محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ”منهنجو ڏک“ انور پيرزادي کي ساري ٿو

مور لطيف

هن وقت تائين ڀٽائي جي فالور انور پيرزادي جي شخصيت تي چار ڪتاب لکجي چڪا آهن. جڏهن ته هن جي وڇوڙي کي ارڙهن سال ٿي ويا آهن. اها به پنهنجي جڳھه تي حقيقت آهي، ته مئي پڄاڻان ڪير به ڪنهن کي ياد ڪونه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ جو حال ۽ مستقبل جي مادي مفادن جي هڻ هڻان ۾ ماڻهوءِ کان پنهنجا محسن ۽ ماکي جهڙا مٺا ماڻهو به وسري ويندا آهن. پر تواريخ ۾ ائين به ڏٺو ويو آهي ته ڪو ڪو ماڻهو پنهنجي ماضيءِ سان ائين چنبڙيل نظر ايندو آهي، جيئن ٿڃ پياڪ ٻار، پنهنجي جيجل ماءُ جي ڇاتيءَ سان چهٽيل هوندو آهي. محمد علي پٺاڻ به انهن منجهان هڪ آهي. ارڙهن سالن جي وڏي وٿي کان پوءِ به، هُو ماضيءِ جي دائري مان، آزاد نه ٿي سگهيو آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ ئي، ان درد ڀري ڪيفيت جو اظهار ڪندي، هو لکي ٿو ته:

"توڙي جو خبر آ

ته هاڻي تنهنجي فون

ڪڏهن به نه ايندي.

ڇو ته،

تو وانگر

اَبَدَ جي سفر تي،

مولهيا ٻڌي ويندڙ ڌِڱ مڙس،

موٽي اچي،

فنا جي سفر جون

يادون ۽ راز،

بيان ناهن ڪندا”

اها ڪيڏي وڏي اذيت جي ڳالهه آهي، جو محمد علي پٺاڻ کي پڪ به آهي، ته انور پيرزادو هن ملڪي وري ۾ واپس موٽي ڪونه ايندو، پر ان جي باوجود هُو کيس پڪاري ٿو.! گوتم ٻڌ جي ڳالهه سورنهن آنا سچي آهي ته "زندگي ڏک آهي.” محمد علي پٺاڻ، انور پيرزادي کي پنهنجي منفرد سوانحي ڪوتا ناول ۾ ائين ياد ڪيو آهي، جيئن ماءِ جي ممتا، پنهنجي گم ٿيل پٽ کي ياد ڪري، بيبي بيبي بيحال ٿي، زمين تي ڦهڪو ڪَري ڪِرِي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڳالهه تي يقين نه به کڻي اچي، ته هو محمد علي صاحب جو "منهنجو ڏک” ناول، پڪ خاطر پڙهي ڏسي. پٿر دل ماڻهو به ٻُلهڻ مڇي وانگر لڇندو پڇندو.

ها،ڳالهه ڪيم ته: هن مهل تائين انور پيرزادي جي حياتي تي چار ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن. شابس هجي انور پيرزادو اڪيڊميءِ کي ۽ محمد علي پٺاڻ صاحب کي، جيڪو انور صاحب سان نه صرف جيئري پر هن جي جسماني وڇوڙي کان پوءِ به نينهن نڀائيندو ٿو اچي. هتي اها ڳالهه به هرگز وسارڻ نه گهرجي، ته انور پيرزادي جي جيئري، شاھ محمد پيرزادي سندس زندگيءِ ۾ ئي شاعري جو ڪتاب "اي چنڊ ڀٽائيءِ کي چئجان” شايع ڪرايو هو.

"تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن” ڪتاب ۾ مختلف اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن ۽ سماجي سيوڪن جا مضمون شايع ٿيل آهن. "بابا انور پيرزادو” ڪتاب امر پيرزادي جي مثالي ڪاوش آهي. جڏهن ته ٽيون ڪتاب محمد علي پٺاڻ صاحب جو آهي، جيڪو هن انوکي احساساتي انداز ۾ لکي، ڄڻ ته هڪ ٻيو سر سامونڊي تخليق ڪيو آهي. هيءِ تحرير ان ڳالهه جو دليل آهي، ته هو انور صاحب جي عاشقن ۾ سڀني کان گوءِ کٽي ويو آهي. محمد علي صاحب جي اڇي اجري عشق ۽ پيار جي پورهئي کي نوٽ ڪندي، ميڊم مهتاب اڪبر راشديءِ، هن ملنگ مڙس جي عشق کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته: "انور پيرزادي جي سوانح تي لکيل ناول سو به ڪوتا ۾، اُهو پيار جو پورهيو اهوئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جون انور پيرزادي سان ٻٽيھه دليون ڳنڍيون پيون هجن. انور پيرزادي سان گهڻن جون ئي محبتون هونديون، پر محمد علي پٺاڻ جهڙو پيار، محبت، نينهن ۽ عشق جو ههڙو اظهار، جيڪو سندس سوچ ۽ قلم جي پرواز ڪري ڏيکاريو آهي، سو اسان کي گهٽ ئي نظر ايندو.”

