر ۾ ساھه کڻندڙ  لاءِ بنهه نوان ۽ نه يقين ڪرڻ جھڙا آهن.

هن ڪتاب ”دارُون ۽ ڪارُون“ ۾ ٿُلھي ليکي 43 باب آهن، جن کي شيخ صاحب هنن 120 موضوعن ۾ ورهايو آهي: (1) حيدرآباد هميشه شاد (2) بَن ڪي رهي گا پاڪستان  (3) آزادي ۽ لڏ پلاڻ ــ اوڌر تي ٽوپيون (4) ننڍو ڀاءُ ــ هوٽل آر پار  (5) ٻيلو، جنھن تي ’لطيف آباد‘ ٺھيو (6) مھاجر ٽيڪس (7) ڪوٽڙيءَ واري پُل (8) يھُودين جو قبرستان (9) سائيڪل رڪشائون ۽ بگيون (10) بُک ۾ پاھه شينھَن ۽ چيتا (11) گهوڙا ڇڪيندڙ ٽرامُون (12) ڪياماڙيءَ جا ٽوٻا ٻارَ (13) پراڻو ڪلفٽن ۽ سمنڊ کي ڏنل ديوار (14) لالُوءَ جو کيت (15) نَوَلراءِ اڪيڊمي (16) شاهواڻيءَ جو انتظام (17) ’هلو هلو ڪاڪ تڙئين‘ (18) شھر جو پھريون ڪرفيُو (19) ڪلب ۽ خردم (20) دادا جا آنڊا نڪري ويا (21) ون يُونٽ جِي تياري (22) لٺيُون ۽ ٻولھاڙي ياترا (23) اديبن جي اسڪرول تحريڪ (24) کھڙي جي سخت گيري (25) شاگرد تحريڪن جي ابتدا (26) سنڌ جُون تنظيمون گمشدگيءَ جو شڪار (27) شھرَ جا ڪٽيلَ ڦڦڙَ (28) گِدُو ۽ اهلِ جنُون جِي بستي (29) هوشمندن لاءِ سبق جو دفتر (30) مير علي احمد ۽ پوليس وارن جِي ڊوڙَ (31) سائيڪل وڻَ تي، گهنٽين جا غائب ڍَڪَ (32) ڪوٽڙِي بيراج (33) سياستدانن جي سرد مھري (34) وڏِي ٻوڏ ۽ مدد جو آسرو (35) لکڻ جو ماحول (36) ترقي پسند ۽ رجعت پرست (37) مولانا گراميءَ جو جواب (38) سلطان هوٽل ۽ افضل هوٽل (39) محمد علي ايڪٽر جُون ٻيڙيون (40) گرامي ڪراچي هوٽلَ جِي رانَ (41) اخباري دنيا ۾ پھريون قدم (42) ننڊ خلاف جنگ (43) حُسنَ جا اُڃيا ۽ شِيش محل (44) سياستدانن جو هٿيار (45) ’عبرت‘ اخبار جا ابتدائي ڏينھَن (46) اي پي پي جي پھرين آفيس (47) مارشل لا لڳي ويو، خبر مِس ٿي (48) ٻوڙَ جا ديڳڙا اُونڌا ٿي ويا (49) خان قيوم، گاهَه ۾ لڪي سفر ڪيو (50) جتوئي اندر، مطالبا منظور (51) سنڌ جو نقشو غائب (52) اعظم خان جو حڪم، پاڻيءَ جي ٽانڪي (53) ايُوب خان واري ٽرين (54) گهوڙن جي اسطبل مان پريس ڪلب (55) ڪفن جي پيسن جو دارون (56) پاڪستان جي سڀ کان پراڻي سئنيما (57) ”گاڙي نڪال دو“ (58) داداگير ۽ ٽڪيٽن جي بليڪ (59) پنو کائيندڙ ايڊيٽر (60) ڪريم بخش خالد ۽ پروانو ڀٽي (61) پير مظھر جي اينٽري (62) منڊو رپورٽر جنھن پليٽون ڌوئيندي