تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي گڏيل فوجي ڪمان، خاتم الانبيا جي ترجمان چيو آهي ته ايران خطي ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي بئنڪن کي نشانو بڻائيندو.
پرڏيهي خبر اداري جي رپورٽ موجب ترجمان چيو آهي ته هي قدم ايران ۾ هڪ بئنڪ تي حملي جي جواب ۾ کنيو پيو وڃي.
ايران جي سرڪاري خبر اداري ارنا موجب ابراهيم زلفخري خبردار ڪيو آهي ته ”خطي جا ماڻهو بئنڪن جي هڪ ڪلوميٽر جي دائري کان پري رهن.“
زلفخري چيو ته ”دشمن اسان کي آزادي ڏني آهي ته اسين آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل اقتصادي مرڪزن ۽ بئنڪن کي نشانو بڻايون.“
ايران جي سرڪاري نيوز چينل پڻ خبر ڏني آهي ته تهران ۾ سرڪاري بئنڪ جي عمارت کي نشانو بڻايو ويو آهي۔
اڱاري ڏينهن ايراني ميڊيا ٻڌايو هو ته سپاهه ۽ هڪ ٻي سرڪاري بئنڪ ملڪي خدمتن ۾ ڪجهه خلل جو شڪار ٿي آهي۔