ڪراچي ۾ اڄ به گرمي برقرار، گرمي پد 36 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ به گرم ۽ گهميل موسم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته آسمان جزوي طور ڪڪر آلود رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب صبح جي وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 66 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. شهر ۾ ڏکڻ اولهه طرفان 23 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڏينهن دوران ڪنهن ڪنهن مهل تيز هوائون به هلڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.