سيٺ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي (63) چار گلاس وسڪي ۽ ريل گاڏي (64) ميخاني جي مستي (65) آغا سليم ۽ بخاري جيل هليا ويا (66) ڪريم بخش نظاماڻي (67) ملڪ امير محمد خان جي مُڇن جو نقل ڪندڙ گرفتار (68) اڇيون ٻيڙيون، سائي ڊٻي ۾ (69) مظھرَ جا مينھن وساڙا (70) پاسپورٽ لاءِ ڀڄ ڀڄان (71) برُوٽس جي ڊپَ يحييٰ خان کي گهيري ورتو (72) چُونڊَ، قاضي ڀائرن کي ڌار ڪري ڇڏيو (73) پنجاب ريجمنٽ ۾ حاضري (74) يونيورسٽي شاگردن جا عشقَ (75) براديءَ جي هاٿين واري اخبارَ (76) جنگ ۾ چورن چوري ڇڏي ڏني (77) سنڌي اخبار نويسيءَ ۾ هڪ نئون لاڙو (78) ڀُٽي جي سياسي بيماري ۽ پارٽي (79) مون تي ’پِرو ڀُٽو‘ جو ٺپو لڳي ويو (80) يحييٰ خان نيٺ اچي ويو (81) گئينڊا جون نيم باز اکيون (82) لفظَ ۽ جملي جي ڊيگهه (83) ورڊس وَرٿ جِي ندي (84) اخبارن جو گمنام سُورمو (85) اسلم پھلوان ملھه وڙهندي ٻُڏي ويو (86) هڪ ڌاڙيلَ لاءِ اسپيشل ٽرين (87) ’سنڌ نيُوز‘ جو اجراء (88) مير خليل جي شخصيت (89) ’ڊان‘ سان وابستگي (90) ’ڊان‘ آبيچوئري جو ڪلچر (91) ٽائيمز آف انڊيا ۾ ٻيھر اشاعتَ (92) سيد محمد تقيءَ جي بيٺڪ (93) جون ايليا ۽ زاهده حنا (94) بينظير جي واپسي (95) برنيءَ جو آئوٽ لُڪ ۽ ايوب خان (96) وچ ايشيا (97) ڪسوٽي ۽ نيلام گهر (98) موسيقي، ريسرچ، انسائيڪلوپيڊيا (99) استاد امانت علي خان (100) بلاول بيلجيم (101) ايم آر ڊي تحريڪَ، ليڊرن جي بيحسي (102) بينظير جِي سنڌيءَ ۾ پھرين تقرير (103) ايڊيٽر جي آزاد پاليسي (104) مشاهد حسين جي آفر (105) اخباري مالڪَ، اخبار نويسَ بنجي ويا (106) گرفتاري ۽ انٽراگيشن (107) ڏُکي ٻولي سؤلي ٻولي (108) سنڌ ميُوزم جي ابتدا ۽ ظفر ڪاظمي (109) عهدِ حاضر جو پروموٿيوسس ــ صادقين (110) بي بي سيءَ تان شاهه عنايت تي ڊاڪيومينٽري (111) اوندهه ۾ زندگي روشن ڪندڙ نائيٽ ڪلبس (112) ملينيم ايڊيشن (113) شيخ اياز، آءٌ ۽ سمنڊ (114) ڪوفي عنان، غلامي، هنگاما (115) جان جي زال ۽ ڌيءُ روئنديون رهيون ۽ رمون ڪوريءَ جا ڪبابَ کائينديون رهيون (116) ڊاڪٽر عبدالسلام جي همت افزائي (117) امريڪي يونيورسٽين جي آفر (118) اخبارَ واري جون اکيون (119) 1988ع جي اليڪشن جي پيش گوئي (120) سنڌي ادبي بورڊ جا ٽي سالَ

