ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ اڀيشيڪ شرما جي حڪمراني برقرار،ايشان ڪشن به ٻئي نمبر تي اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ نئين پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ ۾ افغانستان جي اسٽار اسپنر راشد خان هڪ ڀيرو ٻيهر بالرن جي فهرست ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
نئين رينڪنگ موجب ڀارتي اسپنر ورون چڪرورٿي پهرئين کان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ابرار احمد ٽئين نمبر تي برقرار آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي اڀيشيڪ شرما جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايشان ڪشن ٻه درجا ترقي ڪندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ پاڪستاني اوپنر بيٽر صاحبزاده فرحان هڪ درجو وڃائيندي ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٻئي پاسي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ محمد نواز به پنهنجي 12هين پوزيشن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.