آئيني، قانوني ۽ اخلاقي طور تھ نگران حڪومت وٽ واحد مينڊيٽ آئين موجب مقرر مدي اندر چونڊون ڪرائڻ ئي آھي.جنھن کانپوءِ اقتدار چونڊيل حڪومت حوالي ڪرڻ آھي. پر ھر دور جيان ھن ڀيري پڻ اسٽيبلشمنيٽ جي اشاري سان قائم ٿيل نگران سيٽ اپ احتساب جي نعري سان گڏ، ملڪ جي معيشت کي سگھاري ڪرڻ جو ڪم پنھنجي ھٿ ۾ کڻي ورتو آھي.انڪري ئي اھو خطرو وڌي ويو آھي تھ نگران محدود آئيني مدي کان اڳتي وڌي وڃي.معاشي شعبو ڏيوالپڻي جي ويجهو آهي.پر اھو ڪم ھر حال ۾ چونڊيل حڪومت جو ئي آھي.
ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ،صدر مملڪت ۽ اليڪشن ڪمشين وچ ۾ جاري رھندڙ آئيني اختلاف پڻ ڪي بھتر روايتون نھ آھن،جن جو اڄ نھ تھ سڀاڻي ھن سموري جمھوري سرشتي تي منفي اثر پوندو.آئيني ۽ سياسي بحران جي ڪيفيت ۾ ورتل ملڪ ۾ مسئلن جو حل وري بھ چونڊيل حڪومت ئي آھي.
ھن وقت جڏھن ملڪ جي واڳ نگران حڪومت جي ھٿ ۾ آھي.اڳوڻين ٻنھي حڪومتن جي معاشي پاليسين جي تسلسل ۾ گھڻو نقصان عوام جو ٿي رھيو آھي.عالمي اداري وٽ ڪڙين شرطن کي قبولڻ ڪرڻ جا نتيجا ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي صورت ۾ نڪري رھيو آھي.جنھن بابت نگرانن وٽ عام ماڻھون کي رليف ڏيڻ جي ڪا واٽ نظر نٿي اچي.پيٽرول،گئس ۽بجلي سميت جملي ٻارڻ وارن اسمن جي مھانگائي سان عوام ماڻھون ذھني طور تي بيزار ٿي ويو آھي.اھو ئي سبب آھي جو عوام ۾ گھڻي ڪاوڙ نظر اچي رھي آھي
ٻارڻ جي ڪنھن بھ شئي جي قيمت وڌڻ سان ان جو اثر عام واھپي جي شين تي پوڻ لازمي امر آھي، جنھن ڪري ئي ھر اسم جي قيمت وڌي وڃڻ ڪري اھا غريب غربي سان گڏ وچولي طبقي جي خريد ڪرڻ واري صلاحيت کان بھ مٿي ٿي وئي آھي.جنھن جو نتيجو ماڻھن جي بيزاري ۽ ڏوھن جي واڌ جي صورت ۾ سامھون اچي رھيو آھي.ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن جي لاتعلقي سبب عوام بي يارومددگار ٿي ويو آھي ۽ نگران حڪومت جو جئين تھ ان ڳالھھ سان ڪو سڌو تعلق ناھي ان ڪري ان مان ڪنھن بھ ريت ماڻھن کي رليف ملڻ جي ڪا اميدي نظر نٿي اچي.
پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ چونڊ مھم ھلائي رھيو آھي.مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي، ھن جو چوڻ ھو تھ چونڊون 90 ڏينھن اندر ڪرايون وڃن.اليڪشن ڪيمشن ان جو تھ ڪو جواب نھ ڏنو آھي پر ان کان اڳ اھو چيو ھو تھ، نئين آدمشماري جي نتيجن پڌارئي ۽ ان کي قبولڻ بعد نئين تڪبندين جو عمل آئين ۽ قانون موجب لازمي آھي. حيرت آھي تھ اھا ڳالهھ ڪندي ساڳئي آئين موجب 90 ڏينھن اندر چونڊن جي پابندي واري ڳالھھ کي اليڪشن ڪيمشن وساري ٿي ڇڏي.
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناالله ھڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آھي تھ بلاول ڀٽو زرداري کي اھو معلوم ھو تھ چونڊن 90 ڏينھن پلس 45 ڏينھن جي اندر ٿينديون.اھا ڳالھ، پ پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري پاران 90 ڏينھن اندر چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي جي جواب ۾ سامھون آئي.گذريل اتحادي حڪومت ۾ گڏ ھئڻ ڪري اھو نٿو چئي سگھجي تھ اھي ٻئي وڏيون جماعتون ھڪ ٻئي جي ارادن ۽ فيصلن کان بي خبر ھجن.
