پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪري

پاڻي نٿو اچي، پگهارون نه ٿيون وڌن، نوڪريون نه ٿيون ملن، بجلي نه آهي، روڊ رستا ٽٽل آهن، گٽرن جا ڍڪ غائب آهن، هر طرف گندگي جا ڍير آهن، نه تعليم سٺي آهي، نه صحت جون بهتر سهولتون، نه مظلومن کي انصاف ملي رھيو آھي پر پوءِ به پنهنجي ليڊر کي ووٽ ڏيڻو آهي پنهنجي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻو آھي. اسان کي منزل جي نه بلڪي رھنمائي جي ضرورت آھي. ڀٽو جو نالو زنده رکڻو آھي، شينھن کي اڳيان آڻڻو آهي، نئون پاڪستان به ٺاھڻو آهي. اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر اهو ٻڌايو ته ڇا توهان جا ٻار انهن سڀني نعرن ذريعي سٺي تعليم حاصل ڪري سگهيا آهن؟ ڇا علاج جون بهتر سهولتون موجود آهن؟ ڇا توهان جون گهٽيون صاف آهن؟ ڇا پائپ ۾ پاڻي آهي؟ ڇا هر وقت بجلي آهي؟ ڇا سماج مان جرم ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا مظلومن کي انصاف مليو آهي؟

توهان ڪڏهن سوچيو آهي سالن کان وٺي اوھان جا ووٽ حاصل ڪندڙ ڪامورن جا اثاثا ڪيترا آھن؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته انهن سياستدانن جا ٻار ڪٿي پڙهن ٿا؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اهي ماڻهو بيمار ٿي پون ته علاج لاءِ لنڊن، آمريڪا، ۽ دبئي ويندا آهن؟ ڇا توھان ڄاڻيو ٿا ته سائين سائين ڪرڻ سان اھي توھان کي بيوقوف سمجھندا آھن؟ اھو اوھان باشعور ماڻھن کي سوچڻو آھي ته ڇا اسان سڀ ذهني غلام آهيون؟ ڇا اسان جاھل آھيون؟ ڇا اسان جي ٻارن کي جيئڻ جو حق ناهي؟ ڇا توهان نٿا چاهيو ته توهان جا رستا وسيع هجن ۽ توهان جي گهرن جي ٻاهران صفائي جا انتظام بهتر هجن؟ ڇا توهان نٿا چاهيو ته توهان جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪن؟ ڇا توهان نٿا چاهيو ته توهان جي ملڪ ۾ بهترين اسپتالون آهن؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته ڪو اھڙو حڪمران توھان تي حڪومت ڪري جنهن جا ٻار توهان جي ٻارن وانگر گهٽين ۾ کيڏي رهيا ھجن، ان جا ٻار به انهن ئي اسڪولن ۾ پڙهن جيئن توهان جا ٻار پڙھي رھيا ھجن، جيڪو پنهنجي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ بدران ساڳئي ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏين. جيڪڏهن توهان اهو سڀ چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي حق لاءِ اٿو، پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ آواز بلند ڪيو، سوچ ويچار ڪريو، ھمت ڪريو، بھادر ٿيو، فيصلو ڪيو ته ڪير اسان لاءِ بهتر آهي ۽ ڪير نه. پنھنجي ووٽ جو درست استعمال ڪيو ۽ ھڪ ان ذھني غلاميءَ کان پاڻ کي آزاد ڪيو.

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.