مان توهان کي انور پيرزادي جو مختصر تعارف ڪرايان، ته هو سنڌ سان عشق ان حد تائين ڪندو هئو، جو هو چوندو هو: "منهنجي وس هجي ته جيڪر سموري دنيا کي سنڌ بڻائي ڇڏيان.” ڀٽائي صاحب جو سنڌ جي اهم ۽ سنجيده مسئلي "پاڻيءِ” تي شعر آهي: "قادر ڪرين ڪرم، ته ان جي وطن تي وس ٿئي”. سو ان تسلسل ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي انور صاحب چيو هئو ته: "مون وٽ سنگل ايجنڊا آهي، جيڪڏهن سنڌ جا نوان چونڊجي آيل نمائندا، سنڌ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل نه ٿا ڪن، ته پو هو سنڌ جي ڪنهن ڪم جا ناهن.”

محمد علي پٺاڻ، انور پيرزادي جي وڇوڙي کي پنهنجي زندگيءِ جو وڏي ۾ وڏو الميو قرار ڏئي ٿو. هو هڪ پُڙُ ۾ پنهنجي مٺڙي ماءِ کي، ته ٻئي پڙ ۾ پنهنجي محسن استاد انور پيرزادي کي رکي ٿو ۽ کين برابر جو درجو بخشي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هن، پنهنجي سوانحي ڪوتا ناول جو نالو "منهنجو ڏک” رکيو آهي. هڪڙي دفعي محمد علي صاحب کان پڇيم: انور صاحب سان عشق جي ابتدا ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي؟ ته سنجيده ٿي چيائين ته: "پهريون ڀيرو انور پيرزادي سان گڏجي ٻلهڙيجي ويس. ماني ٽڪي، خدمت چاڪري پنهنجي جڳھه تي پر جڏهن نلڪي تي وهنجڻ ويس، ته انور صاحب ڏٺو، ته محمد علي تَڙُ ڪري فارغ ٿي ويو آهي، ته يڪدم چمپل کڻي، منهنجي آڏو رکي چيائين: "آ هيءِ پاءِ”. ان ڏينهن کان وٺي بقول فقير مور ماڇيءِ جي، ته گهر گهاٽ ئي وسري ويو”.ٿر جي يارهن سالن واري سوڪهڙي جو احوال پڙهي، وار وار اڀو ٿي ٿو وڃي. ڪٿي ڪٿي انور صاحب جون درد ڀريون دانهون ٻڌي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته "منهنجو ڏک” ناول، ڄڻ محمد علي پٺاڻ جون نه پر انور پيرزادي جون ڪيهون آهن. ٿر جي دردناڪ سفر کان علاوا هن، انور پيرزادي جو هڪ ٻالڪپڻ جو واقعو پڻ لکيو آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڏک جو ڏونگر ٽٽي پيو آهي

محمد علي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ صرف گوندر گڏ ڪونه ڪيا آهن پر ٿر جي سير سفر دوران، اهڙا ته دل کي لڀائيندڙ خوبصورت منظر پڻ چٽيا آهن، جيڪي بظاهر ته معمولي ٿا لڳن پر انور پيرزادي جي شخصيت جي سحر جي ڪري غير معمولي ٿا لڳن ۽ آهن به حقيقت ۾ غير معمولي.

امر پيرزادي "بابا انور پيرزادو” ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: هڪ نامياري اردو صحافي پريس ڪلب ۾ بابا تي راءِ ڏيندي چيو ته "انور پيرزادو سنڌ ۾ رهندو هو پر هو سنڌ کي ڏسي، ائين حيران ٿيندو هو، ڄڻ ڪو فارينر هجي، جيڪو پهريون ڀيرو سنڌ ڏسندو هجي.” آخر ۾ ڇوٿين ڪتاب جو حوالو ڏيندو هلان ته هي ڪتاب محمد علي پٺاڻ جي سوانحي ڪوتا ناول جو انگريزي ٻوليءِ ۾ ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر علي شير گهانگهري صاحب وڏي محنت ۽ پيار سان ڪيو آهي. محمد علي صاحب جي سوانحي ڪوتا ناول کي، علي شير گهانگهري صاحب عالمي ٻولي۾ ترجمو ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو آهي. سو اهو ڪريڊٽ وري پروفيسر علي شير گهانگهري صاحب ڏي ٿو وڃي ته هن انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءِ ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهندڙ انور پيرزادي جي شخصيت کي عالمي ٻوليءِ ۾ متعارف ڪرايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.