پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا مجتبيٰ خامنه اي جي ايراني سپريم ليڊر طور مقرري جي حمايت ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايران جي نئين سپريم ليڊر جي چونڊ کانپوءِ اسان ايراني عوام جي ان فيصلي ۽ حق جو احترام ڪيون ٿا.
ترجمان چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي غير قانوني فوجي حملا علائقائي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي عدم استحڪام وڌائي رهيا آهن.
هن چيو ته اتر ڪوريا ان جارحيت تي گهر ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان جي سخت مذمت ڪري ٿو.
Prev Post
Next Post
You might also like