ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، انجنيئر گلزار سومرو، حيدر شاهاڻي، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف پوليس ڪاررواين، گرفتارين ۽ پرامن سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران پرامن سياسي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف پوليس طاقت جو استعمال، گرفتاريون ۽ سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽون وجهڻ جمهوري حقن جي کليل لتاڙ ۽ سياسي جبر جي بدترين مثال آهي، هنن چيو ته هڪ طرف بلاول ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻ کي جمهوريت پسند ۽ سنڌ دوست سڏائين ٿا ته ٻئي طرف سنڌ جي قومي حقن، زمين، پاڻي ۽ وسيلن لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ ڪارروايون سندن انهن دعوائن جي ابتڙ آهن، سنڌ جي عوام کي اهو سوال ڪرڻ جو پورو حق آهي ته آخر سنڌ ۾ حڪمراني ڪنهن جي آهي ۽ سياسي اختلاف جو جواب دليل، ڳالهين ۽ جمهوري طريقي سان ڏيڻ بدران پوليس، گرفتارين ۽ طاقت جي استعمال سان ڇو ڏنو پيو وڃي؟ هنن چيو ته پوليس ميرپورخاص پريس ڪلب کي ڪڙو چاڙهي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قيادت کي ميڊيا آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن هوندي به پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ پوليس جي گهيري باوجود ميرپورخاص پريس ڪلب اندر پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ جي قومي حقن ۽ پارٽي جو موقف ميڊيا آڏو پيش ڪيو، پر پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ جيئن ئي اڳواڻ ميرپورخاص پريس ڪلب کان ٻاهر نڪتا ته پوليس ڪارروائي ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، قادر چنا، حيدر ملاح ۽ خدابخش درس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، هنن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هوت خان گاڏهي، قادر چنا، حيدر ملاح ۽ خدابخش درس کي پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ باوجود اڃا تائين ڪنهن ٿاڻي يا عدالت ۾ ظاهر نه ڪيو ويو آهي . هنن چيو ته ميرپورخاص ۾ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي تعلقي ٿاڻي تي ڇاپو هڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو سميت گرفتار ڪارڪنن کي بازياب ڪرائڻ بعد سندن آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو، پر عدالتي حڪم باوجود کين آزاد ڪرڻ بدران پوليس پاران اڳ ۾ داخل ٿيل اڻ لاڳاپيل ڪيسن ۾ سندن نالا شامل ڪري گرفتاريون ظاهر ڪيون ويون. هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، بدين ۾ شاهنواز سيال، اسلم مهندو ۽ پنھل نظاماڻي، نوابشاهه ۾ شاهنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي ۽ علي نواز ڪاتيار، ڪراچي ۾ رجب مگسي ۽ سيد اعجاز شاهه، ڪنڌڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي، دل مراد ڏاهاڻي ۽ سرمد جاگيراڻي، نوشهروفيروز ۾ اصغر ڀرٽ، ڊاڪٽر دائود عمراڻي ۽ حبيب مشوري، گهوٽڪي ۾ منظور نائچ، خالد لاکو ۽ علي گوهر گبول، ٽنڊو محمد خان ۾ اقبال حاجاڻو، سارنگ شاهه ۽ سليم ميمڻ، گولاڙچي ۾ ابوبڪر ڪڇي، هارون شيخ ۽ محمد عمر نوحاڻي، ٺٽي ۾ سيد جلال شاهه، راجو قريشي ۽ صاحب ڏنو سمون، حيدرآباد ۾ جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ عرفان بروهي ۽ حسن جوڻيجو، ندو شهر ۾ محمد صديق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.