”اسان پاڪستان بچائڻ واري پاسي آهيون“ نوان صوبا ٺاهڻ وارو راڳ قبول ناهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

گهارو (ويب ڊيسڪ)سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) پاران ”سنڌ منهنجي امان“ رابطا مهم جاري آهي، جنهن سلسلي ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن جو دورو ڪيو.
گهارو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمران اقتدار جي مستيءَ ۾ حقيقتن کان منهن موڙين ٿا، جنهن سبب ملڪ کي عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو.
هن چيو ته 1970ع جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، جڏهن ته ٻيهر غلط پاليسين سبب اڄ بلوچستان ۾ امن ناهي، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير جون حالتون به خراب آهن، هاڻي پرامن جمهوري طريقي سان سفر ڪندڙ سنڌ کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به پاڪستان جي خلاف نه رهيا آهن ۽ نه ئي پاڪستان ٽوڙڻ وارين سازشن جو حصو رهيا آهن.
هن چيوته پاڪستان جو شهري هجڻ جي حيثيت سان اسان پنهنجا جمهوري ۽ آئيني حق گهرون ٿا.
هن چيو ته اسان سنڌ، پنهنجي مادر وطن جي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي جاگرافيائي ۽ وحداني حدن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند هرگز برداشت نه ڪنداسين.
ايس ٽي پي سربراهه جو چوڻ هو ته ”پاڪستان نه هلڻ“ جو فلسفو پيش ڪري 7 ڪروڙ سنڌين جي مادر وطن کي ٽوڙڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ نون تجربن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اسان پاڪستان کي بچائڻ واري پاسي آهيون، جڏهن ته نوان صوبا ٺاهڻ وارا ماڻهو پاڪستان ٽوڙڻ واري نقطي تي ڪم ڪري رهيا آهن.
ايم ڪيو ايم بابت ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هاڻي ان جا ماڻهو هڪٻئي خلاف شاهديون ڏيڻ لڳا آهن ۽ هڪٻئي کي ڀارت جي ايجنڊا سان جوڙي رهيا آهن.
هن چيو ته اهڙن معاملن کي تماشو بڻائي فتنو پيدا ڪرڻ ۽ گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي شاباش هجي، جن نسل پرستي، نئين جارحيت ۽ فاشزم واري سازش کي رد ڪيو آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان جون سموريون پاپولر پارٽيون، پيپلزپارٽي، يو آءِ، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچ قومپرستن کان ويندي وفاق پرست ۽ وطن دوست ڌريون چئي رهيون آهن ته نون صوبن وارو راڳ قبول ناهي.
سنڌ اسيمبلي به ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي، ان باوجود وفاقي وزير صوبا ٺاهڻ واري پنهنجي هوڏ تي قائم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به خوف ۾ مبتلا نه ٿينداسين، لاش موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، چند ماڻهو ملڪ جي سالميت سان کيڏڻ چاهين ٿا، اسان هزارين ماڻهو مادر وطن تان قربان ڪنداسين، پر سنڌ جي وحدت تي وار قبول نه ڪنداسين.

You might also like