وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل تجويز ته موجوده مُلڪي نظام کي هلائڻ لاءِ نوان صوبا يا نوان يونٽ ٺاهڻا پوندا تنهن کان سواءِ هي مُلڪ نه هلي سگهندو تنهن تي سڄي سنڌ اندر جيڪا ون يونٽ مخالف رد عمل جهڙي تاريخ جڙڻ لڳي آهي تنهن جو هڪ قومي لقاءُ پاڻ کي ٽيون ڏينهن ڪراچيءَ ۾ به نظر آيو. قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو جنهن کي هڪ نوٽيس موڪلي گلستان جوهر ۾ واقع اين سي سي آءِ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي آفيس طلب ڪيو ويو هو سو هزارين ماڻهن جي ريلي ۽ نعرن جي گونج سان ان آفيس پهتو. ان تاريخي ريلي ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ هيون. رپورٽن موجب اياز لطيف ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، اسد شر ۽ ٻين وڪيلن سان گڏ اين سي سي آءِ اي جي ٽيم آڏو پيش ٿيو. ان ريلي جو مقصد اهو هو ته اياز لطيف پليجو هڪ ناهي، اسان سڀ سنڌي ان سان گڏ آهيون. پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي ٻڌايو ته اندر هنن کان ڪجهه مون به سوال ڪيا ۽ ان اداري بابت معلومات ورتي. هڪڙو سوال مون کان پڇيائون ته نون صوبن بابت توهان جي ڇا راءِ آهي؟ جنهن تي مون ٻڌايو ته 4 صوبا اسان کان سنڀالي نٿا سگهجن ته 20 صوبا ڪيئن هلندا. اياز لطيف پليجي چيو ته ماڻهن کان ذاتي زندگي بابت سوال ٿيندا آهن، گهر، گاڏي ۽ پلاٽ بابت سوال ٿيندا آهن پر مون کي فخر آهي ته مون کان سنڌ بابت سوال ٿيا. هن چيو ته اسان چئون ٿا ته سنڌ اسان جي آهي ته ڪاوڙجي ٿا پون، ڀلي اوهان نوٽيس موڪليو اسان وٽ دليلن جا انبار آهن.
اڄ برابر سنڌ دوست ڌريون سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ وار خلاف انفرادي طور تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيون آهن پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ڌرين جي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي حمايت ڪجي. اهو نه ڏسجي ته جيڪڏهن پ پ گهڻن صوبن جي مخالف آهي ته ان کي سپورٽ نه ڪجي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پاليسيءَ تي سڀ سنڌ دوست جماعتون پ پ جي حمايت ڪن ۽ اها جيئن ته حڪومت ۾ به آهي ته ان جا هٿ مضبوط ڪجن پر پنهنجو اڄوڪو ايڊيٽوريل قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي کي خراج طور لکجي ٿو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اياز لطيف پليجو اڄ جي انهن سياستدانن مان هڪ آهي جنهن ۾ سنڌ جو ڪيس هر ماڻهو، هر اداري، هر اسٽيج، هر پيلٽ فارم، هر شهر، هر صوبي، ۽ هر ملڪ ۾ پيش ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي شايد ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته پاڻ مڃيل ايڊووڪيٽ به آهن جن کي ڪيس وڙهڻ جو پيشي وراڻو تجربو به آهي جنهن جو ڪم ئي دليلن سان پنهنجو ڪيس رکڻ هوندو آهي. سو اياز لطيف پليجو ۾ اها تمام وڏي صلاحيت آهي جنهن جو اظهار هن سائيبر علمدارن جي آڏو پڻ پيش ڪيو آهي. اسان سندس ان موقف سان بلڪل به سهمت آهيون، ايئن جيڪڏهن ٻيون به سنڌ دوست ڌريون اياز لطيف پليجي سان متفق آهن ته انهن تي به فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي سندس همت افزائي ڪن، سندس موقف کي هٿي ڏين ۽ سندس هٿ مضبوط ڪن، هي ايڊيٽوريل به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هڪ شخص، هڪ مائينڊ سيٽ يا گهڻ صوبن جي حامين کي ته اها اجازت آهي ته اهي جتي ڪٿي پنهنجو موقف رکن پر جيڪي ڌريون نون صوبن جون مخالف آهن يا مخالف موقف رکن ٿيون تن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي ٿو. رپورٽون آهن ته نون صوبن جي مخالفت ڪندڙن کي هاڻي ڪنهن نه ڪنهن بهاني گرفتار به ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو غير جمهوري رويو آهي. هڪ پاسي نون صوبن ۽ نون يونٽن بابت بحث مباحثي جي دعوت ڏني وڃي ٿي ته ٻئي پاسي وري ان کي روڪڻ جون به ڪوششون ڪري اهو تاثر ڏنو پيو وڃـي ته نون صوبن يا گهڻن يونٽن جي ڏنل تجويز جي خلاف ڳالهائڻ ڏوهه آهي. اهو رويو آمراڻو ۽ غير جمهوري آهي.
