ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار گووندا پنهنجي زال سنيتا آهوجا پاران ازدواجي زندگي ۽ سندس مبينا معاشقن بابت ڏنل بيانن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ گووندا پنهنجي زندگي ۽ شوبز جي سفر بابت ڳالهائيندي چيو ته هو 34 ورهين جي عمر تائين پاڻ کي تمام گهڻو معصوم سمجهندو هو.
اداڪار چيو ته هو 34 سالن جي عمر تائين ايترو معصوم هو، جو هاڻي پاڻ به سوچيندو آهي ته هو آخر ايترو معصوم ڇو هو؟
گووندا گفتگو دوران پنهنجي زندگي بابت هڪ اهڙو جملو پڻ چيو، جنهن مداحن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان ڇڪائي ورتو.
هن چيو ته ”جيڪڏهن ڪو مٺائيءَ جي دڪان ۾ رهي به بکيو ٻاهر نڪري ته اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي.“
گووندا جي ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جا اندازا لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي واهپيدارن ان کي سنيتا آهوجا جي انهن اڳوڻن بيانن سان ڳنڍيو، جن ۾ هن پنهنجي مڙس جي مبينا معاشقن جو ذڪر ڪيو هو. تنهن هوندي به گووندا سڌيءَ ريت اهو واضح نه ڪيو ته سندس بيان انهن ئي الزامن بابت هو.
اداڪار سنيتا آهوجا سان پنهنجي رشتي ۽ سندس ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس زال ساڻس تمام گهڻي محبت ڪري ٿي.
گووندا مزاحيه انداز ۾ چيو ته سندس زال کيس ايتري پيار سان گاريون ڏئي ٿي، جو هو اهي به کائي ويندو آهي.
اداڪار چيو ته ذاتي رشتن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي انسان ٻين ماڻهن آڏو بيان نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون اڻ چيون رهجي وينديون آهن ۽ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جن کي لفظن ۾ بيان ئي نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته ان کان اڳ سنيتا آهوجا هڪ ريئلٽي شو ۾ شرڪت دوران پنهنجي ازدواجي زندگي بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته گووندا جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي مبينا معاشقا رهيا آهن.
گووندا ۽ سنيتا آهوجا 1987ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي ڊگهي عرصي کان پنهنجي ازدواجي زندگي ۽ عوامي تقريبن سبب ميڊيا جي خبرن ۾ رهندا آيا آهن.