بجيٽ” رليف“ تي ٻڌل آهي، ملڪ خوشحالي جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي سڌ سماءُ جي وزير عطاالله تارڙ دعوا ڪئي آهي ته نئين بجيٽ ۾ غريب ماڻهن تي ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو ۽ اها مڪمل طور رليف تي ٻڌل بجيٽ آهي. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ هاڻي خوشحالي جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ بجيٽ ۾ هر طبقي جي مطالبن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

عطا تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) ڏکين معاشي حالتن ۾ حڪومت سنڀالي هئي ۽ جيڪڏهن ملڪ آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ شامل نه ٿئي ها ته معاشي استحڪام ممڪن نه هجي ها. سندس چوڻ هو ته اڄ معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، مٽاسٽا جي شرح ۾ بهتري آئي آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو آهي.

رپورٽ موجب هن وڌيڪ چيو ته 50 هزار رپين تائين مهينو پگهار رکندڙ ماڻهن تي ڪو ٽيڪس ناهي، جڏهن ته 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين پگهار حاصل ڪندڙن لاءِ رڳو هڪ سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بهتر ٿي رهي آهي ۽شهباز شريف ۽ سيد عاصم منير جي امن لاءِ ڪوششن کي عالمي پذيرائي ملي رهي آهي. واضح رهي ته تازو قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 2026-27 لاءِ 18 هزار 771 ارب رپين جو وفاقي بجيٽ پيش ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.