هنن يادگيرين جا عنوان پڙهي ئي اوهانکي اندازو ٿيندو ته شيخ عزيز ڪيئن ذري گهٽ 8 ڏهاڪن جي تاريخ کي رڳو 358 صفحن ۾ سھيڙي اتهاس جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو بجا طور تي هڪ اڻ ڌريو اتھاس آهي. هنن موضوع وار يادگيرين جا عنوانَ ئي ايڏا تخليقي آهن، جو انھن مان ڪي عنوانَ ته ڪنھن ناول يا فلمَ جا ٽائٽل ٿا لڳن. مثال طور: ’ڪفن جي پيسن جو دارون‘، ’چار گلاس وسڪي‘، ’لٺيُون ۽ ٻولھاڙي ياترا‘، ’پنو کائيندڙ ايڊيٽر‘، ’اڇيون ٻيڙيون، سائي ڊٻي ۾‘، ’ريل گاڏي ميخاني جي مستي‘، ’گئينڊا جون نيم باز اکيون‘، ’ورڊس وَرٿ جِي ندي‘، ’هڪ ڌاڙيلَ لاءِ اسپيشل ٽرين‘ وغيره

شيخ عزيز جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو. ان جو هڪڙو عڪس چٽيندي هو پاڻ ٻڌائي ٿو: ”ٿورو وڏو ٿيڻ کانپوءِ جڏهن گهر جو سودو سلف وٺڻ لڳس ته فقير جي پِڙَ مان ڪڻڪ ڍوئي کڻي ايندو هئس. جيڪا پوءِ منھنجي ماءُ صاف ڪري ڏيندي هئي. جيڪا وري قاضي عبدالقيوم روڊ تي حافظ ايوب جي چڪيءَ تان پيھرائي کڻي ايندو هئس. دراصل هر گهر جو ڪونه ڪو فرد ائين ڪندو هئو، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه وانگيان اٽي وڪڻڻ واريون وڏيون فرمون ڪين هيون، جيڪي ٿيلھين ۾ اٽو بند ڪري وڪڻن. صرف دوڪاندار چڪين تان اٽو پيھرائي ڳوڻين ۾ رکندا هئا، جتان ضرورتمندَ کُليو اٽو وٺندا هئا.“ (صفحو: 8)

هو پنھنجي ننڍپڻ ۾ تعليمي معيار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”تن ڏينھين اسڪولن جو تعداد گهٽ هو، پر معيار مٿانھون هو. ٽيوشن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئو ۽ هرڪو ماءُ پيءُ چاهيندو هئو ته سندس ٻار پاڻ محنت ڪري. البته پيسي وارا مائٽَ ٽيوشن لاءِ ٽيوٽر رکندا هئا. پر ڪي ٽيوشن سينٽر ڪونه هئا. منھنجو پيءُ ته هو ئي ٽيچر، سو منجهند جو ئي سبق ياد ڪرائيندو هئو ۽ هوم ورڪ ڪرائيندو هئو. سبق ياد نه هئڻ ڪري وِڃڻي جي ڳَنَ سان سزا ڏيندو هئو. منھنجي پاڙي مان ڪو هڪ اڌ ڇوڪرو ئي پڙهڻ ويندو هئو. شام جو راند کيڏڻ لاءِ ٿورو پريان هاڻوڪي عبرت اخبار واري آفيس جي پويان دوستن وٽ وڃڻو پوندو هئو. منھنجُون ننڍي هوندي واريون وندرون به اهي ئي هيون، جيڪي ٻارن جي اوسٿا ۾ سڀئي ٻارَ ڪندا آهن. لاٽون هلائڻ، لغڙ اڏائڻ يا اِٽِي ڏڪر کيڏڻ. اهي ئي هيون جن ۾ گهٽ خرچ ٿيندو هئو. جيڪو مون کي به گهران ڪونه ملندو هئو ۽ سوس ڪري پنھنجي خرچي بچائي لاٽون ۽ لغڙ وٺندو هئس. البته اِٽي ڏڪر قاضي عبدالقيوم روڊ تي هڪ ڪاٺين جي دوڪان تان ڪاٺير جي پُٽ کي چئي ٺھرائيندو هئس.“ (ص: 18)

هي ڪتاب رڳو هڪ فرد جي آتم ڪٿا يا يادگيرين جي سھيڙَ ناهي، بلڪه هڪ زماني جِي ڪٿا آهي، جنھنکي پڙھڻ سان ان جي لفظَ لفظَ مان گذريل مُني صديءَ جون سياسي ۽ سماجي حالتون، صحافت ۽ ادب جا مانڊاڻَ توڙي عوام سان ڪيلَ جمھُوري ۽ مارشلائي مذاقَ، ڪنھن فلم جيان ذهن جي پروجيڪٽر تي هلندي نظر اچن ٿا ۽ ڄڻ ته اسان اهو دؤر پنھنجين اکين سان پسُون ٿا. ”دارُون ۽ ڪارُون“ پڙهندي اهو به شدت سان احساس ٿئي ٿو ته ڪنھن به قوم کي سماجي اَگهايُن کان بچائڻ لاءِ رڳو دارون ئي ڪافي ناهي، بلڪه ان لاءِ ڪي ٻيُون ڪارُون به ضروري آهن، جيڪي قوم جي سڄڻن کي ڪرڻيون پون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.