ويمنز ٽي20 ورلڊ ڪپ: ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ويمنز ٽي20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2026 جي پهرين ميچ ۾ ڀارت 13 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 104 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جڏهن ته اوپنر سمرتي منڌانا پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي.

رپورٽس موجب برمنگهم جي ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ هلندڙ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارت جي پهرين وڪيٽ 6 رنسن تي ڪري پئي، جڏهن شيفالي ورما 6 رنسون ٺاهي سعديه اقبال جي شڪار بڻجي وئي. ٻي وڪيٽ 18 رنسن تي ڪري پئي، جميما روڊريگس رڳو هڪ رنس ٺاهي تسميا رباب جي بال تي آئوٽ ٿي وئي.

رپورٽ موجب ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٻنهي ٽيمن جا مداح وڏي انگ ۾ اسٽيڊيم پهتا. ٽاس کان پوءِ ٻنهي ڪپتانن هڪ ٻئي سان هٿ نه ملايو. ڀارتي ڪپتان هرمَن پريت ڪور چيو ته پچ بيٽنگ لاءِ سازگار نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پاسي پاڪستاني ڪپتان فاطمه ثنا چيو ته پاڪستان به پهريان بيٽنگ ڪرڻ چاهيو پئي، جڏهن ته ٽيم وٽ مضبوط بالنگ يونٽ موجود آهي ۽ سخت مقابلي جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.