عمران خان رڳو حُڪم ڪري، ٻيهر وڏو وزير بڻجندس: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزير خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي حڪم تي وڏ وزارت ڇڏي هئي، باني جو حڪم مليو ته ٻيهر وڏو وزير بڻجي سگهان ٿو.
ميڊيا ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌندو ته مطالبا مڃيندي، حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ فيصلو ڪندڙن جو ڪم آهي.
هن چيو ته لانگ مارچ بابت پارٽي جي ڪا خاص تياري نه هئي، لانگ مارچ جي تاريخ تبديل ٿيڻ سان پارٽي هيڻي ٿي آهي.
وڏي وزير جي رِٽ نه هئڻ سبب صوبي ۾ وزيرن، ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي.
اڳوڻي وڏي وزير چيو ته رنڊڪن ۽ مزاحمت باوجود احتجاج دوران ٽي ڀيرا اسلام آباد پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان.
موجودا وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملاقات بابت علي امين گنڊاپور چيو ته سهيل آفريدي سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان جي هڪ ئي پارٽي آهي، پختون آهيون ۽ گهر آيل مهمان جي عزت ڪندا آهيون.

You might also like