سنڌ جي سرزمين تي جڏهن به ترقي، خوشحالي ۽ عوامي خدمت جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن ته لفظن جا محلات ته تعمير ٿي ويندا آهن، پر زمين تي حقيقتن جو منظر ان جي ابتڙ نظر ايندو آهي. ماتلي باءِ پاس کان ٽنڊو غلام علي روڊ تي واقع اڪرم واه جي مين پل به اهڙي ئي بيحسي، لاپرواهي ۽ انتظامي نااهليءَ جي هڪ دردناڪ ڪهاڻي بڻجي چڪي آهي.
اها پل گذريل ٻن سالن کان ٽٽل حالت ۾ پئي آهي. ٻن سالن جو عرصو ڪو معمولي وقت ناهي؛ هن عرصي دوران حڪومتون بيان جاري ڪري سگهن ٿيون، منصوبا ٺهي سگهن ٿا، بجيٽون منظور ٿي سگهن ٿيون، پر افسوس ته عوام جي تڪليف کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم نه کنيو ويو. پل رڳو ڪنڪريٽ، لوهي سلاخن ۽ سرن جو ڍانچو ناهي هوندي. پل اصل ۾ ماڻهن جي زندگين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندڙ رستو هوندي آهي. جڏهن ڪا پل ٽٽي پوندي آهي ته رڳو رستو بند نه ٿيندو آهي، پر ماڻهن جي اميدن، ضرورتن ۽ روزمره جي زندگيءَ جو وهڪرو به متاثر ٿيندو آهي. اڪرم واه جي هن پل جي تباهي سبب ماتلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي هزارين ماڻهن جي زندگي مشڪل بڻجي وئي آهي. هر روز سوين موٽر سائيڪلون، گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ مسافر هن رستي تان گذرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ٽٽل پل انهن لاءِ خطري جي علامت بڻجي چڪي آهي. ڪي ماڻهو مجبور ٿي ڊگها ۽ اڻ سڌا رستا اختيار ڪن ٿا، ته ڪي ماڻهو خطري جي باوجود ٽٽل پل تان گذرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هر گذرندڙ شخص جي دل ۾ هڪ خوف هوندو آهي ته ڪٿي ڪو حادثو نه ٿي وڃي.
هن پل جي ٽٽڻ جو اثر رڳو ٽريفڪ تي نه پيو آهي، پر اهو تعليم، روزگار ۽ معاشي سرگرمين تي به گهاٽو اثر ڇڏي رهيو آهي. شاگرد جيڪي روزانو اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏانهن وڃن ٿا، انهن کي وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترائي شاگرد ڊگها چڪر ڪاٽي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا. غريب مزدور جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ سفر ڪن ٿا، انهن لاءِ هي صورتحال هڪ نئين آزمائش بڻجي وئي آهي. ان کان به وڌيڪ تڪليف آبادگارن کي ٿي رهي آهي. زراعت سان وابسته ماڻهن کي پنهنجي فصل مارڪيٽن تائين پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. جڏهن رستا خراب ٿين ٿا ته صرف سفر ئي ڏکيو نٿو ٿئي، پر معاشي ڦيٿو به سست ٿي وڃي ٿو. سوچي ڏسو ته جيڪڏهن ڪنهن بيمار کي اوچتو اسپتال وٺي وڃڻو پوي، يا ڪنهن عورت کي ايمرجنسي حالت ۾ علاج جي ضرورت هجي، ته ان وقت ٽٽل پل ڪيترو وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿي. اهڙي حالت ۾ هر منٽ قيمتي هوندو آهي، پر جڏهن رستو ئي خراب هجي ته زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فاصلو وڌي وڃي ٿو.
هن پل جي مسئلي تي مقامي شهرين ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن. ماڻهن ريليون ڪڍيون، ڌرڻا هنيا، پنهنجو آواز ضلعي انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته: نه ضلعي ڪائونسل سنجيدگي ڏيکاري نه ميونسپل ڪميٽي عملي قدم کنيا ۽ نه ئي سياسي قوتن هن مسئلي کي پنهنجي ذميواري سمجهيو۔ عوام جي بار بار احتجاجن باوجود به جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿئي ته اهو رڳو هڪ انتظامي غفلت نه هوندي آهي، پر اها حڪومتي نظام جي ناڪامي به هوندي آهي. اسان جي سماج ۾ چونڊن دوران سياستدان عوام سان وڏا واعدا ڪندا آهن. چوندا آهن ته رستا ٺهرائينداسين، پل تعمير ڪنداسين، شهرن کي جديد بڻائينداسين. پر جڏهن اقتدار حاصل ٿي وڃي ٿو ته اهي ئي واعدا وسري ويندا آهن. اڪرم واه جي ٽٽل پل به انهن ئي وسريل واعدن جي هڪ علامت بڻجي چڪي آهي. عوام سوچڻ تي مجبور آهي ته جڏهن هڪ ننڍڙي پل ٺهي نٿي سگهي ته پوءِ وڏين ترقياتي منصوبن جون دعوائون ڪيتريون حقيقي هونديون؟ اها پل ٻن سالن کان ڇو ٽٽل پئي آهي؟ ان جي مرمت لاءِ فنڊ ڇو نٿا جاري ٿين؟ انتظاميا ۽ سياسي قيادت عوام جي تڪليف کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهي؟ اهي سوال اڄ ماتلي جي عوام جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن.