قصو انگريزي جي هڪ مشهور لوڪ گيت جو

ياسر قاضي

ڪير هوندو؟ جنھن اسانجو مشھور لوڪ گيت ’جمالو‘ نه ٻڌو هوندو! جنھن کانسواءِ اسانجي خوشين جو ڪوئي به ڪاڄ مڪمل ناهي ٿيندو. جنھن ساڻ ئي اسانجي سنگيت جي هر محفل پڄاڻيءَ تي پھچندي آهي. ان جمالي جي ڪيترين ئي سٽن منجهان اها سِٽَ به اوهانکي ازبر هوندي ته ”جيڪو سکر واريءَ پُل تي… هو جمالو!“

سوشل ميڊيا عام ٿيڻ کانپوءِ ان سٽ سان ڪُوڙا ۽ بي بنياد واقعا سلهاڙي ان کي انگريز دؤر ۾ لکيل گيت ڄاڻائڻ جي ڪوشش خوب ٿي، پر لوڪ ادب جي پارکن ان کي رد ڪري ڇڏيو. پر اڄ اسانجو موضوع جمالو يا ان جي اها سٽ ناهي، پر اڄ اسان ذڪر ڪنداسين انگريزيءَ جي هڪ مشھور لوڪ گيت جو، جنھن ۾ پڻ اهڙي ئي هڪ پُل جو ذڪر آهي ۽ اها پُل آهي لنڊن جي ’ٽيمز درياءَ‘ مٿان اڏيلَ مشھُور ”لنڊن برج“. اوھان مان جن دوستن انگريزي ادب جو ٿورو به مطالعو ڪيو آهي، اهي ان ڳيچ کان ضرور واقف هوندا، جنھن جا ٻولَ آهن:

London Bridge Is Falling Down

(ترجمو: لنڊن پُل هيٺ ڪِريِ رهي آهي)

اهو انگريزيءَ جو مشھور ٻارن جو نظم (نرسري رائم) يا لوڪ گيت آهي، پر ان جو تاريخي پسمنظر ۽ ان سان سلهاڙيلَ ڪھاڻيون ڪافي گَھِريون ۽ دلچسپ آهن. انھن تصوّرن يا پسمنظرن مان ڪنھن کي به حتمي يا تاريخي نٿو چئي سگهجي، پر روايتن طور انهن کي ٻڌي، انهن بابت سوچي ضرور سگهجي ٿو ۽ انهن مان حظ وٺي سگهجي ٿو.

پھرين اچو ته ان نظم جا ڪي مُک شعرَ ترجمي سان پڙهون:

London Bridge is falling down

Falling down, falling down

London Bridge is falling down

My fair lady

لنڊن جي پُل ڪِري رهِي آهي… منھنجي پياري وينگس…

 

Build it up with silver and gold

Silver and gold, silver and gold

Build it up with silver and gold

My fair lady

ان کي چانديءَ ۽ سون سان تعمير ڪريو… منھنجي پياري وني!

Gold and silver I have none

I have none, I have none

Gold and silver I have none

My fair lady

سون ۽ چاندي مون وٽ ناهي… منھنجي پياري وينگس!

Build it up with iron and steel

Iron and steel, iron and steel

Build it up with iron and steel

My fair lady

ان کي لوهه ۽ فولاد سان تعمير ڪريو… منھنجي پياري وَني…

Iron and steel will bend and bow

Bend and bow, bend and bow

Iron and steel will bend and bow

My fair lady

لوهه ۽ فولاد مُڙي ويندا ۽ جُهڪي پوندا… منھنجي پياري وينگس…

 

Build it up with wood and clay

Wood and clay, wood and clay

Build it up with wood and clay

My fair lady

ان کي ڪاٺ ۽ مٽيءَ سان تعمير ڪريو… منھنجي پياري وَني…!

