پاڪستان جي وجود ۾ ايندي ئي سنڌ ڌرتيءَ کي وفاق پاران پنجاب جي ڪالوني سمجهي زمينن تي والار، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ پاڻيءَ جي چوريءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنھن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌارو اچي رھيو آھي، ان حوالي سان تازو عوامي تحريڪ جي صدر ايڊوڪيٽ وسند ٿريءَ پاران وقتائتو ۽ تاريخي قدم کڻندي عوامي تحريڪ پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ”27 هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورھاڱي ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي، جنھن ۾ سنڌ جي قومپرستن، ترقي پسندن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، وڪيلن، اديبن، شاعرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گڏيل پڌرنامو پيش ڪيو، جنھن ۾ سنڌي قوم کي پيش ايندڙ ھر مسئلي ۽ سنڌ جي وجود ۽ سلامتيءَ خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي وائکو ڪيو ويو آھي جنھن سان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ تاريخي حقيقتن کان سنڌي قوم کي آگاھي ملندي ۽ سندن شعور ۾ اضافو ٿيندو.
ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ ان تاريخي حقيقت جو به اپٽار ڪيو ويو آھي ته سنڌ پاڪستان ۾ 1940 جي لاهورواري ٺھراءُ تحت شامل ٿي هئي، جنھن ۾ وعدو ٿيل آھي ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ سموريون رياستون آزاد، خودمختيار، خوداختيار ۽ حاڪم قومي وطنن طور شامل ٿينديون. سنڌ انھيءَ واعدي تحت پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي جوڙيل سياسي پارٽين ۽ سياستدانن 1940 واري ٺھراءُ جي روح جي خلاف ملڪ کي ڪمزور ڪري ، پاڪستان ۾ شامل وحدتن کان حڪمرانيءَ جو حق کسي ورتو۽ پاڪستان ٺھڻ شرط موقعي پرست ۽ مفاد پرست سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي سهڪار سان ملڪي اسٽيبلشمينٽ اقتدار تي قابض ٿي پاڪستان کي آمريڪي سامراج، آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جھڙن سامراجي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو۽ ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي زندگي ۽ موت جا فيصلا آمريڪا جهڙن سامراجي ملڪن ۽ آئي ايم ايف جھڙن سامراجي ادارن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جون پاليل سياسي پارٽيون ۽ سياستدان ڪري رھيا آهن. ڪانفرنس ۾ اھا تاريخي گهر به ڪئي ويئي ته ملڪ جي آئين جا بنياد 1940 جي قرارداد تحت قائم ڪيا وڃن. ڪانفرنس ايندڙ ڏينهن ۾ وفاقي سرڪار پاران امڪاني طور تي ايندڙ 27 هين آئيني ترميم کي سنڌ جي وحدت تي وار قرار ڏئي رد ڪندي چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم ون يونٽ کان به وڌيڪ ھاڃيڪار ثابت ٿيندي، ان ئي آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورھاڱي ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن لاءِ رستو صاف ڪيو ويندو، سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌين کي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تان بيدخل ڪرڻ جي سازش آهن.
