زندگيءَ جي اُس ۾ ڪجهه ڇانَوري جا پل

رکيل مورائي

هو منهنجو اهو محسن دوست آهي، جنهن مون کي سدائين شخصي توڻي اديب طور اعليٰ ڏسڻ چاهيو، پر منهنجو ادنيٰ هجڻ ۽ پاڻ کي قبول ڪرڻ، منهنجي فطرت جو حصو رهيو آهي ۽ ان فطري طور طريقي کان ٻاهر وڃڻ پنهنجي لاءِ هڪ عيب محسوس ڪريان ٿو. منهنجي زندگي ۾ هو پهريون ۽ شايد آخري به شخص آهي جنهن منهنجي شعوري عمر ۾ منهنجا سمورا عيب، ثواب ڍڪيا آهن ۽ هر موڙ تي منهنجي شخصيت جي رهنمائي ڪئي آهي، اهڙي دعويٰ مان ڪنهن به فورم تي ڪري سگهڻ جي همت رکڻ وارو آهيان ۽ لکڻ ۾ به ڪيٻائڻ وارو نه آهيان.

اڄ مان سموري سچائيءَ سان اِها ڳالهه چوڻ لائق پاڻ کي سمجهي رهيو آهيان جو، ڪنهن به  لڪي ڇِپيءَ کان سواءِ چوان ته اهو ممڪن آهي ته، مان هن کي شخصي نماڻائي، اخلاقي قدرن جي پاسداريءَ سان گڏوگڏ پنهنجي موچاري چهري سبب به وڻندو هجان ۽ هن لاءِ مون وٽ جيڪو احترام اڄ جي تاريخ تائين آهي ان جا سبب مون وٽ اڻ ڳڻيا آهن. اهو خيال مان پاڻ وٽ محفوظ رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته اِهو به سمجهان ٿو ۽ پڪ سان چوان ٿو ته هو جيڏو وڏو شخص آهي، موري ۾ ساڻس سهمتيءَ توڻي اڻ سهمتيءَ جا حوالا به اوترائي وڏا آهن.

هو ڪيئن جيئو آهي اُهو سندس چهري مان ڏسي به سگهجي ٿو ته پڙهي به سگهجي ٿو، سندس مرڪ جي پٺيان لڪل اڻ ڳڻيا ڏک آهن، اهو هڪ عجيب معجزو آهي، هو ڊبل ايم اي آهي، پوءِ به ڪنهن نوڪريءَ کي هن ٽوڪري سمجهي پنهنجي آبرودار مٿي تي نه رکيو ۽ پنهنجي پورهئي کي اهم سمجهيو. منهنجي لکڻين ۾ ڪيترائي اهڙا حوالا ملي سگهندا، جيڪي هن جي خودداريءَ ۽ پاڻ تي اعتماد واري طبعيت جا شاهد هوندا. اڄ هن جي سڃاڻپ سنڌ ۾ هڪ اهم توڻي غير اهم شخص طور ته آهي ئي آهي، پر سندس هڪ علحدي سڃاڻپ سندس اُهي پٽ به آهن جيڪي اعليٰ تعليم پرائي، بنا ڪنهن سفارش جي هڪ ذهين زندگي جي رهيا آهن ۽ عاليشان نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ مان کيس وڏي ڀاءُ جو درجو ڏيندو آهيان.

هن کي سموري سنڌ الڳ الڳ حوالن سان ڄاڻي ۽ سڃاڻي ۽ سنڌ جو هڪ طبقو جنهن کي اديب چئبو آهي اهو هن کي عظيم سنڌيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ مان اڄ تائين هن کي ادا چئي سڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ”ادا“ لفظ پيءُ جي برابر وڏي ڀاءُ کي سڏبو آهي ۽ مون کي ياد آهي ته سائين نور الدين سرڪي، سائين محمد ابراهيم جوئي کي سدائين ”ادا“ چئي مخاطب ٿيندو هُئو ساڳئيءَ پَرِ مان عظيم سنڌي صاحب کي ”ادا“ چئي مخاطب ٿيندو آهيان ۽ ان ۾ هڪ پنهنجائي محسوس ڪندو آهيان، جيتوڻيڪ سندس ٽِئي پٽ مجيب الرحمان، حبيب الرحمان ۽ شفيق الرحمان مون کي پنهنجي پيءُ جي دوست طور ٽريٽ ڪندا آهن ۽ سندس ٻئي نياڻيون ارم ۽ صنم مون کي چاچا چئي مخاطب ٿينديون آهن ۽ سچ پچ هو مون کي پنهنجي ٻنهي ڌيئرن جيتريون وڻنديون به آهن.

