پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي حڪمران ڪم جونگ ان ۽ سندس ننڍي عمر جي ڌيءُ جنگي بحري جهاز مان هلايل اهم ميزائلن جي تجربن جو مشاهدو ڪيو آهي.
اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڪم جونگ ۽ سندس ڌيءُ کي هڪ ڪمري ۾ اسڪرين تي جنگي بحري جهازن مان هلندڙ ميزائلن جو معائنو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڪنگ جونگ ان جي ننڍي عمر جي ڌيءُ، جنهن جي عمر تقريبن 13 سال آهي، 2022 جي پڇاڙي کان وٺي پنهنجي پيءُ سان گڏ اهم موقعن جهڙوڪ فوجي پريڊ ۽ هٿيارن جي تجربن جي معائني دوران نظر اچي چڪي آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي ڳجهي ايجنسي طرفان اهو به چيو ويو هو ته ڪم جونگ ان ڌيءُ کي پنهنجو جانشين بڻائيندو.
اتر ڪوريائي ميڊيا موجب ميزائل اتر ڪوريا جي اولهه سمنڊ ڀرسان موجود هدفي ٻيٽن تي وڃي لڳا.
واضح رهي ته اتر ڪوريا آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل فوجي مشقن جي جواب ۾ ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
Prev Post
ارباز کان طلاق ۽ ارجن سان رومانوي رشتي جي خاتمي بعد ملائيڪا اروڙا هڪ ٻئي اداڪار کي دل ڏيئي ويٺي؟
Next Post
You might also like