اسان ڪالهه ان عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو هو ته ”حڪومتي خرچ گهٽائڻ جو سڌو رليف عوام کي نه مليو ته ڪو فائدو نه ٿيندو“. سو وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان ٽيون ڏينهن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري لاءِ جن اپائن جي منظوري ڏني آهي مثال طور وزيرن جون ٻن مهينن جون پگهارون روڪڻ، ادارن لاءِ پيٽرول فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي، پارلياماني ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز مان 20 سيڪڙو جي ڪٽوتي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون 60 سيڪڙو گاڏيون ٻن مهينن لاءِ بند ڪرڻ، نئين گاڏين جي خريداري تي بندش لڳائڻ، وفاقي، صوبائي وزيرن، گورنرن، سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائڻ وغيره وارن عملن کي عوام پنهنجي ردعمل ۾ رد ڪندي ان کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي عوام جيڪو ردعمل ظاهر ڪيو آهي تنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جا اهي معمولي اپاءَ آهن، ان کي اربين روپين جون مراعتون ختم ڪرڻ گهرجن.
عوامي ردعمل ۾ پڇيو ويو آهي ته ڇا عوام لاءِ پيٽرول 55 روپيا مهانگو ڪرڻ ۽ وزيرن جو ٻه مهينا پگهار نه وٺڻ هڪ ڳالهه آهي؟ ٻيو ته حڪومت عوام جي ٽيڪس مان استعمال ڪندڙ مفت پيٽرول ڇو ختم نه ڪيو. ڪن ان ڪفايت شعاري کي ڊرامو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اوهان ٻن مهينن جون ڀلي پگهارون کڻو باقي مفت ۾ مليل گاڏيون، پيٽرول ۽ بجلي وغيره ڇڏي سگهو ته اهي ڇڏيو. سو ٻن مهينن جي پگهار نه وٺڻ سا ڪو خاص فرق نه پوندو جيستائين سرڪار خرچ تي غير ضروري عياشيون ختم نه ڪندئو تيستائين عوام کي ڪو حقيقي فائدو نه ٿيندو. اهو پڇيو ويو آهي ته ڇا صرف ٻن مهينن جي پگهار ڇڏڻ سان ڪفايت شعاري اچي ويندي. جڏهن عوام تي پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ٽيڪس جي صورت ۾ کربين روپين جو بار وڌل هجي ته ان روشني ۾ اها ڪفايت شعاري اٽي ۾ لوڻ برابر جي آهي.
سو اسان جو پنهنجو به اهو ئي ڪالهه وارو موقف آهي ته حڪومتي خرچ گهٽائڻ جو جيڪڏهن سڌو رليف عوام کي نه مليو ته پوءِ انهن اپائن جو ڪو فائدو ناهي. هونئن به اسان ان کي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪفايت شعاري سمجهون ٿا. هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف ٽيون ڏينهن جيڪو ٽيليويزن تي قوم کي خطاب ڪيو خطاب ڪيو هو تنهن ۾ به اها خراب خبر چٽي نموني ٻڌائي هيائين ته ” ڪجهه ڏينهن ۾ تيل جون قيمتون اڃان وڌنديون پر منهنجي ڪوشش هوندي ته ان جو عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي.“ گهٽ ۾ گهٽ بار مان مراد متان اها هجي ته وڌيڪ 55 روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌيا ويندا. حڪمرانن جي نظر ۾ صرف 55 روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڌيايا ويا پر کيس شايد اها سمجهه ناهي ته جڏهن به پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌندا آهن ته اهي مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان سان هر اها شئي مهانگي ٿي ويندي آهي جيڪا جيڪا ٽرانسپورٽ تي آندي ويندي آهي. مثال جيڪڏهن کير وارو موٽر سائيڪل تي ڪنهن گهر کير آڻي ٿو ته اهو پيٽرول جي وڌايل قيمت کير مهانگو ڪري کير جي گراهڪ مان ڪڍندو. سو هي معاملو ايڏو سادو ۽ سولو ناهي جيڏو سمجهيو وڃي ٿو هي اصل ۾ مهانگائي جو طوفان آهي. پر افسوس ته حڪمرانن کي ان جي پرواهه ئي ناهي. نه ئي اهڙي سمجهه ۽ پرجهه آمريڪا جي قيادت ۾ آهي. ان کي به ڄڻ اها خبر نه هجي ته هيءَ جنگ صرف ايران جي خلاف ناهي، پر ان جنگ جي لپيٽ ۾ سڄو وچ اوڀر، سڄو ڏکڻ ايشيا ۽ ان جو سڄو عوام۽ سڄو معاشي نظام متاثر ٿيندو. اهڙو احساس کيس هجي ها ته يقينن هُو ان بي گناهه عوام کان معافي وٺي ها جيڪي سندس جنگ سبب متاثر ٿيا آهن.
