ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي پوليس مشهور فلم ڊائريڪٽر شڪيل نوراني کي 33 ورهين جي هڪ اداڪارا پاران مٿس لڳايل مبينا جنسي زيادتي جي الزام کانپوءِ گرفتار ڪري ورتو آهي. شڪيل نوراني ’بڙي دل والا‘ (1999) ۽ ’جورو ڪا غلام‘ (2000)سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا پوليس کي ڏنل بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته سندس شڪيل نوراني سان ملاقات ڪم جي سلسلي ۾ ٿي هئي، جتي فلمي منصوبي بابت ڳالهه ٻولهه کانپوءِ کيس گهر گهرايو ويو.
اداڪارا دعويٰ ڪئي آهي ته واقعو 2016ع ۾ پيش آيو، جڏهن ڊائريڪٽر مبينا طور کيس نشي آور شيءِ ڏني ۽ ان کانپوءِ ساڻس جنسي زيادتي ڪئي.
اداڪارا موجب، واقعي دوران مبينا طور سندس ڪجهه ناجائز وڊيوز پڻ ٺاهيون ويون، جن کي بنياد بڻائي کيس ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويندو رهيو. سندس الزام آهي ته بليڪ ميل ڪري فلمساز ڪيترن ئي سالن تائين سندس جنسي استحصال ڪندو رهيو.
پوليس شڪايت ۽ الزامن جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 8 آگسٽ جي صبح شڪيل نوراني کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
انکانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي شڪيل نوراني کي 12 آگسٽ 2026ع تائين پوليس رمانڊ تي موڪليو ويو، جڏهن ته پوليس معاملي جي مختلف پاسن کان وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي.
ٻئي پاسي فلم ڊائريڪٽر جي وڪيل ايڊووڪيٽ وڪاس سنگهه گور مٿس لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. وڪيل جو موقف آهي ته سندس موڪل کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي ۽ جيستائين عدالت ۾ ڏوهه ثابت نه ٿئي، تيستائين شڪيل نوراني کي بيگناهه سمجهيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ شاهدين ۽ بيانن جي روشني ۾ معاملي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.