ادا، عظيم سنڌي موري ۾ ادب، سياست ۽ سماجي خدمتن جي حوالي ۾ هڪ اهڙو شخص آهي جنهن جو مثال طور مان پنهنجي تعلق واري ڪنهن شخص جو نالو کڻان اهو مون لاءِ ممڪن نه آهي، ان کان اڳ سيد علي بخش شاهه، سائين ناصر مورائي ۽ سائين قاضي نذير اهڙين خدمتن ۾ اڳرا مڃيا ويا آهن. قومي تحريڪ ۽ ادب جي حوالي ۾ راشد مورائي صاحب پوءِ ايندو ڇاڪاڻ ته هو موري ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ آيو ۽ هيءُ شخص بنيادي طور موري جي سماج جو هڪ اهڙو حصو هُئا، جنهن کي مورو ڪڏهن به وساري سگهي اهو سندس وس کان ٻاهر آهي.

ادو عظيم پنهنجي سمورين خوبين ۽ خامين سميت موري جو اهڙو شخص آهي، جنهن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ شخص کان وڌيڪ شخصيت جو مرتبو ماڻيو آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ هن جو هڪ الڳ ڪردار آهي، هن مون کي اعتماد سان جيئڻ سيکاريو. هن مون کي لکڻ سيکاريو اهو چئي نه سگهبو.

ادي عظيم جون موري شهر ۾ جيتريون سڃاڻپون شفي/پازيٽو آهن، اوتريون سڃاڻپون نفي/نيگيٽو آهن. پر اُهي ٻين لاءِ آهن، مون هن جي نفي/نيگيٽو رخن کي به پازيٽيو ڪري کنيو آهي ان ڪري مون کي هن سان سدائين هڪ اهڙي محبت ۽ احترام رهيو آهي، جهڙو پنهنجي دور ۾ جواهر لعل نهروءَ کي مهاتما گانڌيءَ لاءِ هُئو.

ادي عظيم جو ان وقت رتبو هڪ اعليٰ ٽيلر ماسٽر وارو هُئو ۽ مان هاءِ اسڪول مورو ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا کان پوءِ شام جو موري شهر ۾ سلائيءَ جو ڪم سکڻ لڳو هوس ۽ اهو به ڪٿي اڳ لکيو اٿم ته جنهن استاد وٽ مان سلائيءَ جو ڪم سکڻ لڳو هوس اهو ۽ ادو عظيم، هڪ ئي استاد جا شاگرد هجڻ سبب هڪ ٻئي سان ڪڏهن دلي طور ڪو نه ٺهيا جنهن سبب منهنجو ادي عظيم سان هڪ شاگرد طور ڪڏهن به ملڻ ٿيو ته هڪ خوف جي ماحول ۾، ۽ هڪ اديب/شاعر طور ملڻ ٿيو ته اهو به خوف اندر ۾ سدائين رهندو آيو. پر ساڻس دلي ويجهڙائي مون سدائين محسوس ڪئي ۽ اها هن به محسوسي، هو جڏهن به مون سان مليو ته نهايت پنهنجائپ ۽ پيار منجهان، ان پنهنجائي ۽ پيار کانئس منهنجي حوالي ۾ ادبي دنيا اندر موري ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا امتحان به ورتا پر هن شخص ڪنهن به موڙ تي مون کي هيٺ ڪرڻ نه ڏنو ۽ ادنيٰ ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيتوڻيڪ منهنجي زندگي جون ڪيتريون ئي لائقيون/نالائقيون هن جي اکين اڳيان آيون هونديون پر ڀٽائيءَ جي لفظن ۾:

مُنهنجي مَدايُن جي، جَڏهن ڪَلَ پَريان پِيئي،

ڪَڏهن ڪُوسا ڪِين ٿِيا، ڪُو ڏُوراپون ڏِيئي،

سَاجن سَڀيئي، مُنهنجون ڍَڪيون ڍَول ڍَلائيون.

۽ هن لاءِ منهنجي محبت ۽ احترام ۾ ڪڏهن به ڪو فرق ڪو نه آيو. زمانو رٺو، پرتو، ڪاوڙيو، هو منهنجي لاءِ اهو ئي عظيم رهيو ۽ آهي. عظيم سنڌي استاد بخاريءَ جو پهريون دوست ۽ پوءِ مداح توڻي حافظ ۽ خاڪي جوئي جو دل گهريو دوست ۽ پوءِ همدرد. هڪ اهڙو همدرد جنهن جي دوستيءَ ۽ تعلق خاڪيءَ کي نه رڳو هڪ نئين زندگي ڏني پر نئون جياپو، ساڃاهه ادبي فورم ۽ پوءِ ساڃاهه ادبي رسالي معرفت ڏنو جنهن جو هو سدائين پبلشر رهيو آهي.

