ناميارو ليکڪ ، ماهر لسانيات پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

تحرير: زين سولنگي

سنڌ جو ناميارو ليکڪ ، ماهر لسانيات پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي . الطاف حسين جوکيي جو واسطو سنڌي ادب ۽ تحقيق سان آهي، پيشي جي لحاظ کان سنڌي جا پروفيسر  آهن. پاڻ سنڌ جي مشھور تعليمدان ۽ اديب، محبوب علي جوکيي جو وڏو پٽ آهي. سندس جنم  22 نومبر 1964ع تي محراب پور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. هن 1980ع ۾ مئٽرڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول محرابپور مان ۽ 1986ع ۾ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي.

2015ع ۾ لسانيات جي موضوع: ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس‘ تي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنوري 1986ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو استاد رهيو ۽ آگسٽ 1997ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت ايسوسئيٽ پروفيسر آهي . ڊاڪٽر الطاف جوکيو هن وقت  ’ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام شوري‘ جو ڊائريڪٽر آهي. سندس دلچسپيءَ جا موضوع، سنڌي ٻولي، لسانيات، گرامر، صنايع بدايع، لطيفيات وغيره رهيا آهن، جنھن سلسلي ۾ هن اسيءَ کان مٿي، تحقيقي مضمون ۽ پيپر لکيا آهن، جيڪي تحقيقي جرنلن: ’ڪلاچي‘، ’ڪارونجهر‘، ’ڪينجهر‘، ’سنڌي ٻولي‘ ۾ شايع ٿيا آهن؛ ان کان سواءِ ٽماهي ’مھراڻ‘، ماهوار ’پيغام‘ وغيره ۾ ڇپيا آهن. هن وقت تائين سندس چار ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: ’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ (2016ع)، ’عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس‘ (2017ع)، ’عربي- سنڌي اکر جو اڀياس‘ (2021ع) ۽ ‘سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت‘ (2022ع) شايع ٿي چڪا آهن. صنايع بدايع تي سندس ڪتاب ’مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيسن جو تحقيقي اڀياس‘ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپائيءَ هيٺ آهي. جڏهن ته سندس هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي معياري لھجي جو تحقيقي جائزو‘ (ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ راءِ جي تناظر ۾) اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي.

مان وڏي يقين سان چوندس ته پروفيسر الطاف حسين جوکيي جو ٻولي ، گرامر ، لسانيات ، صوتيات ۽ صرفيات تي ڪيل ڪم تمام وڏو آهي ، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ کي گهرجي ته هن اسڪالر کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هڪ ادبي رهاڻ رچائي هڪ شاندار ايوارڊ ڏنو وڃي ، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جو اهو فيصلو ساراهه جوڳو ليکبو . اهڙو ئي اعزاز ڊاڪٽر الطاف جوکيي کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي پڻ ڏيڻ گهرجي جيڪا قائم ڪيل به سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ آهي ، جڏهن ته ڊاڪٽر الطاف جوکيي جو سڌو سنئون ڪم ، خدمتون ۽ ڪوششون سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل آهن انهن جو اعتراف تاج جويو صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي ليکڪ ۽ عالم  پڻ ڪئي ڀيرا اسٽيجن تي ڪري چڪا آهن  .

پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيي جا ويجهي ماضي ۾ جيڪي تحقيقي آرٽيڪلز اسان کي پڙهڻ لاءِ مليا ، جيڪي وڏي محنت سان تيار ٿيل لاجواب آهن جيڪي سنڌي ادب جي استادن ،شاگردن ، تحقيق ڪندڙن توڙي عام پڙهندڙن کي وڏي ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا  ، انهن ۾ : سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ ۽ صوتي حيثيت ( ٽماهي مهراڻ جنوري مارچ 2019ع ) ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مڪرر جو جائزو ( ٽماهي مهراڻ اپريل جون 2019ع )، سنڌي صورتخطيءَ ۾ ننڍين ڏنگين جو استعمال ( ٽماهي مهراڻ آڪٽومبر ۽ ڊسمبر 2020ع ) ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس اشتقاق مرتب جائزو ( ٽماهي مهراڻ جنوري مارچ  2022ع )، اصطلاحن جو جائزو ( ٽماهي مهراڻ اپريل جون  2022ع )،خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي شاعريءَ جو جزوي فني جائزو ( ٽماهي مهراڻ آڪٽومبر ڊسمبر  2022ع )، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مضارع جو جائزو وغيره .

ڊاڪٽر الطاف جوکيي جي وندر ۾  ٻوليءَ ۽ گرامر جي نڪتن تي ڪم ڪرڻ، ان کان علاوه خطاطي ڪرڻ  قرآن شريف جو قلمي قرآن لکيو ويو جنهن ۾ بسم الله جون مختلف ڊزائنون رکيون ويون آهن.

سنڌ جي نامياري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي جن پروفيسر ڊاڪٽر الطاف جوکيي لاءِ لکيو آهي ته : ”ٻولي، گرامر ۽ صوتيات توڙي صرفيات تي ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو اهم ڪم ڪري رهيو آهي “ .

سنڌ جو هيءُ خوبصورت سرجڻهار منهنجي لاءِ انڪري اتساهه جو باعث آهي ته هن محنت ۽ همٿ ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ليڪچرر بڻيا ، وڏي جدوجهد ڪري لسانيات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ، ڪيترائي تحقيقي آرٽيڪلز لکيا ۽ مسلسل لکن پيا ، سنڌ جي نوجوانن جي همٿ افزائي ڪن پيا ، سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي ڪن پيا . وڏي ڳالهه ته پروفيسر ڊاڪٽر الطاف جوکيي پنهنجي اولاد پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياري آهي ، تازو به هنن جي هڪ نياڻي بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور جي فائن آرٽ جي شعبي ۾ بي.ايف. اي ۾ داخلا ورتي آهي. وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ته ان اديءَ کي اسڪالرشپ به ملي آهي، اها سنڌ واسين جي ٻين نياڻن لاءِ هڪ اتساهه جو باعث بڻبي ته جيئن اهي به ان اديءَ جيان محنت ڪن اڳتي اچن .ڊاڪٽر الطاف جوکيي پنهنجي اولاد  جي پرورش تي خاص توجهه ڏنو آهي جيڪو پڻ ساراهه جوڳو عمل ليکبو . سنڌ جي هن خوبصورت سرجڻهار پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيي کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو- ٻوليءَ جو ايوارڊ ۲۰۱۳ع   پڻ مليو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.