صحافتي تعصب ۽ عورت: جڏهن سوالَ ئي فيصلو ٿي وڃن

محمد احسان لغاري

آئون صرف انهن سوين انٽرويو ويڊيوز مان هڪ جو حوالو ڏئي رهيو آهيان جيڪي مون سوشل ميڊيا تي ڏٺا آهن. هڪ صحافي هڪ نوجوان عورت کان سوال پٺيان سوال پڇي رهيو آهي، جنهن پيار جو پرڻو  ڪيو آهي ۽ هوءَ اهو چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته هن جي زندگي هن جي ئي خاندان طرفان خطري ۾ آهي… صحافي جي ذهني لاڙي، انداز، سوالن جي ٻولي، ۽ هر جملي/سوال ۾ لڪيل چڀندڙ طنز، خاموشيءَ سان بڻڇيون ھڻندڙ آھي۔ اھڙا انٽرويو 99 سيڪڙو مرد ئي ڪندا آھن۔ بظاھر سندس عام حالتن ۾ ڪيل سوالن کان نرم لھجي ۾ پڇيل سوالن ۾ رک اندر  بٺي جي باھ جھڙا آھن۔ اهو ٻڌائي ٿو ته هو ڪيترو تعصب پسند آهي، ۽ هن ذاتي طور پنهنجي دل ۾ ئي ان عورت جي عمل خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي…

ھي ان عام رواجي انٽرويو جي باري ۾ ڳالهه آھي. اھڙي ڪنھن به انٽرويو کان اَڳ يا ان کانپوءِ عورت جو سر اڏيءَ تي ھوندو آھي۔ پنھنجي جياپي ۾ پسند سان جيئڻ جي اظھار لاءِ ھن کي موت جو جوکم کڻڻو ٿو پوي! مرد لاءِ ھڪ عام رواجي ڳالهه ۽ ھُن لاءِ زندگيءَ جو داءُ! کن لاءِ سوچيو ته ھن کي ايستائين پھچڻ لاءِ جبل جھڙو بار کڻڻو پيو ھوندو۔ ھوءَ بهادري سان پنھنجي پيار، طلاق ۽ ٻي شاديءَ جي ڪھاڻي بيان ڪري ٿي. صحافي ھر سوال اڳرائي وارو ڪري ٿو ۽ ھو تحمل سان جواب ڏيندي ٿي وڃي۔ جڏھن کانئس ”پيار واري شادي“ بابت پڇيو ويو، ته ھن پنھنجي پھرين شاديءَ جي تڪليف ڏيندڙ تفصيلن کي ظاھر ڪيو، جيڪا مبينا طور تي اڳوڻي سُھري جي بدسلوڪيءَ ۽ بدنيتي سبب طلاق تي ختم ٿي. جنھن بابت ھن پنھنجي مڙس کي ور ور  ٻڌايو ۽ مار کائيندي رھي تان جو ھن کي طلاق ڏني وئي۔  ھاڻي ھن ھڪ اھڙي شخص سان شادي ڪئي آھي  جنھن سان ھن جي موبائل تي ڳالهه ٻولھه ذريعي ملاقات ٿي۔ اھي انتھائي ذاتي سوال صحافي بنا جھجھڪ جي ڪيا پئي۔ ڪنھن کي ڪھڙو حق آھي اھڙن سوالن ڪرڻ جو؟! آئين، قانون ۾ ڇا ان بابت ڪجھ چيل آھي؟ ٻہ عقل ۽ فھم سان قانوني ۽ مذھبي طريقي سان شادي ڪن ٿا ته پوءِ اِھو سوال موبائل، سوشل ميڊيا يا ڪنھن به ڏيٺ ويٺ بابت پڇيو ئي ڇو ٿو وڃي؟   ھوءَ پنھنجي خاندان طرفان ممڪن زندگي لاءِ خطرن جو اظھار ڪري ٿي ۽ تحفظ جي گھر ڪري ٿي، اھو پاڪستان ۽ سنڌ جو وڏو سچ آھي جيڪو روايتي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيترين ئي عورتن جي خطرناڪ حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو. حيرت انگيز ڳالهه اھا آھي ته سندس مڙس ڪئميرا کان پري رھيو، جنھن کي مرد صحافي  ”سائين“ چئي ڪوٺي ٿو “ سو توھان سائين سان شادي ڪئي، موبائل تي سائين جو ڇا وڻيو. توھان ڪير آھيو ( ذات ڪھڙي اٿو)، پيءُ جو نالو۔۔۔ ڀائرن جا نالا۔۔! ھي سوالن جو سلسلو ھو جيڪو صحافي جاري رکيو۔ ڪنھن جي تنقيد پڙھيم “ شادي ڪئي اٿو پر پنھنجي خاندان کي بدنام ۽ شرمسار ته نه ڪيو۔۔!” سڀ نالا ذات پات صحافي جي اڳرائي ڪيل سوالن جي جوابن جي ڪري آيا! پر ان ۾ خاندان لاءِ شرمساري ڇو ھجڻ کپي۔ ھن ھٿ سان گھڙيل عزت ۽ شرمساري جي ڪنھن به سبب کان ھڪ عورت جي زندگي مٿاھين آھي! اھڙين حالتن ۾ لاڳاپيل ڪانڌ کي موت جو خطرو رھي ٿو پر عورت لاءِ خطرو ڏھوڻون وڌيڪ ھجي ٿو۔