مان ڀايان ٿو ته سنڌ ۾ هڪ اعليٰ شاعر ۽ اديب توڻي وطن دوست/دانشور طور سڃاڻپ رکندڙ خاڪي جوئي صاحب کي جيڪڏهن ڪو دلي دوست زندگيءَ ۾ مليو ته مان فقط ادي عظيم سنڌيءَ کي سڃاڻان، مون هن جي سهپ ۽ بردباريءَ کي نه رڳو ڏٺو آهي پر پرکيو به آهي. ڪڏهن مون کي ائين به لڳو آهي ته ادي عظيم پنهنجي شخصي لڳ لاڳاپي جي بنياد تي جيترن نوجوانن کي روزگار (جنهن کي نوڪري چئبو آهي) سان لڳايو هوندو، اوترو ڪنهن به موري جي وڏيري توڻي سرمائيدار، ايم اين اي يا ايم پي اي نه لڳايو هوندو، اِهو موري جو سچ آهي. ان جو مثال اِهو آهي جو هن پنهنجي دوست رئيس خان محمد جماليءَ معرفت جيترو موري ۾ سماجي ڪم ڪيو اوترو ڪنهن جي نصيب ۾ مشڪل آيو هجي، پوءِ به هو ڊبل ايم اي هوندي به، پنهنجو پورهيو ڪندي زندگيءَ کي حقيقي معنيٰ ۽ پورهئي کي حقيقي مرتبو ڏيئي جيئندو رهيو آهي، پر پنهنجي پٽن لاءِ ڪنهن روزگار جي آرزو کي کڻي ڪنهن وڏيري يا دوست کي تڪليف ۾ وجهڻ وارو نه ٿيو آهي.هن جا پٽ پنهنجي لائقي سبب مئرٽ تي نوڪريون ماڻي جيئڻ لائق ٿيا آهن، اها سندس خودداري ۽ شخصي شفافيت هئي، جنهن جو مثال شايد موري جو ٻيو ڪو به شخص بڻجي نه سگهي.

مون کي اها به خبر آهي زندگيءَ ۾ ڪيترا شخص آهن جن تي ادي عظيم احسان ڪيا هوندا پر اڄ اهي شخص اهڙو احساس ڏيارڻ کان وانجهيل آهن ۽ هن شخص ان سڀ کي وري وري نظرانداز ڪري پنهنجي زندگي اهڙي زندهه دليءَ سان گذاري آهي جو اڄ به کيس ان تي دلي خوشي آهي. ڪا به شڪايت هن جي ويجهو نه آئي آهي ۽ نه ئي هن ڪنهن شخص آڏو ڪو پڇتاءُ اظهاريو آهي. هن سموري زندگي دلي ڏک پرائي به خوشگوار نموني کلندي، ڀوڳ چرچا ڪندي ۽ ٻين کي عزت ۽ احترام ڏيندي گذاري آهي. هن موٽ جي اميد ڪڏهن به نه رکي آهي، هو پنهنجي زندگي پنهنجي اصولن تي جيئڻ وارو شخص آهي.

هن جي ادب ۾ پونجي اُهو شاعراڻو ڪتاب آهي جيڪو ”مٽيءَ جي مهڪ“ جي نالي سان سندس پٽن ڇپايو آهي. ٻيءَ طرح هن الڳ الڳ موضوعن تي ڪيترو ئي لکيو آهي، جن کي هو پنهنجون يادگيريون ڪوٺي ٿو، جن يادگيرين ۾ هڪ اهم ڪتاب اُهو به آهي جيڪي يادگيريون سندس استاد بخاريءَ جي تعلق ۽ ويجهڙائي تي ٻڌل آهن. ٻيءَ طرح سندس ڪيترائي لکيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب جيڪي ترتيب ڏنا وڃن ته انهن جو انگ به اڌ درجن کن ته پڪ ئي پڪ ٿي ويندو.

