هر سال 14 مارچ تي دُنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هِن ڏينهن جو مقصد دُنيا جي ماڻهن کي ياد ڏيارڻ آهي ته درياهه ڌرتيءَ جي زندگيءَ جو بُنيادي حصو آهن. هي ڏينهن رڳو هڪ تقريب يا رسم نه پر فطرت سان پنهنجي رشتن کي سمجهڻ جو هڪ موقعو آهي. حقيقت ۾ درياهه ڪنهن هڪ ڏينهن جا محتاج ناهن، درياهه ته هر ڏينهن انسان جي زندگيءَ سان ڳنڍيل آهن. جڏهن انسان پنهنجي مصروفيتن ۾ فطرت کي وساري ويهندو آهي تڏهن اهڙا ڏينهن ياد ڏياريندا آهن ته درياهه اسان جي وجود جو حصو آهن.
اسان جي ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو احساس، سڀ کان وڏي ڪهاڻي سنڌو درياهه آهي. هي درياهه صدين کان سنڌ جي مٽيءَ کي زندگي ڏيندو رهيو آهي. جڏهن هِن درياهه جي ڪناري شام لهندي آهي ۽ آسمان جا ڳاڙها، نيرا ۽ سونهري رنگ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويندا آهن ته منظر ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن مصور پَنهنجي دل جا سڀ رنگ هِن درياهه ۾ اوتاري ڇڏيا هجن. سنڌو جي لهرن ۾ هڪ عجيب موسيقي آهي، جيڪا وقت جي هر دور سان گڏ وهندي رهي آهي.
درياهه صرف پاڻيءَ جو وهڪرو نه هوندو آهي، درياهه هڪ احساس هوندو آهي، هڪ زندهه ڪهاڻي، جيڪا صدين کان ڌرتيءَ جي سيني ۾ وهندي رهي آهي. جڏهن صبح جو سج اوڀر کان اُڀري ٿو ۽ اُن جون سونھريون ڪرڻون پاڻيءَ جي سطح تي پکڙجن ٿيون ته درياهه جي لهرن تي هڪ جادوئي چمڪ پيدا ٿئي ٿي. اُهو منظر ائين لڳندو آهي ڄڻ فطرت پَنهنجي ڪنهن پراڻي محبت جي داستان کي ٻيهر ورجائي رهي هجي. درياهه جي ڪناري بيهي جڏهن هوا جو نرم ڇهاءُ محسوس ڪجي ته دل جي اندر به هڪ نرم لهر اُڀري ٿي. اُها لهر رڳو پاڻيءَ جي نه پر احساسن جي هوندي آهي، جيڪا انسان کي فطرت سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي.
درياهه هميشه کان انسان جي زندگيءَ جو مرڪز رهيا آهن. قديم زماني کان وٺي انسان درياهن جي ڪنارن تي آباد ٿيندو رهيو آهي. درياهه نه رڳو پيئڻ جو پاڻي ڏيندا رهيا آهن، پر زمينن کي زرخيز بڻائي فصلن جي پوک لاءِ به زندگي مهيا ڪندا رهيا آهن. جڏهن درياهه وهندا آهن ته اُنهن سان گڏ زندگي به وهندي آهي. جڏهن درياهه سڪي ويندا آهن ته انسانن جون اُميدون به سڪي وڃن ٿيون.
صديون اڳ جڏهن دُنيا اَڃا تهذيبن جي شروعاتي سفر ۾ هئي، تڏهن به سنڌو درياهه جي ڪنارن تي زندگي جا چراغ روشن هئا. هِن درياهه جي آغوش ۾ هڪ عظيم تهذيب جنم ورتو جنهن کي سنڌو ماٿري جي تهذيب چيو وڃي ٿو. هِن تهذيب جا عظيم شهر موهن جو دڙو ۽ هڙپا اڄ به ماضيءَ جي ڪهاڻين جا شاهد آهن. اُنهن شهرن جا کنڊر، اُنهن جا رستا ۽ اُنهن جون ڀتيون اڄ به ڄڻ درياهه جي لهرن سان گڏ ماضيءَ جون سرگوشيون ڪن ٿيون.
قديم دور ۾ انسان درياهه سان هڪ روحاني رشتو رکندو هو. هو درياهه کي صرف پاڻيءَ جو ذريعو نه پر هڪ مقدس طاقت سمجهندو هو. قديم مذهبي ڪتاب رگ ويد ۾ به سنڌو درياهه جي عظمت جو ذڪر ملي ٿو. اُن دور جا ماڻهو درياهه جي ڪنارن تي ويهي گيت ڳائيندا هئا، درياهه جي لهرن سان ڳالهيون ڪندا هئا ۽ اُن کي زندگيءَ جو محافظ سمجهندا هئا. عورتون درياهه جي ڪنارن رقص ڪنديون هيون پاڻي ڀرڻ اينديون هيون ته اُنهن جي کل ۽ ڳالهين سان درياهه جي لهرن ۾ به ڄڻ خوشيءَ جا سُرَ پيدا ٿيندا هئا.
سنڌو درياهه سان صرف تاريخي ۽ روحاني لاڳاپو نه رهيو آهي، پر اُن سان سنڌ جي ماڻهن جي معاشي زندگي به جُڙيل رهي آهي. هِن درياهه جي مهرباني سان سنڌ جون زمينون سرسبز ٿيون. هارين جا فصل پوکيا ويا، ڪڻڪ جا سونھري سنگ ڦٽڻ لڳا، چانورن جا ٻج پوکيا ويا ۽ باغن ۾ ميوا پچي خوشبو پکيڙڻ لڳا. درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ مهاڻا پَنهنجي ٻيڙين سان پاڻيءَ ۾ نڪرندا هئا ۽ سندن زندگي درياهه جي لهرن سان گڏ وهندي هئي.
اُهو منظر ڏسي دل ۾ هڪ گهرو درد پيدا ٿئي ٿو. درياهه جيڪو ڪڏهن محبت جي ڪهاڻي هو، اڄ هڪ خاموش دانهن بڻجي ويو آهي. اُن جي لهرن ۾ هاڻي هڪ سوال لڪل آهي: جيڪو چئي رھيو آھي ته: ڇا انسان پَنهنجي ئي زندگيءَ جي سرچشمي کي وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا انسان ترقي جي نالي تي فطرت جي اُن تحفي کي تباهه ڪرڻ لڳو آهي جيڪو هزارين سالن کان کيس زندگي ڏيندو رهيو آهي؟دريائن جو عالمي ڏينهن اصل ۾ هڪ جاڳرتا جو ڏينهن آهي. اُهو ڏينهن انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته جيڪڏهن درياهه ختم ٿي ويا ته زندگي به ختم ٿي ويندي. درياهه بغير زمين رڳو مٽيءَ جو هڪ بي جان ٽڪرو بڻجي ويندي. نه فصل ٿيندا، نه باغ هوندا، نه ڳوٺن ۾ خوشحالي هوندي.جڏهن اسان دريائن جو عالمي ڏينهن ملهائيندا آهيون ته اُهو رڳو هڪ رسمي ڏينهن نه هجڻ گهرجي. اُهو هڪ عزم هجڻ گهرجي ته اسان پَنهنجي درياهن کي بچائينداسين، اُنهن کي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ قدم کڻنداسين ۽ پاڻيءَ جي منصفانه ورڇ کي يقيني بڻائينداسين. جيڪڏهن انسان فطرت سان محبت ڪندو ته فطرت به انسان سان وفاداري ڪندي.