ھن انٽرويو ۾  “سائين” مرد صحافي جي ڪنھن به تنقيد کان محفوظ رھيو، جڏھن ته ان عورت کي مسلسل پنھنجن خانداني نالن ۽ پسمنظر بابت سخت سوالن کي منھن ڏيڻو پيو. ھي فرق نه رڳو ان خطرن کي واضح ڪري ٿي جيڪي ان عورت ڪئميرا تي اچي سٺا يا سھندي، پر ان وسيع تر سماجي  ۽ ميڊيا جي تعصب کي به اجاگر ڪري ٿو جيڪو عورتن کي بچاءُ ڪندڙ بجاءِ ڪمزور ۽ شڪي طور  پيش ڪري ٿو۔

ھي انٽرويو ڪو الڳ واقعو ناھي؛ ھي پاڪستان جي اندر ويڙھيل جنسي اڻ برابريءَ جو ھڪ ڏکوئيندڙ نمونو آھي، جتي پيار يا ٻي شاديءَ جو رستو وٺندڙ عورتن کي اڪثر موت ڏيندڙ مزاحمت کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ھڪ اھڙي ملڪ ۾ جتي مردن جا ڍانچا غالب آھن، اھڙيون شاديون اڪثر ”عزت جي نالي تي قتل“ ( ڪارو ڪاري) جو شڪار ٿين ٿيون اھي قتل خانداني شرم ۽ ڀرم کي  قائم رکڻ لاءِ خاندان جي مرد ميمبرن پاران ڪيا ويندا آھن. انساني حقن جي تنظيمن جو اندازو آھي ته ھر سال تقريباً 1,000 عورتون عزت جي نالي تي قتل ٿي وڃن ٿيون. تازا انگ اکر خوفناڪ لاڙن ڏانھن اشارو ڪن ٿا: 2024 ۾ گھٽ ۾ گھٽ 405 اھڙا ڪيس رپورٽ ٿيا، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ 43 سيڪڙو واڌارو ڏٺو ويو. خانداني ڌمڪيون ۽ قتل اِھو واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن ته عورت جي وري  شادي خاص ڪري ”پيار واري شادي“ کي روايتي عزت سان  غداري سمجھيو وڃي ٿو، جنھن جي قيمت ھر سال ھزارين ماڻھن جي حياتين جي قرباني جي صورت ۾ ڏني وڃي ٿي.

