ايشين گيمز هاڪي: پاڪستان عمان کي ستن گولن تان هارائي ڇڏيو، سيمي فائنل ۾ ڀارت سان ٽاڪرو

ناگويا (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز هاڪي ۾ پاڪستان عمان کي ٻن جي مقابلي ۾ ست گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
جپان جي شهر ناگويا ۾ کيڏيل ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم شروع کان ئي جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ هاف ٽائيم تي پاڪستان کي 2-1 جي سرسي حاصل هئي.
پاڪستان طرفان رانا وحيد هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪئي، جڏهن ته سفِيان خان 2، غضنفر علي ۽ محمد عماد هڪ هڪ گول ڪيو.
پاڪستان پول بي ۾ 12 پوائنٽن سان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته ملائيشيا 15 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي رهيو.
پاڪستان پول جي 5 ميچن مان 4 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستان هاڪي ٽيم کي ملائيشيا خلاف شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.
واضح رهي ته پاڪستان پنجن ميچن ۾ 28 گول ڪيا، جڏهن ته پاڪستان خلاف 8 گول ٿيا آهن.
پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ميچ کانپوءِ ايشين گيمز هاڪي ايونٽ جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي.
پهريون سيمي فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ملائيشيا ۽ ڪوريا وچ ۾ به ساڳئي ڏينهن ٿيندو.
پول اي جي آخري ميچ ۾ ڪوريا جپان کي 3-2 تان شڪست ڏني، جڏهن ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ جاري آهي. ڀارت جيڪڏهن بنگلاديش کان هارائي به وڃي ته بهتر گول اوريج جي بنياد تي گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن تي رهندو.

You might also like