پاڪستان سپر ليگ ۾ پهريون ڀيرو پشتو ڪمينٽري متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ پهريون ڀيرو پشتو ڪمينٽري ٿيندي.
پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي ڀائيواري سان پشتو ڪمينٽري متعارف ڪرائي وئي آهي، ايونٽ ۾ زلمي جي باقي ميچن ۾ هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تي پشتو ڪمينٽري نشر ڪئي ويندي.
پشاور زلمي پي ايس ايل ۾ سڀاڻي اسلام آباد خلاف ڪواليفائر کيڏندي، فتح جي صور ت ۾ پشاور جي ٽيم فائنل ۾ پهچي ويندي ۽ شڪست جي صورت ۾ ايليمينٽر کيڏندي.
پي ايس ايل 11 جو فائنل 3 مئي تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.