موسمي تبديلي انساني زندگيءَ جي رخ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان جا اثر هاڻي هر ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ محسوس ڪري رهيو آهي. ڊگهي عرصي تائين موسمن ۾ ٿيندڙ تبديلي کي موسمياتي تبديلي چيو ويندو آهي. پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، انهن علائقن مان آهي جتي گرميءَ جي شدت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي جيڪو اڳ ئي خراب حڪمراني، شديد غربت ۽ وسيلن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. شديد گرمي جيڪا نه صرف موسمياتي پر ايل نينو دراصل سمنڊ ۽ فضا جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ قدرتي عمل آهي، جنهن ۾ پئسفڪ سمنڊ جو پاڻي غيرمعمولي طور تي گرم ٿي وڃي ٿو۔ اها گرمي صرف سمنڊ تائين محدود نٿي رهي، پر دنيا جي مختلف علائقن ۾ موسمي نمونن کي به تبديل ڪري ڇڏي ٿي۔ جڏهن هي عمل وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿو، تڏهن ان کي سپر ايل نينو چيو وڃي ٿو، جيڪو گرميءَ جي لهرن، خشڪي ۽ برساتن جي گهٽتائي جو سبب بڻجي ٿو۔ موسمياتي سائنسدانن جو خيال آهي ته ايل نينو جو اثر ڏکڻ ايشيا، خاص طور تي سنڌ ۾، وڌيڪ محسوس ڪيو وڃي ٿو، جتي مون سون جو نظام تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ گرميءَ جي شدت وڌي وڃي ٿي۔
انٽرگورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج جي رپورٽن مطابق، زمين جو گرمي پد انساني سرگرمين سبب تيزي سان وڌي رهيو آهي۔ خاص طور تي گرين هائوس گيسن جي اخراج، شهرن جي بي ترتيب واڌ ۽ ترقي جي نالي تي فطرت سان ڇيڙڇاڙ جهڙوڪ وڻن جي بي رحماڻي ڪٽائي موسمياتي مسئلن کي وڌائي رهيا آهن۔ جڏهن موسمياتي تبديليون ۽ ايل نينو گڏ ٿين ٿا، ته انهن جا اثر ٻيڻا ٿي وڃن ٿا۔ نتيجي طور سنڌ ۾ گرمي نه صرف وڌي ٿي، پر ان جو دورانيون پڻ ڊگهو ٿي وڃي ٿو۔ جيڪو مئي کان سيپٽمبر جي مهيني تائين وڌيڪ وڃي ٿو۔
سنڌ ۾ وڌندڙ گرمي جا اثر انساني زندگيءَ جي هر شعبي تي اثرانداز ٿين ٿا۔ غريب مزدور، جيڪي کليل آسمان هيٺ ڪم ڪن ٿا، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا۔ اسپتالن ۾ گرمي سبب بيمارين جهڙوڪ هيٽ اسٽروڪ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن۔ زراعت ۽ چوپايو مال پڻ سخت متاثر ٿين ٿا، ڇو ته پاڻيءَ جي کوٽ ۽ تيز گرمي فصلن جي پيداوار گهٽائي ڇڏي ٿي۔ ان کان علاوه، بجليءَ جي وڌندڙ گهرج سبب توانائي جو بحران به شدت اختيار ڪري ٿو۔عام ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هو گرميءَ کان بچڻ لاءِ سادا احتياطي قدم اختيار ڪن۔ ڏينهن جي تمام گهڻي گرمي (صبح 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين) ۾ ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪن۔ جيڪڏهن وڃڻ ضروري هجي ته هلڪا ۽ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائين ۽ مٿي کي ڍڪين۔
گهڻو پاڻي پيئڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته گرمي ۾ جسم مان پاڻي جلدي گهٽجي وڃي ٿو۔ پاڻي، او آر ايس ۽ لسي جو استعمال فائديمند آهي۔ ٻار، پوڙها ۽ بيمار ماڻهو خاص خيال لائق آهن، ڇاڪاڻ ته اهي جلدي متاثر ٿين ٿا۔ سخت گرمي ۾ هيٽ اسٽروڪ جهڙي خطرناڪ حالت به پيدا ٿي سگهي ٿي۔ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ انتهائي اهم آهي، ڇو ته وڻ ماحول کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا۔
حڪومت جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اڳواٽ خبردار ڪري ۽ گرميءَ جي لهرن لاءِ مؤثر منصوبابندي ڪري خاص طور تي ريسڪيو ايمرجنسي جي صورت لاء اسپتالن ۾ گرمي سان لاڳاپيل بيمارين لاءِ خاص سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ گرمي جي دوران گهٽ ڪئي وڃي۔ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جا منصوبا شروع ڪيا وڃن ته جئين ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آندو وڃي۔ ان کان علاوه، ڊگهي مدي واري منصوبابندي تحت موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن عوام محفوظ ۽ بهتر زندگي گذاري سگهي۔