ھن ناانصافي جي مرڪز ۾ پاڪستان جي گَھِري جنسي ورڇ آھي، جيڪا امتيازي اصولن ۾ جڪڙيل آھي ۽ زندگيءَ جي ھر پاسي ۾ نظر اچي ٿي . عورتن کي ڪئي سماجي ۽ برپا نظام جي رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو: تقريباً 50 سيڪڙو بنيادي تعليم کان محروم آھن، ۽ 2024 تائين پارلياماني سيٽن تي سندن حصو صرف 20.5 سيڪڙو آھي. انٽيميٽ پارٽنر وائلنس (IPV) 28 سيڪڙو عورتن کي متاثر ڪري ٿي، (انٽيميٽ پارٽنر وائلنس هڪ پارٽنر يا اڳوڻي پارٽنر پاران ڪيل جسماني، نفسياتي، جنسي يا معاشي تشدد جو عمل، جيڪو ساٿي جي خلاف ٿئي ٿو، جهڙوڪ مڙس، زال، يا ساٿي)؛ جڏھن ته وسيع تر تشدد بشمول تيزاب /ايسڊ اٽيڪ ۽ زوري زنا/ريپ (2024 ۾ 5,000 کان وڌيڪ رپورٽ ٿيل ڪيس) بي قابو آھن. پوري پاڪستان جي ٻھراڙي، ڪنھن حد تائين شھرن ۾ پڻ  عورتون وڌيڪ امتيازي سلوڪ جو شڪار ٿين ٿيون. ھي انگ اکر ھڪ اھڙي سماج جي تصوير پيش ڪن ٿا جتي عورتون نه صرف پاسي تي آھن پر پنھنجي زندگين ۽ جسمن تي خودمختياريءَ جو دعويٰ ڪرڻ لاءِ فعال طور تي خطرن ۾ آھن. ھي ڌرتي عورتن لاءِ ٽامڻي ٿي پئي آھي۔

اھڙي حالتن ۾ سڄاڻ  ميڊيا کي اھم ڪردار ادا ڪرڻو آھي، جيڪو سنڌ جي ساڃاھ وند صحافين ۽ ليکڪن گهڻي ڀاڱي ڪيو به آھي ۽ سنڌ جي سماجي شعور سان گڏ بيٺل رھيا آھن۔ ھن انٽرويو جو مثال ان ڳالهه جي اھميت کي اجاڳر ڪري ٿو ته سوشل ميڊيا تي يا ان کانسواءِ به وسيع لاپرواھي عورتن خلاف ڏاڍ، سندن زندگين لاءِ خطرن کي وڌائين ٿا۔ جيئن انٽرويو ۾ واضح طور تي ڏيکاريو ويو. مرد صحافي جو رويو عورت کان ذاتي تفصيلن جو مطالبو ڪرڻ جڏھن ته سندس مڙس کي عزت ۽ گمنامي ڏيڻ ھڪ خطرناڪ جنسي تعصب کي برقرار رکي ٿو. اھو ھڪ وسيع تر پاڪستاني صحافت جو مسئلو آھي. جڏھن ميڊيا جا ذريعا/ آئوٽليٽس سماجي تعصبن جي عڪاسي ڪن ٿا، ته اھي تشدد ۽ اڻ برابريءَ کي عام بنائين ٿا ۽ عورتن کي ڳالهائڻ کان روڪين ٿا. ان عورت جي تحفظ لاءِ دانھن ، جيڪا ھن وڏي ذاتي خطري جي باوجود ڏني، اسان جي صحافتي ڪرت تي سوال اٿاري ٿي: ھوءَ ڇو تنقيد جو بار کڻي جڏھن ته سندس مڙس پاڇي ۾ لڪيل رھي؟ اسان ھڪ اھڙي نظام جيڪو روايت جي نالي تي عورتن جي خوابن ۽ حياتين کي ختم ڪري ٿو سان سھڪاري ته ناھيون؟ پاڪستان،  عورت کي تعليم يافته، پنھنجا فيصلا ڪندڙ۽ برابري تائين آڻڻ کانسواءِ ترقي نه ڪري سگھندو۔   عورت جي لاءِ گھر۾، ٻاھر، گھٽي ۾، ٻني تي ڪم ڪندي، آفس ۾ يا مارڪيٽ ۾ تحفظ جو احساس پنجاھ سيڪڙو پاڪستان جي بنيادي گھرج آھي۔   ان لاءِ سوشل ميڊيا ۽ ابلاغ جي سڀن ذريعن کي ھاڪاري اثرانداز ٿيڻ، ان ڏس ۾ مضبوط ڪرڻ، جنسي حساس صحافت جي تربيت کي فروغ ڏيڻ، ۽ ميڊيا ۽ سياست ۾ عورتن جي آواز کي وڌائڻ اڻٽر آھي. عورتن جي برابري صرف اخلاقي طور لازمي ناھي؛ ھيءَ خوشحاليءَ جو ڏس ۽ گس  آھي، ڇاڪاڻ ته بااختيار عورتون معاشي ترقي ۽ سماجي استحڪام کي اڳتي وڌائين ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.