عمران خان جيلر آهي يا قيدي؟

تحرير: وسعت الله خان

محترم ۽ مڪرم ڊي جي آءِ ايس پي آر صاحب، ڀاڳ توهان جو ساٿ ڏئي، مولا سلامت رکي، سدائين جيئندا رهو. رب اوهان کي به ڪنهن ڏينهن فِيلڊ مارشل بڻائي ۽ عزت ۽ وقار جي بلند ترين مقام تي هميشه لاءِ ويهاري رکي۔ جناب اعليٰ! دنيا ڄاڻي ٿي ته جيڪڏهن اوهين آهيو ته اسين به آهيون. جيڪڏهن اسين نه به هجون، تڏهن به اوهين آهيو. اوهين جنهن اداري جا ترجمان آهيو، جيڪڏهن اهو ادارو نه هجي ها ته پاڪستان اڄ افغانستان، شام، عراق ۽ صوماليا بڻجي چڪو هجي ها۔

اهو اوهان جي اڳواڻن جو ئي ڪرم ۽ احسان آهي جو پوءِ 1948ع جي ڪشمير جنگ هجي، 1965ع جي جنگ هجي، 1971ع جو معرڪو هجي يا 1999ع جو ڪارگل اوهان هميشه هن قوم جو ڪنڌ فخر سان مٿي رکيو. اوهين افغانستان مان سوويت سامراج کي ۽ پوءِ آمريڪي سامراج کي ڪڍڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ۽ ڪشميرين کي به غيرت سان جيئڻ ۽ مرڻ جو درس ڏنو۔ اٺهتر سالن ۾ جڏهن به نااهل سياسي حڪومتن هن ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، تڏهن اوهان جهڙن غازين ئي پاڪستان جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سنڀاليو. الله اوهان جي بازوءَ جي طاقت ۽ همت کي قيامت تائين برقرار رکي، بلڪه ان ۾ روز بروز اضافو ڪندو رهي۔

جنابِ اعليٰ ! اوهان سچ فرمايو ته فوج جو نه سياست سان ڪو واسطو رهيو آهي، نه آهي ۽ نه رهندو. فوج رڳو رياستي حڪمن جي پابند آهي ۽ ٻين ادارن وانگر هڪ ادارو آهي، جيڪو هميشه پنهنجي مقرر ڪيل قانوني ۽ پيشه ور حدن ۾ رهي ڪم ڪري ٿو. عدليه ۽ پارليامينٽ سپريم آهن. آئين ٻارهن صفحن جو ڪتابڙو نه آهي، بلڪه اهو هڪ پاڪ دستاويز آهي جنهن ۾ رياست جو روح سمايل آهي۔ هن ڊگهي تمهيد کان پوءِ عرض آهي ته هن وقت اڊياله جيل ۾ عمران خان نالي هڪ قيدي به پنهنجي ڪيل عملن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. ان جيل ۾ سوين ٻيا قيدي به پنهنجن ڪرتوتن جو بار کڻي رهيا آهن۔ قيدي پاڻ ۾ وڙهندا به آهن، اجايو ڳالهائيندا به آهن، دانهن ڏيندا به آهن اها سڄي دنيا جي رسم آهي. تنهنڪري چيو ويندو آهي ته جاهل جي گار کي کل سان ٽوڙجي۔ انهن مان ڪيترائي قيدي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين جو به شڪار هوندا آهن. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جيل جو طبي عملو اڪثر ڪافي هوندو آهي. تنهنڪري انهن سوين قيدين مان ڪنهن هڪ لاءِ خاص طور پريس ڪانفرنس ڪرڻ يا ساڳي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ اوهان جي اداري يا اوهان جي شان جي لائق نه آهي. اهو وڌ کان وڌ عطا تارڙ يا خواجه آصف جهڙن ماڻهن جو ڪم هئڻ گهرجي۔ نه رڳو قوم اوهان جي اداري کي گهڻو مان ڏئي ٿي، پر هاڻي ته عالمي اڳواڻن سان به اوهان جو اٿڻ ويهڻ آهي. ڊونلڊ ٽرمپ کان صدر شي جن پنگ، شهزادو محمد بن سلمان کان طيب اردوان ۽ علي خامنه اي تائين سڀ اوهان جي ڪارڪردگي، فراخدلي ۽ ڏاهپ جا مداح آهن۔ فلسطين جا مظلوم هجن يا سڄو عالم اسلام، عرب ۽ عجم—اوهان کي هڪ ايٽمي قوت جي حيثيت سان اميد ڀرين اکين سان ڏسن ٿا. اهڙي اعليٰ سطح جي هوندي ڪنهن ننڍڙي قيدي جي اُڪسائڻ واري ڳالهه جو سامهون سامهون جواب ڏيڻ، اوهان کي ملندڙ عالمي عزت جي شان موافق نه آهي۔ اها ئي ته شاعري آهي:

