سنڌ جي ورهاڱي جي ڪوشش جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا

ڪراچي ( پ ر ) انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي وحدت جي ورهاست جي مخالفت ڪري ڇڏي، يونٽن جي نالي تي سنڌ  کي ورهائڻ  جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اھڙو اظھار انجمن ترقي پسند مصنفین جي رھنمائن  پروفيسر انيس زيدي، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، ڊاڪٽر بدر اڄڻ،محترمه مهناز الرحمان، پروفيسر توصيف احمد خان، رياض شاهد دايو، پروفيسر شاهد ڪمال، نعيم شيخ، ڊاڪٽر خادم منگي،  سلطان نقوي، سجاد ظهير، منظور رضي ۽ اسحاق سومرو هڪ گڏیل بیان ۾ ڪیو آهي۔ انجمن جي اڳواڻن چیو تہ سنڌ هڪ صوبو نه پر صدين کان هڪ وطن رهيو آهي ۽  ماضيءَ ۾ اهڙي مهم جوئي جا اگرا نتيجا نڪتا آهن. انجمن ترقي پسند مصنفين پاران گذریل ڏینھن جاري ڪيل بیان ۾ ادیبن سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي چیو آهي تہ ملڪ جا مقتدر حلقا انتظامي سڌارن ۽ بھتر حڪمرانيءَ جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ماضي ۾ به اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون جن کي سنڌ جي عوام اجتماعي فهم ۽ پرامن مزاحمت ذريعي ناڪام بڻايو آهي. ترقي پسند اديبن  وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪنهن هڪ يا وڌيڪ شهرن کي صوبي کان ڌار ڪري وفاقي حڪومت جي ماتحت آڻڻ يا صوبي کان الڳ ڪري انتظامي وحدت قائم ڪرڻ جا انتھائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. اهڙا قدم سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي وحدت سان گڏوگڏ ان جي تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي يڪجهتيءَ کي به سخت نقصان پهچائيندا. هنن چيو ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي جو هتان جا مقتدر حلقا پنهنجي مرڪزيت پسند سوچ واري مهم جوئي کي ترڪ ڪرڻ بدران صوبن اندر لساني ۽ ثقافتي ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ماضي جيان هاڻي به ان مهم جوئي  جا نتيجا ملڪ لاءِ انتھائي هاڃيڪار ثابت ٿيندا. اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي پسمنظر ۾ پڻ اهڙي مرڪزيت پسند سوچ، مختلف قومن ۽ ثقافتن جي حقن کي نظرانداز ڪرڻ واري روش جو اهم ڪردار رهيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان کان پوءِ به باقي پاڪستان ۾ گهڻ رخي ثقافت کي نظرانداز ڪري، سرڪاري سطح تي يڪسانيت ۽ مرڪزيت تي ٻڌل حڪمرانيءَ لاءِ مصنوعي طريقا اختيار ڪرڻ سبب ملڪ زوال جو شڪار آهي۔ ترقي پسند اديبن وڌيڪ چيو آهي ته انجمن ترقي پسند مصنفين هميشه پاڪستان جي ثقافتي ۽ ادبي گهڻ رخي پاسن جي حمايت ڪئي آهي.

You might also like