جڏهن به مالي مشڪلاتن جي ور چڙهندو آهي ته پوءِ حڪمرانن جون اکيون ناڻي جي مختلف وسيلن تي هونديون آهن ملڪ قابض مائينڊ سيٽ ۽ ان جا ٿاڦيل حڪمران اهو چوندي ڪا هٻڪ به محسوس نه ڪندا آهن ته ” بلوچستان جي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان پاڪستان تي چڙهيل غير ملڪي قرض سولائي سان لاهي ڇڏينداسون ملڪ تي ڇانيل ۽ هٿ ٺوڪيل حڪمرانن جو سنڌ سان به ساڳيو ئي رويو ۽ سلوڪ آهي
گذريل 79 سالن کان ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بنيل حڪمرانن، جي پنهنجي مداخلت، ناانصافين، پاليسين ، جبر ۽ بدحڪمراني جي نتيجي ۾ ئي موجودہ حالتون پيدا ٿيون آهن پر ان جو اعتراف ڪرڻ جي بدران نه صرف ٻين کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي پر ” ويرئون وڌ ” وارو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي انهن رياستي حڪمرانن کي نه ته وفاق ۾ شامل قومي وحدتن جي حقن جي پرواهه آهي ته نه ئي عام عوام جا بنيادي انساني مسئلا حل ڪرڻ ئي ھنن جو مقصد آهي ” ناڻو، روپيا ۽ ڊالر ” هٿ ڪرڻ حڪمرانن جي ايجنڊا ۽ مقصد رهيو آهي. ان مقصد جي لاءِ ڪڏهن ڪهڙا تجربا ته ڪڏهن ڪهڙا تجربا پاڪستان، هڪ گهڻ قومي مملڪت آهي صوبائي حدون، هرهڪ قومي وحدت جون تاريخي سچائيون ۽ زميني حقيقتون آهن قومي وحدتن کي ورهائڻ، ” انڪار وطن ” جي سوچ آهي قومون ورهائڻ ڏوھ آهي پر جن جو فلسفو ئي ڪوڙ تي ۽ انڪار وطن تي ٻڌل ۽ بيٺل هجي، انهن مان چڱائي جي اميد رکڻ ” ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر ٿيندو ” ون يونٽ ٺاھي، لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو، روزگار جا وسيلا ۽ موقعا ڌرتي ڌڻين جي لاءِ حرام قرار ڏنا ويا، ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جو نالو وٺڻ گاهه ۽ ڏوھ قرار ڏنو ويو
هاڻي وري ساڳي ئي مائينڊ سيٽ کي پيٽ ۾ مروڙ آهن ته ” پاڪستان کي ڏيوالي مان ڪيئن ڪڍجي ، قرض ڪيئن لاهجن ۽ پنهنجي گلشن جو ڪار وهنوار ڪيئن جاري رکجي ” سندن نظرون وري به سنڌ تي، بلوچستان تي ۽ جتي ڪٿي، جتان آمدني، ناڻو، سرمايو ۽ ڊالر ملڻ جا وسيلا ۽ موقعا موجود هجن
يونين ڪائونسل جي هيٺين سطح کان وٺي ڊويزن جي مٿاهين سطح تائين اول ئي انتظامي يونٽس جي موجودگي جي باوجود زور آهي ته صوبن کي ورهايو، ڪراچي ۽ گوادر کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته سنڌ جو عوام سنڌ کي ورهائڻ جي ڪنهن به حرڪت کي قبول ڪري يا ڪراچي کي اسلام آباد جي حوالي ڪرڻ جي حرڪت کي تسليم ڪري پنهنجي ايجنڊا کي آسان بنائڻ جي لاءِ حڪمرانن، چند پگهاردارن کي سنڌ جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو ٽاسڪ ڏيئي ميدان ۾ لاٿو آهي پر اها انتهائي ححوصله بخش ڳالهه آھي جو ڪوبه سمجھدار، حقيقت پسند، باشعور، باضمير ۽ انسان دوست اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ، حڪمرانن جي ان سازش جو حصو ٿيڻ جي لاءِ تيار نه آهي
ايمانداري جي ڳالهه آھي ته 79 سالن کان پوءِ به جيڪڏهن اسين سنڌ واسي اڃا به هڪ ٻئي کي پنهنجو سمجهي، هڪ ئي ساڳي صف ۾ نه بيهنداسين يا سنڌ، سنڌ جي وجود ۽ پنهنجي مستقبل جي لاءِ ساڳيو موقف اختيار ڪري گڏيل ڪردار ادا نه ڪنداسين ته پوءِ آخر ڪڏهن ڪنداسين؟ صرف ۽ صرف زبان جي بنياد تي هڪ ٻئي کان آخر ڪيستائين جدا رهنداسين؟ ۽ ان مان فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ سنڌ ۾ انهن سڀني ديس واسين جي حيثيت ۽ حق هڪ جهڙا آهن ۽ انهن جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ سڀني جي ۽ سنڌ جي قومي مفاد وٽان آهي. حڪمرانن جو ڪم عوام ۾ ويڇا ، رنجشون ۽ اختلاف وڌائڻ نه پر گهٽائڻ هجڻ گهرجي پر پاڪستان جا حڪمران، ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن مان به سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهي ڪنهن جا ڪيترا خير خواهه آهن؟ جيڪي حڪمران سنڌ، سنڌو درياھ، سنڌو ڊيلٽا ک پنهنجو نه پر پرائو مسئلو سمجهندا هجن، انهن مان چڱائي جي اميد رکڻ ” اڪن کان انب ” گهرڻ جي برابر ٿيندو.
موجودہ سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ سنڌ جون مختلف سياسي ۽ سماجي جماعتون ۽ باشعور و باضمير قوتون سرگرم ٿي رهيون آهن پر ان سلسلي ۾ جيستائين سڀ وطن دوست ۽ عوام دوست قوتون گڏجي ، گڏيل قيادت جي رهنمائي ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي، گڏيل پروگرام ترتيب ڏيئي جدوجهد شروع نه ڪنديون تيستائين رياستي سازشن کي آخر ڪيئن ناڪام بنائي سگهبو؟
گڏيل قيادت، جو مطلب، گڏيل ذميواري ۽ گڏيل ڪردار نه صرف ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کي پرامن جدوجهد جو مرڪز بڻائڻو پوندو پر اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي به پنهنجي جدوجهد جو حصو بنائڻ گهرجي نيشنل هاءِ وي، سپر هاءِ وي ۽ سنڌ جون اهم شاھراھون پاڪستان جي ” لائيف لائين” آهن پرامن جدوجهد، اسان جي طاقت آهي ڪاميابي اسان جو مقدر آهي شرط صرف هڪڙو آهي ته سنجيدگي، ذميواري ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو وڃي
جيڪي چند غير سنجيده، غير ذميدار، تعصب پرست، پگهاردار يا سستي شهرت جا بکيا ۽ پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ افلاطون، چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ڪري اشتعال پيدا ڪرڻ جي حرڪت ڪري رهيا آهن، اسان کي انهن جي ڳالهين جو جواب مشتعل ٿيڻ سان نه پر سهپ سان بردباري سان ڏيڻ گھرجي وک وک تي سنڌ، سنڌ جي وجود ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي مفاد کي ترجيح ڏيڻ گھرجي