سوال وري بھ ساڳيو رھي ٿي تھ چونڊون ڪڏھن ٿينديون.جنھن بابت صدر مملڪت تھ 6 نومبر جي تاريخ تجويز ڪئي آھي پر ان تي بھ قانوني ماھر ورھائجي ويل نظر اچي رھيا آھن.جنھن سان اڃان بھ مونجھارا پيدا ٿي رھيا آھن.ڪا ڳالھھ چٽي ٿي ڪري سامھو ن اچي ڪا بھ ڌر ان جي لاءِ سنجيدھ ڪوشش نھ پئي ڪري جنھن مان اھو اشارو ملي ٿو تھ عوام جي جذبن ۽ انھن جي مسئلن کي ڪو بھ اوليت ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
ھئڻ تھ ائين گھرجي جو سمورن اسٽيڪ ھولڊرز ۽ ذميوارن کي ملڪ ۾ آئين موجب چونڊن منعقد ڪرائن واري عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچن گھرجي پر چونڊن جي حوالي سان جيڪي خيال سامھون اچي رھيا آھن.انھن مان ائين محسوس ٿي رھيو آھي تھ سياسي ڌريون ھڪ ٻئي سان دوکو ڪرڻ چاھين ٿيون ۽ انھن سڀني کي وري اسٽيبلشمنيٽ تي اعتبار نھ ھوندي، اھي خاموش آھن.ڇاڪاڻ جو سمورين ڌرين جو اھو خيال آھي تھ اسٽيبلشمنيٽ سان ويجھڙائي ئي ھنن جي لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي جي ضمانت ٿي سگھي ٿي.ان ڪري سياسي ڌريون عوام جي بجاءِ ھن وقت بھ سڌي يا اڻسڌي ريت اسٽيبلشمنيٽ جو پاسو کڻي رھيون آھن.
-
قمبر ضلعي ۾ساريال تي جيت جو حملو، اختيارين کي مدد جي اپيل
قمبر ۽ شھداد ڪوٽ ضلعي ۾ ساريال تي جيت جي خطرناڪ حملي سبب لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباھ ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آھي.ھتان جي ھارين ۽ آبادگارن دانھن ڪئي آھي تھ انھن جي ساريال جي فصل تي پن ويڙھيءَ جيت حملو ڪري ڏنو آھي.زراعت کاتي کي اھڙي شڪايت ڪئي وئي آھي پر ان جو لاڳپيل عملو نھ پھتو آھي،جنھن ڪري اھي ڳڻتي ۾ ورتل آھن.ميرو خان،نصيرآباد،قمبر، شھدادڪوٽ ۽ٻين علائقن ۾ لکين ايڪڙن تي موجود ساريال جو فصل ان بيماري جي ور چڙھي ويو آھي. آبادگارن شڪايت ڪئي آھي تھ زراعت کاتو ان معاملي ۾ ھنن جي رھنمائي نھ ڪري رھيو آھي.آبادگارن جو چوڻ ھو تھ ھنن تازي ٻوڏ مان مس بعد مس مس وڃي سک جو ساھ کينو ھو ۽ انھن کي اھا اميد ھئي تھ فصل لھڻ سان ھو پنھنجي مسئلن ۽ معاملن کي منھن ڏيڻ جھڙا ٿيندا پر سندن اھا اميد خاڪ ۾ ملي رھي آھي.
متاثر علائقي جي آبادگارن دانھن ڪئي آھي تھ شھرن مان انھن بيماري جي لاءِ ورتل دوا ڪو اثر نھ ڪري رھي آھي.جنھن ڪري انھن کي خطرو آھي تھ اھا نقلي ھوندي.سندن چوڻ ھو تھ ھتي نقلي ٻج،نقلي ڀاڻ ۽ نقلي زھريلي دوائڻ جو ڪرو عام ٿي ويو آھي.جنھن بابت زراعت کاتي کي ڪافي ڀيرا شڪايت ڪري چڪا آھيون پر کاتي جي آفيسرن ۽ عملي پاران ڪو بھ نوٽيس نٿو ورتو وڃي.
متاثر آبادگارن سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ اختيارين کي اپيل ڪئي تھ لکين ايڪڙن تي ساريال جي فصل تي ٿيل جيت جي حملي کي روڪرائڻ ۾ مدد جي لاءِ زراعت کاتي جي عملدارن کي سخت ھدايتون جاري ڪيون وڃن جئين، آبادگارين کي ٿيندڙ امڪاني نقصان کان تحفظ ممڪن ٿي سگھي.