پرواز ہے دونوں کی اسی ایک فضا میں

کرگس کا جہاں اور ہے شاہیں کا جہاں اور

انسان ته غلطي ڪري سگهي ٿو، ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڪو به ڀلجي سگهي ٿو. ڀل چوڪ معاف. پر جناب، هاڻي جڏهن اوهان هن “سڌي مقابلي واري ميدان” ۾ لهي ئي پيا آهيو، ته جيڪڏهن ڪجهه مونجهارا به دور ٿي وڃن ته مهرباني ٿيندي۔ اوهان پنهنجي گفتگو ۾ فرمايو ته هو (عمران خان) هڪ نرگسيت ۾ ورتل ذهني مريض آهي، بي معنى ذهن وارو آهي، قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي، گوئبلز جو شاگرد آهي، غدار آهي، ڀارت ۽ افغانستان جي ايجنڊن جو سهڪار ڪندڙ آهي وغيره وغيره۔

جڏهن ته اوهان ڪو عام ماڻهو نه، بلڪه هڪ ذميوار ۽ حساس عهدي تي فائز انسان آهيو، تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ ايتري گذارش ضرور ٿي سگهي ٿي ته ڪنهن کي “ذهني مريض” رڳو ڪو نفسياتي ڊاڪٽر يا ميڊيڪل بورڊ ئي قرار ڏئي سگهي ٿو۔ ذهني مريض ڇاڪاڻ ته پنهنجي هوش ۾ نه هوندو آهي، تنهنڪري هو غداري جهڙا منصوبابند ڪم به نٿو ڪري سگهي. هو قومي سلامتي کان وڌيڪ پنهنجي ذاتي سلامتي لاءِ خطرو هوندو آهي، تنهنڪري کيس وڌيڪ سار سنڀال ۽ نگراني جي ضرورت هوندي آهي۔

جيڪڏهن اوهان جو ادارو واقعي طبي جاچ کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهتو آهي ته ڦلاڻو قيدي ذهني مريض آهي ته پوءِ طبي ۽ اخلاقي ذميواري اها ٿئي ٿي ته کيس بهترين علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ سندس حالت کي راز ۾ رکيو وڃي۔ اهڙي تشهير سان ته رڳو ملڪ جي بدنامي ٿيندي ته اهو ڪيئن ملڪ آهي، جتي هڪ ذهني مريض سياسي پارٽي ٺاهي، چونڊون وڙهي، ۽ هڪ ايٽمي طاقت جو وزيراعظم پڻ بڻجي ويو۔ حميد گل کان وٺي جنرل شجاع پاشا، ظهيرالاسلام، فيض حميد ۽ قمر جاويد باجوا تائين ڪنهن کي به خبر نه پئي ته جنهن کي اسين ايماندار سمجهي رهيا هئاسين، اهو ته اصل ۾ ذهني مريض آهي۔ ڪجهه ماڻهو ته انهيءَ کي اوهان جي پيشه ورانه غفلت به چئي سگهن ٿا۔ هي ملڪ اڳ ئي ڪيترن ئي غدارن ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرن طور قرار ڏنل وزيراعظمن ۽ اڳواڻن کي ڏسي چڪو آهي. هاڻي هڪ ذهني مريض به ڏسڻو رهجي ويو هو، جيڪو اوهان جي موجودگيءَ ۾ به ساڍا ٽي سال آسانيءَ سان حڪومت ڪندو رهيو ۽ پوءِ لکين ماڻهن کي به پنهنجو پوئلڳ بڻائي ڇڏيو۔

اوچي شان وارا! اوهان جا ٻار جيئندا رهن۔ اوهين طاقت جو مرڪز آهيو۔ اوهان کي وڏا ڪم ڪرڻا آهن۔ اوهان جو هر هڪ لمحــــو هن قوم لاءِ قيمتي آهي۔ ڇڏين ۾ اُلجهڻ سان ڇا حاصل؟ ائين نه ڪيو، جو  ايئن لڳي ته اڄ هن صورتحال ۾ عمران خان جيلر آهي ۽ اوهين قيدي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.