ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل سوراب بيدي بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر ملائيڪا اروڙا سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سوشل ميڊيا تي ملائيڪا اروڙا ۽ سوراب بيدي جي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ٻنهي کي گڏ ڏٺو ويو، جنهن سبب افواهه پکڙجي ويا ته شايد هو ٻئي رومانوي رشتي ۾ آهن.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پهريان ٻنهي طرفان ڪو ردعمل نه آيو، پر هاڻي سوراب بيدي واضح ڪيو آهي ته هو رڳو دوست آهن.
هڪ تازي انٽرويو ۾ سوراب بيدي چيو ته ماڊلنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ماڊل مئنيجمينٽ ۽ بيڪ اسٽيج ڊائريڪٽر دلناز دارو والا ۽ وهبز مهتا سندس ڏاڍي مدد ڪئي ۽ انهي دوران ملائيڪا اروڙا سان دوستي ٿي.
سوراب بيدي وڌيڪ چيو ته ”ماڻهو اسان بابت کوڙ ساريون ڳالهايون ڪري رهيا آهن، پر ڪنهن به ڇوڪريءَ بابت ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، ڇو ته اهو هن جي ذهني صحت تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ائين نه ڪرڻ گهرجي.“
واضح رهي ته ملائيڪا اروڙا بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ڀاءَ اداڪار ارباز خان جي اڳوڻي گهرواري آهي، ارباز خان کان عليحدگي کانپوءِ هوءَ اداڪار ارجن ڪپور سان رومانوي لاڳاپن ۾ رهي هئي، ڪجهه عرصو اڳ ارجن ڪپور هڪ تقريب ۾ ملائيڪا اروڙا کان باظابطا ڌار ٿيڻ جو اعتراف ڪيو هو.