ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب ” سنڌي ادب “ جو مختصر اڀياس

تحرير: اڀياس ڪار امين جويو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو ھي ڪتاب ( سنڌي ادب ) اصل ۾ سيد حسام الدين راشدي صاحب سن 1952ع ڌاري اردو ٻوليءَ ۾ لکيو ھو ، جيڪو ان وقت ”پاڪستان پبلشرز“ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ھو. ھن ڪتاب جي اھميت ۽ افاديت کي ڏسندي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ھن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو سن 1981ع ۾ ترجمو ڪيو. ھن ڪتاب جي گُھرج ايتري ته گھڻي ھئي جو سن 1996ع ۾ ئي ھي بلڪل اڻ لڀ ٿي ويو! ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ”سنڌي ساھت گھر“ پبليڪيشن وارن ڇپائي پڌرو ڪيو، سو پڻ 2020ع تائين مارڪيٽ منجھان ختم ٿي ويو. تنھن ڪري ھن بھترين ۽ ناياب ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سال 2020ع ۾ ”سنڌي ساھت گھر“ وارن ڇپايو آھي، جنھن ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جا ٻَ عدد نوان ضميما پڻ ڏنل آھن. ترجمي نگار ھن ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾ پنھنجي ُمقدمي اندر صفحي نمبر پنڌرھين ۽ سورھين تي لکيو آھي ت ؛ ” سيد حسام الدين راشدي جو ھي ڪتاب ھڪ طرف اردو زبان ۾ ھجڻ ڪري ، گھڻي اھميت اختيار ڪري ويو ۽ ٻئي طرف وري سنڌي ساھت جي ھڪ پيرائتي اڀياس ھجڻ ڪري ، موضوع تي ڪم ڪندڙ پوءِ جي عالمن ، ن رڳو ان کي وڏي اھميت ڏني پر ان تان حوالا ۽ مددي مواد پڻ حاصل ڪيو. ”سنڌي ادب“ نالي ھن ڪتاب جي اھميت ھنن نقطن مان چِٽي ٿئي ٿي؛

ھي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيو ويو ته جيئن نو وارد ھندي مسلمان پڻ سنڌي ادب متعلق ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ۽ ھن ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ ۾ سنڌ جي ساھت جو ھڪ پيرائتو ، سنجيدھ ۽ سلسلي وار خاڪو ڏنل ھو. ان ڪري ھن ڪتاب وسيلي ٻاھرين دنيا ۾ پڻ سنڌ جي اڀياس ۾ وڏي مدد ملي.

ھن ڪتاب جي اھميت ۽ افاديت جو اندازو ان ڳالھه منجھان لڳائي سگھجي ٿو ته ھن ڪتاب جو روسي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيو آھي. اھڙي طرح ھن کي بين الاقوامي درجو پڻ حاصل ٿيو.

ان کان سواءِ آنجھاڻي لعل سنگھ اَجواڻي ، الله بخش نظاماڻي ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽراينميري شِمل، موتي لعل جوتواڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن ليکڪن ۽ محققن ھن ڪتاب تان حوالا کنيا ، تنھن ڪري ھن ڪتاب جي اھميت کي ڏسندي راقم الحُروف ھن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو“.

ھن ڪتاب جي پھرئين حصي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تواريخ بيان ڪئي وئي آھي.  ھن ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌ ۾ عربن جي دور کان وٺي سومرن ۽ سمن جي زماني واري سنڌي ادب بابت لکيل آھي. ٽيون حصو ارغونن ، ترخانن ۽ مغلن جي سنڌي ادب بابت آھي ، جڏھن ت چوٿون حصو ڪلھوڙن جي دور واري سنڌي ادبي ۽ عِلمي ذخيري بابت آھي. پنجون باب ٽالپور دور جي سنڌي ادب متعلق آھي. ڇھون باب برطانوي دور جي سنڌي ادب ۽ ستون ۽ آخري باب ورھاڱي کان پوءِ جي سنڌي ادب بابت آھي.

مٿي بيان ڪيل سڀني دورن ۾، وقت جي وڏن وڏن ڏاھن، مفڪرن ۽ شاعرن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل آھي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي پرچارَ ڪرڻ ۽ ان جي وُسعت ۾ اضافو ڪرڻ وارن پنھنجي پنھنجي دور ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو ، جنھن کي سيد حَسام الدين راشدي ترتيب وار ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب جو اٺون باب سنڌي شاعريءَ جي صنفن بابت آھي. جنھن ۾ ٻَ عدد ضَميما پڻ شامل آھن. ھي بابُ مٿي بيان ٿيل سڀني بابن کان مختلف آھي، جيڪو شايد ھن ( ٽئين ڇاپي) ۾ ئي وڌايو ويو آھي. ھن آخري باب ۾، سنڌي شاعري جي مختلف صنفن ؛ ڏوھيڙي، لوڙائو ، سَلوڪَ ، ڏورَ ، سينگارَ، ھُنرَ ، وائي / ڪافي ، مدح ، مولود ۽ مناجات وغيرھ بابت آھي.

ھن ڪتاب جي پھرئين ضَميمي ۾ سنڌي ادب ، بابت ڪجهھ وڌيڪ ڄاڻ ڏنل آھي ، جڏھن ته ٻيو ضَميمو سيد حَسام الدين راشدي صاحب جي ڇَڙو ڇَڙ مواد ۽ ان جي ڪتابي اَشاعت بابت لکيل آھي. ھڪ سئو پنجٽيهھ صفحن تي ٻڌل ھن ڪتاب ۾ سنڌي ادب بابت مختصر پر پيرائتي ڄاڻ ڏنل آھي. جنھن کي به سنڌي ادب بابت ھر دور جي مختصر ڄاڻ حاصل ڪرڻي ھجي ، ان کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.