سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتي ۽ امتحاني نظام ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي ڀرتي ۽ امتحاني نظام ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجين کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد مجموعي نظام کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻائڻ آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن جي روشني ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه اڱاري ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.اجلاس ۾ اهم قدم جو جائزو ورتو ويو ۽ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت معاون خاص علي راشد، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين رضوان احمد، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سيڪريٽري ۽ سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پڻ شريڪ ٿيا.اجلاس دوران ايس پي ايس سي جي موجوده امتحاني ۽ ڀرتي واري نظام کي وڌيڪ جديد بڻائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ٻين ڊجيٽل ٽيڪنالاجين جي استعمال تي تفصيلي غور ڪيو ويو.اعلاميي موجب، خاص طور تي انهن شعبن تي ڌيان ڏنو ويو، جتي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان دستي ڪم کي گهٽائي، درستگي ۾ واڌارو، شفافيت کي وڌيڪ مضبوط ۽ مجموعي طريقيڪار کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي ٿو.شروعاتي طور تي هن قدم جو لاڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نگراني هيٺ هلندڙ امتحانن تي ڪيو ويندو ۽ نئون نظام مرحليوار متعارف ڪرايو ويندو.ايندڙ مرحلن ۾ حڪومت سڀني امتحانن ۽ ڀرتي جي عمل کي عالمي سطح تي رائج مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ماڊيولز ۽ جديد ڊجيٽل رڪروٽمينٽ سسٽمز ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي، خاص طور تي انهن شعبن ۾ جتي ان سان انتظامي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.هن چيو ته ايس پي ايس سي جي ڀرتي ۽ امتحاني نظام ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٻين ڊجيٽل طريقن ذريعي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ سطح تي آڻڻ مقصد آهي، تنهن هوندي به سڄي عمل دوران ميرٽ، شفافيت ۽ انصاف جي اصولن کي مڪمل طور برقرار رکيو ويندو.چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته سڄي صوبي ۾ ٽيڪنالاجي سان ليس ورڪ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون، جيئن ڊجيٽل امتحاني نظام لاءِ ضروري بنيادي ڍانچو فراهم ڪري سگهجي ۽ سنڌ جي سمورن علائقن سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي جديد ايس پي ايس سي امتحاني سهولتن تائين رسائي حاصل ٿي سگهي.

You might also like