Wood and clay will wash away

Wash away, wash away

Wood and clay will wash away

My fair lady

ڪاٺ ۽ مٽي (پاڻيءَ ۾) لُڙهي ويندا… منھنجي پياري وينگس…

هن نظم رستي ٻارن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪنھن به مضبوط اڏاوت لاءِ مضبوط سامان جي چونڊ ڪيتري ضروري آهي، ڇو ته سون چوري ٿي سگهي ٿو، ڪاٺُ پاڻيءَ ۾ ڳري ۽ لُڙهِي سگهي ٿو ۽ لوهه مُڙي سگهي ٿو. انڪري آخر ۾ ان کي پٿرن سان ٺاهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جنھن مان ٺھيل اڏاوت ڊگهي عرصي تائين قائم رهي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ لوڪ گيت آهي، انڪري ان کي ڪنھن هڪ شاعر ناهي لکيو. بلڪه اهو صدين کان پيڙھي در پيڙھي، سينه به سينه منتقل ٿيندو پيو اچي، جنھنجو انگريزي ادب ۾ سڀ کان پراڻو لکتي ثبوت 17 هين صديءَ جي آسپاس ملي ٿو. ’ٽيمز ندي‘ صدين کان لنڊن شھر جي وچان وهي ٿي ۽ هي نظم اصل ۾ انهن ڏکيائين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي ڪئين صديون اڳ هن پل کي ٺاهڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ پيش اينديون رهيون. اڄ جي جديد انداز ۾ اڏيلَ ’لنڊن بِرج‘ مڪمل طور تي محفوظ ۽ مضبوط پُل آهي، پر هي لوڪ گيت يا ٻاراڻو ٻول قديم ’لنڊن بِرج‘ جي ماضيءَ جي جِهيڻي حالت يا خسته حاليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. وچين زماني يا قرونِ وسطيٰ (Middle Ages) ۾ ’لنڊن بِرج‘ ڪاٺ مان ٺھيل هوندي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا باهه لڳڻ يا ٻوڏ سبب ان کي سخت نقصان پھچندو رهيو. جنهنڪري بار بار ان جي مرمت ڪرڻي پوندي هئي، انڪري هن نظم ۾ مختلف شين (جيئن چاندي، سون، لوهه وغيره) سان ان کي ٺاهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، ته جيئن ورِي ورِي اها ڊهِي ٽيمز نديءَ ۾ وهي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪاٺ مان ٺھيل ’لنڊن بِرج‘ ايتري سگهارِي نه هئي.

ان جو ٻيو ممڪنه پسمنظر 1014ع واري حملي (Viking Attack) جو پڻ ٻڌايو ويندو آهي، جڏھن ناروي جي بادشاهه ’اولف ٻئين‘ لنڊن تي حملي دؤران هن پُل کي ڊاھي ڇڏيو هو ته جيئن ان تان اچ وڃ بند ڪري دشمن جي فوج کي روڪي سگهجي. چيو وڃي ٿو ته هي ڳيچ ان ئي واقعي جي ياد ۾ لکيو ويو يا ڳائجڻ شروع ٿيو. ان ڏس ۾ ٽين قديم ۽ افسانوي خوفناڪ روايت اها به ٻڌائي ويندي آهي ته پراڻي زماني ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته جيڪڏهن ڪنھن وڏي اڏاوت جِي پيڙهه ۾ ڪنھن انسان کي زندهه دفن ڪيو وڃي ته اها ڪڏهن به نه ڪِرندي. نظم جي آخر ۾ Take the key and lock her up (ڪنجيُون کڻ ۽ کيس بند ڪر!) جا لفظ شايد ان روايت جي گمان کي وڌيڪ سگهارو ڪندا هجن.

تاريخي طور تي هيءَ پُل ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڪِرندي يا خراب ٿيندي رهي آهي، مثال طور: 1633ع ۽ پوءِ 1666ع جي لڳل ”لنڊن جي عظيم باهه“ (Great Fire of London) هن پُل کي بريءَ طرح متاثر ڪيو. ٻيو سبب درياءَ جو وهڪرو آهي، ڇاڪاڻ ته ’ٽيمز‘ درياءَ جو پاڻي ۽ برف جا تھَه پراڻي زماني ۾ هن پُل جي ڪاٺ جي ٿنڀن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا هئا. ان کانسواءِ پراڻي زماني ۾ ’لنڊن بِرج‘ تي دوڪان ۽ گهرَ ٺهيل هوندا هئا، جن جو بار هيءَ پُل برداشت نه ڪري سگهندي هئي ۽ اهو وزن جو دٻاءُ به هن پُل جي ڪِرَڻَ جو مُک ڪارڻ رهيو. جنھنڪري اها وري وري ڊهِي پوندي هئي.

ان پُل بابت هڪ ٻي دلچسپ حقيقت اوهانکي ٻڌايان ته جنھن پراڻي ’لنڊن بِرج‘ بابت هي ڳيچ مشھور ٿيو، ان کي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ امريڪي واپاريءَ خريد ڪري، ان جي هڪ هڪ پٿر کي ڌار ڪَرائي، امريڪي رياست ’ايريزونا‘ کڻائي ويو، جتي ان کي ٻيھر جوڙيو ويو، جتي اها اڄ به سياحّن جي ڌيان جو مرڪز آهي. مطلب ته 1960ع جي ڏھاڪي واري ’لنڊن بِرج‘ امريڪا منتقل ڪري، لنڊن ۾ ان جي جاءِ تي بنھه نئين ۽ مضبوط پل تعمير ڪئي وئي، جيڪا اڄ سُوڌي ’ٽيمز نديءَ‘ تي مضبوط بيٺي آهي. يعني تڪنيڪي طور تي هاڻي واري ’لنڊن بِرج‘ جِي عمر 65، 66 سالن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ پراڻي ’لنڊن بِرج‘ هن وقت امريڪا ۾ آهي.