اها به حيرت جي ڳالهه ته نون صوبن ۽ نون يونٽن جي تجويز هڪ اهڙي موقعي تي ڏني وئي آهي جڏهن جشن آزادي وارو قومي ڏينهن اچڻ وارو آهي ان موقعي تي بجاءِ ان جي ته صوبن قومن ۾ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪجي ها هڪ غير ضروري تڪراري پينڊورا باڪس کوليو ويو آهي جنهن ملڪ جي خير خواهه ڌرين کي رنجائي ۽ ڏکائي ڇڏيو آهي. هي وقت ٽوڙڻ جو نه پر ڳنڍڻ جو آهي. رياست جو به بنيادي فرض اهو هوندو آهي ته اها پنهنجي ايڪائين کي متحد رکي، ڀائيچاري جو ڪردار ادا ڪري ۽ ماءُ واري ممتا رکي پنهنجن سڀني ٻچن کي هڪ نظر سان ڏسي. اسان هن ملڪ جي انهن ماڻهن ۽ انهن ادارن کي ئي ملڪ جو سڄڻ سمجهندا آهيون جيڪي ملڪ کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي روح پٽاندڙ هلائڻ جون قائل هونديون آهن ۽ اهي ڌريون جيڪي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي روح جي برخلاف ملڪ کي هلائڻ جون قائل هونديون آهن تن کي ملڪ دشمن سمجهندا آهيون. تنهن ڪري سڀ ڪجهه عوام ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيو وڃي، اهو ئي بهتر فيصلو ڪري سگهن ٿا ته ملڪ کي ڪيئن هلائجي ۽ ڪهڙو نظام بهتر آهي. اهو اڪثريتي موقف ۽ رايو رهيو آهي. آئين، قانون ۽ جمهوريت به اهو ئي چوي ٿي.
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو به اهو ئي چوي ٿو. هونئن ته هو هميشه سٺو ئي ڳالهائيندو ۽ زوردار نموني دليلن سان پنهنجو بيانيو پيش ڪندو رهندو آهي پر ٽيون ڏينهن سائبر ايجنسي جي حوالي سان ميڊيا سان جيڪو ڳالهايائين تنهن کي به اسان انتهائي فڪر انگيز ۽ رهبري نما گفتگو سمجهي ان جي تائيد ڪيون ٿا. نون صوبن جي مخالفت ۾ هن ڪالهه جيڪو ڪيس رکيو آهي تنهن کي ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ اهو ئي نعرو لڳائي سگهون ٿا ته ”اياز لطيف پليجو زنده باد“. اچو ته سندس موقف کي هٿي ڏيون ۽ سندس هٿ مضبوط ڪريون.
اسان ان کي سنڌ جي بدبختي سمجهندا آهيون جو هتي الائي ڇو اسان پاڻ ئي پنهنجن مفادن جا دشمن بڻجي ويندا آهيون، بجاءِ ان جي ته پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن مفادن جو احترام ڪريون ۽ انهن کي هٿي ڏيون الٽو پنهنجن ئي ماڻهن ۽ مفادن کي ننديندا ۽ ٿڏيندا وتندا آهيون پر هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سنڌ، سنڌي قوم، جمهوريت، عوام دوستي ۽ ترقي پسندي جي مفادن سان گڏ بيهون ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجن ئي مفادن ۽ پاڻ سان وڙهي سنڌ دشمن، جمهوريت دشمن، عوام دشمن ۽ ترقي پسند دشمنن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيون ٿا. اها به اسان جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي مثبت طاقتن کان وڌيڪ منفي طاقتون پاڻ ۾ وڌيڪ متحد رهنديون آهن پر هاڻي جڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن ته وقت اچي ويو آهي ته اسان مثبت طاقتون پاڻ ۾ٻڌي ڪري انهن سازشن کي ناڪام بڻايون.