ڪانفرنس ۾ موجودهه سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندي چيو ويوته ملڪ ۾ اسيمبليون، پارليامينٽ، قانون ساز ادارا ۽ عدالتون بي اختيار بڻجي رٻڙ جا ٺپا بڻجي چڪيون آھن ۽ ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي اسٽيبلشمينٽ مڪمل قبضو ڪري جمھوريت جي اوٽ ۾ هائيبرڊ مارشل لا لڳائي آئين سان ٽڪرائيندڙ ڪارن قانونن، آرڊينينسن ۽ ترميمن وسيلي ڪم ھلائي رھي آھي، اظهار جي آزاديءَ سميت عوام جا قانوني، آئيني، جمھوري ۽ انساني حق ٽياس تي ٽنگيل آھن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابنديون لڳل آھن. وفاق تي پنجاب جي اشرافيہ، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي قابض آهي، وفاقي ادارن ۾ صوبن جي برابري واري نمائندگي ءَ بدران هڪ صوبي جي خاص ماڻهن جي ھڪ ھٽي قائم آهي. اسٽيبلشمينٽ ڪوڙين ۽ بوگس چونڊن وسيلي پنھنجن خاص ماڻھن کي اقتدار ڏئي پنھنجن مفادن وارا فيصلا ڪرائي رھي آھي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ اسٽيبلشمينٽ جون ساٿياري ۽ عوام دشمن پارٽيون بڻجي چڪيون آھن. پيڪا ايڪٽ، 26 ھين آئيني ترميم ۽ دھشتگردي کي ختم ڪرڻ جي نالي ۾ ڪنھن به بي ڏوھي ماڻھو کي گرفتار ڪري بنا سبب 6 مهينا قيد ۾ رکڻ جھڙا بدترين قانون آندا ويا آھن. ننڍن صوبن جي زمينن، تيل، ڪوئلي، گيس ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضا ڪرڻ ۽ صوبن جي حيثيت ختم ڪري سمورا اختيار وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ 27 ھين آئيني ترميم آڻي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ صوبن کان حڪمرانيءَ جوحق کسڻ جون سازشون ڪري حڪمران ملڪ کي ٻيھر 1971ع واري صورتحال ڏانھن ڌڪي رھيا آھن. سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه آئين جي سنگين لتاڙ ۽ ملڪ دشمني آھي.
ھڪ طرف انتظامي طور سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رھي آھي ته ٻئي پاسي دريائن جي قدرتي وھڪرن تي قبضن ۽ سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جو جواز ڄاڻائي ڪالاباغ ڊيم جي مئل گھوڙي ۾ ٻيھر ساهه ڦوڪيو پيو وڃي. پنجاب حڪومت ۽ وفاق ڪالاباغ ڊيم سميت نوان ڊئم ۽ ڪئنالن ٺاھي ملڪ کي ماحولياتي تباھي سميت معاشي بربادي طرف وٺي وڃي رھيا آھن. ڪوٽڙي بيراج کان ھيٺ انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي نه ڇڏڻ سبب ملڪ جي معشيت کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رھيو آھي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آهن، ماحولياتي مسئلا پيدا ٿي رھيا آهن، دنيا جو پنجون نمبر وڏو انڊس ڊيلٽا ختم ٿي رھيو آھي. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال ختم ڪرڻ بدران سنڌ جي پاڻيءَ تي وڌيڪ ڌاڙا هڻڻ جون رٿائون رٿي رھيا آهن. سنڌ جو پاڻي چورائي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهن نون ڪئنالن جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ سنڌي قوم جي گڏيل جدوجهد جي سگهاري آواز سبب ڪجهه وقت لاءِ انهن منصوبن کي روڪيو ويو آهي پر اڃا به ڇهن نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي تلوار سنڌ مٿان ٽنگيل آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين ڪيترن ئي رھائشي ۽ دفاعي منصوبن وسيلي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جون زمينون ڦٻايون پيون وڃن. 27 ھين آئيني ترميم وسيلي اعليٰ عدالتن کي مڪمل طور دفن ڪرڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آڻي، صوبن جو مالي حصو گهٽائي، صوبن تي اضافي مالي بوجهه وجهي، انتظامي طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. جيڪو عمل مظلوم قومن جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ۽ مارشل لاءِ حڪومتن جهڙو قدم آھي.