برطانيه جي ’ٽيمز نديءَ‘ تي اچ وڃ لاءِ رڳو ’لنڊن بِرج‘ ئي ناھي اڏيلَ، بلڪه ٻيون  به گهڻيون ئي پُليون آهن. رڳو مُک لنڊن شھر (Greater London) جي حدن اندر ئي ’ٽيمز‘ تي لڳ ڀڳ 35 پليُون اڏيلَ آهن. انهن ۾ گاڏين جي گذرڻ، ريلُون گذرڻ ۽ رڳو پيرين پنڌ هلندڙن لاءِ مخصوص پليُون به شامل آهن، جڏھن ته پوري ’ٽيمز نديءَ‘ تي (جيڪا لنڊن کان ٻاهر به وهي ٿي) ڪل ملائي 214 پليُون ٺھيل آهن. لنڊن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ’ٽيمز‘ تي سڀ کان پھرين پُل ’هيمٽن ڪورٽ بِرج‘ اچي ٿي، جڏھن ته آخري (اوڀر طرف) اڏيل پُل مشھورِ زمانه ’ٽاور بِرج‘ آهي. انهن مان لنڊن جي سڀ کان ڊگهي پُل 2.8 ڪلوميٽر طويل ’راڻي اليزبيٿ ٻِين پُل‘ (Queen Elizabeth II Bridge) آهي، جڏھن ته ’ٽيمز‘ جي سڀ کان مشھور ۽ بناوت جي لحاظ کان جُسي ۾ وڏي ۽ عظيم الشان ’ٽاور برج‘ آهي، جنھن کي لنڊن جي سڀ کان وڏي ۽ پيچيده ترين پُل به سمجهيو ويندو آهي. هيءَ هڪ چُرندڙ يا متحرڪ (Bascule) پُل آهي، جيڪا سامونڊي جھازن گذرڻ وقت وچان کُلي ڌار به ٿي ويندي آهي. لنڊن ۾ ’ٽيمز درياءَ‘ تي اڏيلَ ڪجهه ٻين منفرد پليُن ۾ ’واٽر لُو بِرج‘ جنھنکي ”زائفن جي پُل“ (Ladies’ Bridge) به چيو ويندو آهي، ڇو ته ان جي اڏاوتَ ٻين عالمي جنگ دؤران ناريُن ڪئي هئي ۽ ’ملينيم بِرج‘ جيڪا پيادن جي هلڻ لاءِ ٺھيل آهي ۽ پنھنجي خاص بناوت جي ڪري هڪ لُڏندڙ پُل (Wobbly Bridge) آهي، به شامل آهن.

’ٽيمز درياءُ‘ انگلينڊ جو سڀ کان اهم ۽ تاريخي درياءُ آهي، جيڪو ’ڪوسٽ وولڊ‘ نالي ٽَڪريُن جي علائقي مان وھڻ شروع ڪري ٿو. جتان زمين جي هيٺان پاڻي سِمِي هڪ ننڍي نديءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو، جيڪو اڳتي هلي مختلف چشمن جي ميلاپ سان هي عظيم درياءُ بڻجي وڃي ٿو ۽ اولهه کان اوڀر طرف وهندو 346 ڪلوميٽرن (215 ميلن) سفر طئي ڪندو، اتر سمنڊ (North Sea) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو. لنڊن جي اوڀر ۾جتي ’ٽيمز‘ ڇوڙ ڪري ٿو، ان جاءِ کي ’ٽيمز ايسٽيُوئري‘ (Thames Estuary) چيو وڃي ٿو. تڪنيڪي طور ’ٽيمز‘ کي ڪا ڊيلٽا ڪانهي، بلڪه ان جي هڪ ايسچوري آهي. ايسچوري، ڊيلٽا کان فني لحاظ کان مختلف هوندي آهي.

هن ڳيچ کانسواءِ، انگريزي ادب ۾ ’ايف. ايس. فلنٽ‘ جو لکيل مشھور نظم ”لنڊن برج“ (جنھن ۾ هِن پُل تان گذرندڙ ماڻهن جي هجوم کي باغ ۽ سندن چھرن کي گلن سان تشبيهه ڏني وئي آهي) ۽ انگريزيءَ جي عظيم رومانوي شاعر ’وِليَم ورڊس ورٿ‘ جو لکيل نظم ”ڪمپوزڊ اپان ويسٽمنسٽر بِرج“ به ’ٽيمز‘ جي پُليُن تي لکيل يادگار نظم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.