ميرٽ جي لتاڙ بند نه ٿي ته ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪنداسين

حيدرآباد( رپورٽر ) ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ ۾  ڪوٺايل آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ڪانفرنس ۾ شاگردن جي ھي تحريڪ سنڌ گير ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پھرين مرحلي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اثرائتي جاڳرتا مھم ھلائڻ ، سيمينار ۽ فڪري ويھڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. شاگرد اڳواڻن سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ عوام دشمن ،شاگرد دشمن نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ ۾ ميرٽ جي سنگين لتاڙ ڪري رھي آھي احتجاج  ڪندڙ شاگرد اڪيلا ناھن جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته گھوٽڪي کان ڪراچي تائين تاريخي لانگ مارچ جو سڏ ڏئي سگھون ٿا ۽ ان جي پڃاڻي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سي ايم ۽ گورنر ھائوس سامھون ٿيندي ، سنڌ جي سياسي قيادت ۽ سنڌ جو  عوام شاگردن سان رابطي ۾ آھي احتجاجن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڌي رھيو آھي ۽ ھن تحريڪ جي باھ جي شعلن جو تاءُ اختيارين کي جلد محسوس ٿيندو ، شاگرد اڳواڻن چيو ته نه رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پر ھر اداري ۾ نوڪريون سفارش تي ڏنيون ويون يا وڪرو ٿيون آھن ھي تحريڪ ھن ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ آھي ڪالھ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران لڳايل احتجاجي ڪئمپ جي  19هين ڏينهن تي  سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ جي سمورين شاگرد تنظيمن کي شاگردن جي عدالت (آل پارٽيز ڪانفرنس) لاء گڏ ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جاري تحريڪ جي دائري کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ ان کي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ڪرڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  آل پارٽيز ڪانفرس ۾ سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران زبير پنھور، سنڌي شاگرد تحريڪ (عوامي تحريڪ) پاران علي احمد ٽالپر، سنڌ شاگرد سڀا پاران جانب وساڻ، جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (آريسر) پاران علي رضا بروھي، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ارسلان چانڊئي، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران عمران بلوچ، ذوالفقار علي ڀٽو رابطا ڪاميٽي پاران ارشاد خاصخيلي ۽ عديل لغاري، مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران وقار جمالي، جمعيت طلباءِ اسلام طرفان محمد علي درس، سنڌي شاگرد تحريڪ (قومي عوامي تحريڪ) پاران سلمان چانڊئي، آل پاڪستان متحدہ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران ناصر نواب، انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ذوالقرنين جروار، آل سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن پاران سينگار چانڊئي ۽ سنڌ ساگر پارٽي پاران ايڊووڪيٽ ڪاظم عباس شرڪت ڪئي.  شاگردن جي ھن عدالت ۾ چيو ويو ته رڳو هڪ ادارو نه پر سڄي ملڪ جي سمورن ادارن جي حالت خراب آھي ، اسين ھن اداري سميت سموري نظام کي بھتر ڪرڻ جا خواهشمند آهيون شاگرد اڳواڻن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ۾ بک ڪاٽي اڳتي ايندڙ شاگردن جا در بند ڪيا ويا آھن، ھن اداري ۾ جي اسان جا در بند ٿيا ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ به انھن درن ۾ داخل ٿي نه سگھندا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي پاران شاگرد تنظيمن آڏو موقف رکيو ويو ته ميرٽ، شفافيت ۽ شاگردن جي حقن لاءِ جاري جدوجهد کي فيصلائتي مرحلي تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ جي سمورين شاگرد تنظيمن جو گڏيل اتحاد ۽ مضبوط جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن تي ڪانفرنس ۾ شريڪ شاگرد تنظيمن اتفاق ڪيو. شاگردن جي عدالت ۾ شريڪ سمورين تنظيمن سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جاري تحريڪ کي وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ ميرٽ جي سوال تي ڪانفرنسون، آگاهي مهمون ۽ جاڳرتا مھم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ته جيئن شاگردن جي هن گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ وسيع بڻائي سگهجي.ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته سمورين شاگرد تنظيمن وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل مشوري جو سلسلو جاري رکيو ويندو ۽ موجوده جدوجهد کي هڪ مضبوط، منظم ۽ وسيع شاگرد اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي واضح ڪيو ته ميرٽ، شفافيت ۽ نوجوانن جي مستقبل جي تحفظ لاءِ شروع ڪيل هي جدوجهد ڪنهن هڪ اداري يا گروهه جو مسئلو نه، پر سنڌ جي سمورن شاگردن ۽ نوجوانن جو گڏيل مسئلو آهي، جنهن لاءِ گڏيل آواز ۽ منظم جدوجهد ئي ڪاميابي جو رستو آهي.

You might also like