ڪانفرنس واضح ڪيو ته سنڌ ۾ نون صوبن جو رينگٽ، هزارين سالن کان قائم سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ وحدت خلاف سازش آھي جنھن کي سنڌ ي قوم ڪڏھن به برداشت نه ڪندي ۽ سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ملڪ سان غداريءَ جو ڪيس قائم ڪرڻ جي گهر ڪندي. ڪانفرنس گهر ڪئي ته اسپيشل انويشمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC)سنڌ دشمن، عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن آهي،جنھن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مختلف بهانن ۽ منصوبن وسيلي ملڪ جي مظلوم قومن جون زمينون ڦٻايون پيون وڃن تنھنڪري ڪارپوريٽ فارمنگ سميت اھڙا سمورا منصوبا ختم ڪري زمينون بي زمين هارين ۾ ورھايون وڃن. ڪانفرنس ۾ ورجايو ويو ته سنڌو درياهه سنڌي عوام جو جياپو ۽ سنڌي قوم جي تھذيبي ۽ تاريخ جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياهه کي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي سڪايو پيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم۽ 6 ڪئنالن سميت سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊئم ۽ ڪئنال ملڪ جي خالق صوبي سنڌ جو پاڻي ڏنڊي جي زور تي زبردستي کسڻ جي سازش آھي. پيڪا ايڪٽ اظھار جي آزادي جي آئيني حق جي ڀڃڪڙي ۽ ضيائي ۽ ايوبي آمريت جي باقيات آھي. پيڪا ايڪٽ وارو ڪارو قانون ختم ڪري پاڪستان جي عوام کي اظھار جي آزادي جو آئيني حق ڏنو وڃي. دھشتگرديءَ جي خاتمي جي اوٽ ۾ لڳ ڀڳ 6 مهينا حراست ۾ رکڻ لاءِ اينٽي ٽيررزم ترميمي ايڪٽ آئين جي سنگين لتاڙ ۽انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن ڪاري قانون وسيلي ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام کي فيئر ٽرائل جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم رکيو ويو آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي ۽جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪري سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. مائينز اينڊ منرلز بل اميڊمينٽ 2025ع سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جي معدني وسيلن تي ڌاڙو ۽ وسيلا وفاقي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي سازش ۽ 18هين آئيني ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي. ان بل کي واپس وٺي صوبن کي پنهنجن قدرتي وسيلن تي مڪمل اختيار ڏنا وڃن. ڪانفرنس ۾ اھو به چيو ويو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، پي پي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي، منظم سازش تحت ملڪ تي قابض قوتن جي سرپرستيءَ ۾ ڌاڙيلن کي جديد نيٽو جا هٿيار ڏيئي سنڌ ۾ خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي، تعليم، زراعت ۽ زندگيءَ کي تباهہ ڪيو ويو آهي. رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ واري آئيني ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ھئڻ بدران ڌاڙيلن کي پالي رھيا آهن، ڪچي جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا ٿي ويا آهن،ڌاڙِيل راڄ ختم ڪري، ملوث ادارن ۽ فردن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن. هڪ سازش تحت سنڌ ۾ نشيدار شين جي واپار کي وڌايو ويو آهي ته جيئن نوجوان نسل کي تباهه ڪيو وڃي،جنھن ۾ سنڌ جا نام نهاد چونڊيل نمائندا ۽ پوليس ملوث آهن،جن کان سواءِ اهڙو واپارممڪن ناهي. سنڌ ۾ نشيدار شين جي وڪري کي روڪڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سنڌ جي ڪامورا شاهي ۾ ڪرپشن وبائي مرض بڻجي وئي آهي، سنڌ پبلڪ سروس ۽ تعليمي بورڊن کي ڪرپشن جو مرڪز بڻايو ويو آهي،جنھن جو خاتمو آڻي قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن جو بنا فرق شفاف احتساب ڪري عوام جي ڦريل دولت واپس آندي وڃي۽ ڪارونجهر۽ گورک هل سنڌ جا اثاثا آهن، انهن کي وڪڻڻ بدران اتي ترقياتي ڪم ڪرائي سياحت کي هٿي وٺرائي وڃي.
ڪانفرنس جا سمورا مطالبا اڄوڪي آمراڻي نظام کي ظاھر ڪري رھيا آھن، ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سنڌي قوم ۾ جاڳرتا مھم ھلائي ان نظام خلاف ڀرپور عوامي تحريڪ پيدا ڪري موجودهه نظام جو خاتمو آڻي پنھنجا سمورا حق حاصل ڪجن.