لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽار بيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ڊگهي عرصي کان خراب فارم سبب اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم کان اٽڪل اڍائي سالن کان فارم رُٺل آهي ۽ آءِ سي سي ٽورنامينٽس کيڏڻ باوجود سندس پراڻو فارم بحال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب هاڻي هن فيصلو ڪيو آهي ته هو نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ حصو نه وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي مئنيجمينٽ کيس ڪرڪيٽ کان ٿورو وقفو وٺڻ ۽ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ذريعن موجب، ان وقفي دوران بابر اعظم پي ايس ايل کي نظر ۾ رکندي ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ انفرادي طور تي ڪوچز سان نيٽس ۾ پريڪٽس ڪري رهيو آهي، هو پنهنجي پراڻي بيٽنگ ٽيڪنڪ جي بحالي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي، لاهور وائٽس جي انتظاميا به بابر اعظم جي غير موجودگي جي تصديق ڪري چڪي آهي، جڏهن ته اڳ ۾ اهو اطلاع آيو هو ته بابر اعظم فارم بحال ڪرڻ لاءِ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کيڏي، لاهور وائٽس جي نمائندگي ڪندو.
واضح رهي ته بابر اعظم پي ايس ايل 11 ۾ پشاور زلمي جو حصو آهي ۽ فرنچائز لاءِ اوپننگ ڪندو.