گهر کان ٻاهر ڪنهن عوامي هنڌ يا سفر دوران جيڪڏهن واءِ فاءِ جي سهولت موجود نه هجي ۽ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ يا ڪنهن ٻي ڊوائيس کي وائرليس انٽرنيٽ سان ڳنڍڻو هجي ته سمارٽ فون کي موبائل هاٽ اسپاٽ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان لاءِ فون ۾ 4 يا 5 جِي انٽرنيٽ ڪنيڪٽيٽي تائين رسائي هئڻ ضروري آهي، جنهن کانپوءِ فون کي ٻين ڊوائيسز لاءِ روٽر وانگر استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پر ڇا موبائل هاٽ اسپاٽ محفوظ هوندا آهن؟ ۽ ڇا انهن سان ڪو خطرو به ٿي سگهي ٿو؟
عام طور تي پبلڪ واءِ فاءِ ڪنيڪشن جي ڀيٽ ۾ موبائل هاٽ اسپاٽ وڌيڪ محفوظ هوندو آهي.
پبلڪ واءِ فاءِ استعمال ڪرڻ دوران توهان جي ڊيٽا هيڪرز تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته موبائل هاٽ اسپاٽ ان وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، جڏهن واءِ فاءِ پاس ورڊ مضبوط نه هجي.
پبلڪ واءِ فاءِ جي ابتڙ موبائل هاٽ اسپاٽ ۾ ڪنٽرول توهان جي پنهنجي هٿ ۾ هوندو آهي.
عام طور تي آءِ فونز اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ هر ڊوائيس کي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ پاس ورڊ جي ضرورت هوندي آهي.
اينڊرائيڊ فونز ۾ پاس ورڊ کي ڊس ايبل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن لاگ اِن جو عمل تيز ٿي وڃي، خاص طور تي گهر وارن لاءِ ڊوائيسز کي ڳنڍڻ سولو بڻائي سگهجي.
پر ائين ڪرڻ سان توهان جي هٿ ۾ اهو ڪنٽرول نه رهندو ته موبائل هاٽ اسپاٽ سان ڪير ڪنيڪٽ ٿي سگهي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ هيڪرز سولائيءَ سان ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هاٽ اسپاٽ ۾ واءِ فاءِ پروٽيڪٽڊ ايڪسس (ڊبليو پِي اَي) نالي هڪ سيڪيورٽي پروٽوڪول پڻ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ڊيٽا کي انڪرپٽ ڪري ڊوائيسز کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
You might also like