مورو جنهن ورهاڱي کان پوءِ الڳ الڳ حوالن ۾ جيڪو مرتبو ۽ مان ماڻيو آهي، ان ۾ الڳ شعبن اندر ڪنهن نه ڪنهن طرح ادي عظيم جون خدمتون الڳ ڪري نه سگهبيون. شاگرد سياست کان سياست، ادب، ادبي سنگت، سگا، ملهه ايسوسيئيشن، اشاعتي ادارا، سماجي ادارا ۽ تعليمي ادارا، ڪو به ادارو اهڙو شال هجي جنهن ۾ ادي عظيم جو رت شامل نه هجي ۽ هو پاڻ ڪنهن به نماءَ کان سواءِ اهي عمل سر انجام ڏيندڙ، سنڌي چوڻيءَ وانگر:

” ڪو به ڪم اهڙي ريت ڪجي جو ٻيو هٿ نه ڏسي سگهي“

يارن دوستن سان هڙان توڻي وڙان ساٿ نڀائيندڙ ادو عظيم! موري ۾ هڪڙو ئي ادو عظيم آهي، شايد ڀٽائيءَ چواڻي، موري جي!

مِٽي اُن خَمير، اَصل هُئي اِيتري.

۽ مان اڄ تائين ان ڳالهه کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته هو پنهنجي دور جو عاليشان ٽيلر ماسٽر هئو جيڪو پنهنجي والد صاحب محمد يوسف سولنگيءَ جي ڪپڙي جي عاليشان دُڪان تي ويهڻ سبب ئي بڻيو. هو پنهنجي چئن ئي پڙهيل ڪڙهيل ڀائرن ۾ ٽئين نمبر تي آهي.

سندس ٽيئي ڀائر عاليشان نوڪرين ۾ رهيا، پر هن نوڪريءَ کي نه قبولي پورهيت هجڻ پنهنجي شان وٽان سمجهيو جنهن ڪري هو سڌو سنئون خدا جو دوست به هُئو ته سندس بندن جو دوست به هُئو. پر سندس ڀاءُ ۽ اسان جي عمر ۾ وڏي يارَ، ادا ڪبير کائنس ڪڏهن به ڪپڙا نه سبرايا. اهو اعزاز هڪ ڀيرو مون کي ادا ڪبير ضرور ڏنو، ڇو ته هو ڪپڙن پائڻ جو گهڻو شوقين هُئو، منهنجي واسطي وارن ۾ ٻيو اهڙو شخص ڊاڪٽر سليمان سولنگي هُئو.

ادي عظيم جي هڪ غضب جي ڪوالٽي اها آهي ته هن سان ملندڙ ماڻهو سندس ڳالهين جي ڳوٺ کان ڪڏهن به ٻاهر وڃي نه سگهندو آهي. ڀلي هو پويان ڪيترا به ڪم ڪاريون ڇڏي آيو هجي.

صبح کان شام ۽ شام کان ورندي صبح تائين هو سندس ڳالهين جي ڳَهر مان نڪري سگهي اهو قبول ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏکيو آهي. هو ڪيڏي به ڪڙي ڳالهه بنهه مٺي نموني چئي ۽ قبول ڪرائڻ جو هنر ڪمال جو ڄاڻي ٿو. هن جي زندگي جي ڪڙائي اِها آهي، جيڪا هن ڪڏهن به اظهاري نه آهي. پر اسين جيڪي سندس ويجهو رهيا آهيون ۽ قبول ڪيا ويا آهيون انهن شدت سان محسوس ڪيو آهي، ته هن جن شخصن کي پاڻ هيٺاهون رهي به مٿانهون مرتبو ڏياريو، انهن ڪڏهن به هيٺ نه نهاري ڏٺو ته اسان جي قد جي وڌيل نظر اچڻ ۾ اُهي ڪلها به آهن جيڪي ادي عظيم جا آهن.

هنن فقط مٿي ئي ڏٺو ۽ ادو عظيم! وري اهڙو جو هنن جي قد ماپڻ کان سواءِ ئي زمين کي ڏسي ان جي وزن جو اندازو لڳائڻ ۾ پورو، شخص جو وزن ڪيترو ڳورو هجي ان کي زمين جي وزن کان ڳورو ته ڪو نه سمجهبو.  ڇو ته هن کي آخر زمين جي بار هيٺ ئي دٻجڻو آهي، اها سندس آخري سڃاڻپ آهي، سندس پهريون سڃاڻپون سڀ عارضي آهن، دائمي فقط عظمت رهڻي آهي، جيڪا عظيم ماڻهن جو نصيب هوندي آهي. ادو عظيم انهن مان هڪ آهي. مون لاءِ ته پڪ ئي پڪ عظيم شخص آهي، جنهن کان انڪاري ٿيڻ مون لاءِ قيامت جو ڏينهن هوندو، جيڪو ڪنهن به طرح اچڻو ئي آهي! ماڻهن ته ماحول کي قيامت کان اڳ ئي قيامت جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي، شايد اهو به انسان خاص ڪري اڄوڪي انسان جو گڏيل الميو آهي، ڇا چئجي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.