سو اها ڪيڏي نه المياتي صورتحال آهي ته دنيا جون حڪومتون عوامي ناهن رهيون جڏهن ته حڪومت ۽ حڪمرانن جو اصل ڪم عوام جو خادم بڻجي خدمت ڪرڻ هوندو آهي پر اهي اقتدار ملڻ کان پوءِ خادم ٿيڻ بجاءِ حڪمران بڻجي ويهي رهندا آهن. سو جيستائين دنيا جا حڪمران عوام جا خدمت گار نه ٿيندا تيستائين درست رخ ۾ عوام ۽ ملڪن جي خدمت نه ڪري سگهندا پر عوام جي نالي ۾ اهي پنهنجن مفادن جو وڌيڪ خيال ڪندا جو اهي عوام جا خدمت گار نه پر حڪمران بڻيل هوندا آهن. تنهن ڪري پنهنجو موقف اهو آهي ته ڪوبه حڪمران عوام جو نه سوچيندو آهي پر خدمتگار ئي سوچيندو آهي ان لاءِ حڪمرانن کي عوام جو حڪمران نه پر خدمت گار ٿيڻو پوندو ۽ خدمت گار بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو.
اسان اهو به لکندا رهندا آهيون ته طاقت ۽ حڪمراني به هڪ نشو آهي، اهو نشو تڏهن لهندو آهي جڏهن ماڻهو حڪومتي مسند تان لهندو آهي پوءِ ان جو حڪمراني وارو نشو لهندو آهي ۽ جڏهن سندس اهو نشو لهندو آهي ته پوءِ ئي اهو عوام جي ڳالهه ڪندو ۽ ان بابت سوچيندو. اسان ڪالهه به اهو سوال اٿاريو هو ته ڀلا ايئن ڇو آهي ته ڪالهه جا حڪمران جڏهن اڄ اپوزيشن ۾ آهن ته موجوده حڪمرانن جي پاليسين کي عوام مخالف سمجهن ٿا جڏهن ته اهي ساڳيون پاليسيون سندن حڪمراني واري دور ۾ به هيون پر تڏهن اهي ان کي عوام مخالف پاليسي نه پيا سمجهن. ايئن ئي مسلم ليگ (ن) جي موجوده پاليسي ڪا ٻي حڪمران جماعت اختيار ڪري ها ته ڇا مسلم ليگ (ن) اپوزيشن جماعت طور انهن پاليسين جي حمايت ڪري ها، نه بلڪل به نه. ان جو سبب اهو آهي ته اپوزيشن ۾ رهندي انهن جو حڪمراني وارو طاقت جو نشو لٿل هوندو آهي. وري اڄ جي اپوزيشن جماعت جيڪا عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي سا جڏهن حڪمران جماعت بڻجي ۽ طاقت جي نشي ۾ چُور هوندي ته پوءِ ان کان به عوام ۽ ان جي خدمت وسري ويندي. تنهن ڪري مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت کي هڪ لمحي پاڻ کي اپوزيشن جماعت بڻائي سوچي ته ڇا اها پوءِ ان حڪومتي پاليسي کي قبول ڪندي؟